خلافت
اسلام جي سياسي۽ انتظامي نظام جو نالو خلافت راشده آهي ۔ خلافت جون ذميواريون سنڀاليندڙ کي خليفه المسلمين يا امير المومنين چئجي ٿو۔ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي وفات کان بعد خلافت راشده ئي مسلمانن کي متحد رکندي آئي هئي ۽ قريش خاندان جا صحابئ رسول ئي خليفا بڻيا ۽ امت مسلمه جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا۔
خلافت راشده قرآن و سنت جي روشني ۾
سنواريوخلافت هڪ اهم تريم فرض آهي , جنهن جي ادائگي مسلمانن مٿان لازم آهي . قرآن پاڪ ۾ بني آدم کي خليفه الله جو لقب مليل آهي ..اهڙي طرح بني آدم مان مسلمانن کي دنيا ۾ نيڪي کي قائم رکڻ ۽ برائي کي ختم ڪرڻ جي ذميواري ڏنل آهي . ان ذميواري جي ادائگي لاء امت کي هڪ جماعت جيان گڏ رهي ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪم هڪ امير يا خليفي کانسواء ممڪن نه آهي . انهي ڪري رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته
"امير (خليفه المسلمين ) ڍال آهي , سندس اڳواڻي ۾ مسلمان جهاد ڪندا آهن ۽ ڪافرن کان دفاع ڪندا آهن." هڪ ٻين روايت ۾ آهي ته
((وعن ابن عباسؓ قال قال رسول اللّٰہﷺیوم من امام عادل افضل من عبادۃ ستین سنۃ وحد یقام فی الارض بحقہ ازکی فیھا من مطر اربعین عاما)) [1]
ابن عباس رضي الله عنه کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو "هڪ انصاف پسند امام جو هڪ ڏينهن ستر سالن جي عبادتن کان ڀلو آهي ۽ لاڳو ڪيل هڪڙي حد جو قيام چاليهه سالن جي برساتن جيتري خوشحالي جو سبب آهي .
خلافت راشده جي اهميت
سنواريوخلافت امت مسلم جي مرڪزي حيثيت رکي ٿي . خلافت ئي واحد ادارو آهي ,جيڪو مسلمانن کي متحد رکندو آيو هو , ايتري قدر جو جڏهن اسلامي سلطنت جا صوبا خودمختيار ٿي ويا , ان جي باوجود به انهن رياستن ۾ خليفي جو اثر رسوخ جاري رهيو , مسلمان هر خطبي ۾ وقت جي خليفي جو نالو کڻندا هئا ۽ سندس حفاظت ۽ سلامتي جون دعائو گهرندا هئا . امام سنڌ علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله عليه مطابق خلافت فرضن جي ماء آهي . ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصو خليفي کان بغير رهڻ حرام آهي , بلڪ حديثن ۾ اچي ٿو ته بغير خليفي جي بعيت جي موت اچي وڃي ته اها جاهليت جي موت ٿيندي . اهو ئي سبب هو جو جڏهن هلاڪو خان بغداد تي حملو ڪري آخري عباسي امير المنتنصر کي شهيد ڪري امارت جو ادارو ختم ڪيو ته ان جي ٽن سالن جي اندر ئي مسلمانن مصر ۾ نئين امير جي چونڊ ڪئي . جڏهن برطانيه ۽ سندس ايجنٽ مصطفي ڪمال پاشا ترڪي جي امارت ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هندوستان , افغانستان ۽ چين سيت سڄي اسلامي دنيا ۾ خلافت جي بچاء لاء زوردار تحريڪون هليون . خلافت راشده جي خاتمي کان بعد به برصغير جي مسلمانن خلافت جي نئين سر قيام لاء گهڻيون ڪوششون ورتيون , مگر عالمي سامراج ۽ ايجنٽ ۽ مفاد پرست حاڪمن جي ڪري ٻيهر ڪڏهن به خلافت راشده يعني امارات بحال نه ٿي سگهي
خلافت جا رڪن
سنواريومجلس شوري
سنواريومجلس شوري يا اهل العلم وعمل کي اسان جديد اصطلاح ۾ پارليامينٽ به چئي سگهون ٿا .هي خليفي يا امير جي صلاحڪارن جي جماعت هوندي آهي , جنهن ۾ امت جا صالح ۽ عالم افراد شامل هوندا آهن , جن مٿا مسلمانن جو پورو پورو اعتماد هوندو آهي . هي نه صرف خليفي يا امير کي مختلف معاملن ۾ صلاح مشورا ڏيندا آهن , پر هڪ خليفي يا امير جي وفات يا معزولي بعد نئين خليفي يا اميرىجو انتخاب به شوري ڪندي آهي . قرون اولي ۾ شوري جا ڪارڪن صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين هئا , پر بعد ۾ جاگيرداري نظام اچڻ سبب هن اهم اداري جو خاتمو آيو .
خليفو يا امير
سنواريوامت مسلمه جو خليفو هڪ ئي ٿي سگهي ٿو , هڪ کان وڌيڪ خليفا ڪڏهن به تسليم نه ڪيا ويا آهن . خليفي جي چونڊ جي ذميواري امت جي صالح ۽ عالم فردن مٿان آهي , جيڪي پنهنجي تقوي ۽ پرهيزگاري سبب عوام ۾ مقبول هجن . خليفه المسلمين ۾ هيٺيون خوبيون هجڻ لازم آهن .
- خليفو قريش مان هوندو .
- عاقل هجي
- بالغ هجي
- مرد هجي
- حڪومت ۽ اقتدار جو خواهشمند نه هجي , بلڪ عوام جي اصرار تي خلافت جو منصب سنڀالڻ لاء تيار ٿئي .
- صالح هجڻ گهرجي
امير ۽ مملڪت
سنواريواسلامي سلطنت جو انتظام هلائڻ لاء خليفو ان کي صوبن يا رياستن ۾ ورهائيندو آهي ۽ رياستن مٿان گورنر مقرر ڪندو آهي , جن کي امير چوندا آهن . والين جا ٻه قسم آهن :
- امير عام :- جيڪو مڪمل طور خليفي جي تابع مشير رهي ٿو ۽ سندس اختيار محدود هوندا آهن .
- امير خاص :- هن طبقي جا امير مڪمل خودمختيار هوندا آهن , جن مٿان خليفي جو اختيار نه هجڻ برابر رهي ٿو , هي امير صرف خليفي جو ڏن ڀرو رهي ٿو . رياست خودمختار سڀ کان پهريان اسپين ۾ تڏهن قائم ٿي , جڏهن بنو عباس مملڪت جون واڳون سنڀاليون ۽ اموي شهزادن اسپين ۾ وڃي اتي پنهنجي خودمختيار حڪومت قائم ڪئي . اهڙي طرح جيڪي به خودمختيار ۽ آزاد حاڪم هٿ گذريا آهن سي خاص امير هئا . هندوستان جا دهلي وارا حڪمران ۽ مغل امير به خاص اميرن جي فهرست ۾ شامل آهن۔
خلافت راشده
سنواريورسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جي وفات کان بعد صحابي سڳورن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه کي پهريون خليفو مقرر ڪيو۔ سندس وفات کان پوء حضرت عمر فاروق، حضرت عثمان غني , حضرت علي مرتضي ۽ حضرت امام حسن رضوان الله عليهم اجمعين کي هڪ ٻئي کان پوء خليفو مقرر ڪيو ويو۔
جيئن ته سمورا خليفا مسلمانن جي مجلس شورٰي جي ذريعي قريش خاندان مان مقرر ٿيا هئا ۽ سندن دؤر ۾ مڪمل اسلامي نظام نافذ هو ۔ ان ڪري ان دؤر کي خلافت راشده جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ خليفن کي خلفاء الراشدين سڏجي ٿو ۔ خلافت راشده 11 هجري کان 41هجري تائين قائم رهي۔
امارات بنو اميه
سنواريوامير معاويه بن ابي سفيان ۽ امام حسن جي وچ ۾ صلح جي نتيجي ۾ امارات امير معاويه جي هٿ ۾ آئي ۽ حضرت معاويه کان بعد سندس خاندان جا مختلف افراد خلافت تي قابض ٿيا ۔ امير معاويه جو تعلق بنو اميه قبيلي سان هو۔ ان ڪري سندن خاندان جي دؤر کي امارات امويه يا اموي دؤر سڏجي ٿو۔
بني اميه جا اڪثر حاڪم سخت مزاج هئا ۔ پر ساڳئ وقت سندن دؤر ۾ سلطنت اوڀر ۾ سنڌ باب الاسلام ۽ اولهه ۾ اسپين تائين پهتي۔ مدرسا، درسگاهون، اسپتالون، پليون ۽ سراهيون قائم ٿيون ۽ مملڪت ۾ امن امان قائم ڪيو ويو ۔ قرآن شريف ۾ اعراب لڳايا ويا ۽ سڀ کان پهريان حديثن کي ڪتابي صورت ۾ جمع ڪيو ويو.
خلافت بنو عباس
سنواريوبنو اميه کان پوء خلافت جون واڳون بنو عباس خاندان ڏانهن منتقل ٿي ويون ۔ بنو عباس جو دؤر علم ، ادب ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو دؤر هو ۔ يوناني ، سنسڪرت ،مصري ۽ رومي ڪتابن جو عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو ۔ مسلمان سائنسدانن سائنس جي ميدان ۾ نيون نيون ايجادون ۽ دريافتون ڪيون ۔ اهڙي طرح امت مسلمه ادب ، سائنس ، تاريخ , فلسفي ، سياسيات ، سماجيات ۽ ٻين علمن ۾ ترقي ڪئي ۔ تنهنکان سواء ڪفر سان جهاد جو سلسلو پڻ برقرار رهيو ۽ اسلامي سلطنت جي پکيڙ وڌندي وئي ۔ پر آخر ۾ اسلامي سلطنت ڪمزور ٿي وئي ۽ 1258ع ۾ منگولن دار الخلافت بغداد تي ڪاهه ڪري آخري عباسي خليفي کي قتل ڪري خلافت جو خاتمو ڪيو ۔ ان جي ٽن سالن بعد مصر جي بادشاهه بيبرس خليفي جي فرزند جي خلافت جو اعلان ڪيو ۔
خلافت عثمانيه
سنواريو- مڪمل مضمون لاءِ ڏسو:خلافت عثمانيہ
عثماني سلطنت جي يارهين حاڪم سلطان سليم مصر فتح ڪري آخري عباسي خليفي کي قتل ڪري پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو ۔ اهڙي طرح عثماني خلافت جي شروعات ٿي ۔ هي دؤر پڻ امت جو سنهري دؤر هو ۔ پهرين مهاڀاري جنگ کان بعد ڪمال اتاترڪ برطانيه جي اشاري تي 1922ع ۾ آخري عثماني خليفي سلطان عبدالمجيد ثاني کي تخت تان لاهي خلافت جو خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ ترڪي ۾ لادينيت کي لاڳو ڪيو ۔ خلافت جي خاتمي جي ڪري اسلامي وحدت کي وڏو نقصان رسيو ۔ جنهن جو فائدو يهودين ۽ عيسائين ورتو ۔ اهڙي طرح 1948ع ۾ اسرائيل قائم ٿيو ۔ مسلمانن جي ملڪن ، زمينن ، معيشت ۽ سياست تي مغربي دخل ڏيڻ لڳا ۔
متفرق خلافتون
سنواريومٿين خلافتن کان سواء ڪي ٻيون خلافتون پڻ مختلف علائقن تي قائم ٿيون هيون ۔ جن جو اثر رسوخ گهٽ رهيو آهي ۔ جيڪي هيٺ لکجن ٿيون ۔
خلافت راشده ثاني
سنواريوخلافت عثمانيه جي زوال کان بعد مسلمانن جي مرڪزيت ختم ٿي وئي ۽ مسلمانن جي حالت بدتر ٿيندي وئي ۔ ان حالت ۾ ڪيترن ئي مسلمانن کي خلافت جي ٻيهر واپسي جي اميد آهي ، جيڪا سندن گذريل عروج ۽ شان موٽائي سگهي ٿي ۔ انهيَ مقصد خاطر ڪيتريون ئي تحريڪون پڻ هلي رهيون آهن ۔ خلافت جي واپسي جا حامي هن حديث کي ان لاء دليل بنائيمدا آهن ، جنهن ۾ خلافت جي واپسي جي پيشنگوئي ٿيل آهي ۔
" عن النعمان بن بشير عن حذيفة قال قال رسول الله صلى الله عليه وسلم تكون النبوة فيكم ما شاء الله أن تكون ثم يرفعها الله تعالى ثم تكون خلافة على منهاج النبوة ما شاء الله أن تكون ثم يرفعها الله تعالى ثم تكون ملكا عاضا فتكون ما شاء الله أن تكون ثم يرفعها الله تعالى ثم تكون ملكا جبرية فيكون ما شاء الله أن يكون ثم يرفعها الله تعالى ثم تكون خلافة على منهاج نبوة ثم سكت .
ترجمو : حضرت نعمان بن بشير کان روايت آهي , هن حضرت ابوحذيفه رضي الله عنه کان روايت ڪئي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته "جيستائين الله چاهيندو توهان ۾ نبوت جو دور رهندو پوء الله جي حڪم سان اهو دور ختم ٿي ويندو ان کان بعد نبوت جي طرز تي خلافت قائم ٿيندي , اها به جيستائين الله گهرندو تيستائين رهندي , ان کان بعد بادشاهت ايندي , هاب به ايستائين رهندي جيستائين الله چاهيندو , ان کان بعد جيستائين الله چاهيندو توهان ۾ ڏاڍ ۽ جبر واري بادشاهي هلندي , پوء الله ان کي به کڻندو ان کان بعد ٻيهر نبوت جي طرز تي خلافت قائ ٿيندي . " (ابو حذيفه چيو ته ) ان کان بعد پاڻ عليه السلام خاموش ٿي ويا.[2]