ڪراچي بندرگاھ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ مصروف ترين بندرگاھ آھي۔ ھتان کان سالانو 2.5 ڪروڙ ٽن جي سامان جي تجارت ٿيندي آھي، جيڪا پاڪستان جي ڪل تجارت جو تقريباً 60% آھي۔

بندرگاھ قديم ڪراچي شھر جي مرڪز جي ويجھو ڪيماڙي ۽ صدر جي علائقن جي وچ ۾ واقع آھي۔ پنھنجي جاگرافيائي محل وقوع جي ڪارڻ ھي بندرگاھ اھم آبي گزرگاھن مثلاً آبنائي ھرمز جي بالڪل ويجھو واقع آھي۔ بندرگاھ جو انتظام ھڪ وفاقي اداري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي حوالي آھي۔ ھي ادارو اڻويھين صدي عيسوي ۾ برطانوي دور حڪومت ۾ قائم ڪيو ويو ھو۔