دواساز صنعت(انگريزي: The pharmaceutical industry) مرضن جي علاج لاءِ دوائون دريافت ڪرڻ، ٺاھڻ، پيدا ڪرڻ،۽ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جو نالو آهي[1] دواساز ڪمپنيون پنھنجي ڏنل نالي سان(انگريزي: branded) يا ڪمپني جي نالي کان بغير (انگريزي: generic) دوائون ۽ طبي پرزا(انگريزي: devices) ٺاھينديون آھن. اھو سمورو صنعتي ڪاروبار دوائن متعلق قانونن، قائدن ۽ ضابطن جي تحت ھلندو آھي جنھن م حق محفوظ قانون (patent rights) ۽ٽريڊ مارڪ پڻ شامل آهن.

گلائويڪ(انگريزي: Glivec) ، ھڪ دوا جيڪا ڪينسر جي کوڙ قسمن جو علاج آھي جيڪا مارڪيٽ م نووارٽس آندي آهي جيڪا دنيا جي وڏين دواساز ڪمپنين مان ھڪ آھي

تاريخ سنواريو

جديد دواساز صنعت جي شروعات مقامي لائسنس يافتہ دواسازن(انگريزي: apothecaries) جيڪي روايتي جڙي ٻوٽين وارين دوائن جي ڪاروبار مان اڀريا جن اڻويهين صدي جي وچين دؤر ۾ ٿوڪ(انگريزي: wholesale) واري صنعت ۾ مارفين ۽ ڪؤنين(انگريزي: quinine) موڪلڻ شروع ڪيون. انھن آفيم مان سور ۽ آرام ڏيڻ واريون دوائون ٺاھيون.ھڪ جرمن پنجساري فريڊرڪ سرٽرنر آفيم مان ٺاھيل ان مرڪب کي يوناني خوابن واري ديوتا مارفيس جي نالي تي مارفين رکيو.ان ساڳي دؤر ۾ اڄوڪين گھڻ قومي ڪمپنيون جھڙوڪ: مرڪ ، ھوفمن لا روچ، بروز ويلڪم(جيڪا ھاڻيگليڪسو سمٿ ڪلن جو حصو آهي)، ابٽ ليبارٽريز، ايلي للي ۽ اپ جان(ھاڻي فائزر جو حصو آهي) اھي ننڍڙن دوائن جي دڪانن سان شروع ٿيون ھيون.1880 واري ڏھاڪي جي پوئين حصي ۾ جرمني جي خضاب ٺاھيندڙ صنعتڪارنڏامر(انگريزي: coal-tar)يا ڊرانڀر، ۽ ٻين معدني وسيلن مان ملاوٽ کان پاڪ انفرادي نامياتي مرڪب مطلق نموني سان دريافت ڪيا جنھن سان انھن نامياتي ڪيميائي ترڪيبن جا شروعاتي طريقا دريافت ڪيا [2] انھن ڪيميائي ترڪيبن جي واڌ ويجھ سائنسدانن کي ڪيميائي مادن جي ترڪيبي بناوٽ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي جنھن سان دواسازي جي سائنس ۾ واڌرو ٿيو

حوالا سنواريو

  1. McGuire, John L.; Hasskarl, Horst; Bode, Gerd; Klingmann, Ingrid; Zahn, Manuel (2007). Pharmaceuticals, General Survey. doi:10.1002/14356007.a19_273.pub2. 
  2. "Top Pharmaceuticals: Introduction: EMERGENCE OF PHARMACEUTICAL SCIENCE AND INDUSTRY: 1870-1930".