قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت يا قانونساز ادارو(انگريزي: legislature) ھڪ مباحثي واري مجلس جنھن کي حڪومت ۽ رياست جو پوري سياسي نظام لاءِ قانون ٺاھڻ جا اختيار ھوندا آھن. عام طور تي قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت کي انتظاميہ ۽ عدليہ وانگر رياست جو ٿنڀو تصور ڪيو ويندو آهي.قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت جي ٺاھيل قانونن کي ابتدائي قانونسازي سڏيو ويندو آهي. قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت جي ميمبرن کي ليجسليٽر سڏيو ويندو آهي جيڪي اليڪشن ذريعي چونڊجي ايندا آهن . ڪنھن ڪنھن نظام ۾ مٿئين ايوان جا ليجسليٽر انتظاميه طرفان پڻ مقرر ڪيا ويندا آهن.ھي ادارو سياسي وجود رکندڙ(انگريزي: political entity) ھوندو آھي ۽ ھڪ خودمختيار رياست اندر ھڪ اھم ادارو ھوندو آھي. ھي ادارو اڪثر آئيني ھوندو آھي ء آئين مطابق ڪم ڪندو آهي. ھن اداري کي ملڪ يا علائقي جي بجيٽ منظور ڪرڻ ء ان ۾ ترميم ڪرڻ جا پڻ اختيار ھوندا آھن


نقشي ۾ مختلف ملڪن جي قانون جوڙڻ جي ادارن جا نالا ڏنل آھن

مختلف ملڪن ۾ قانون جوڙڻ (قانونسازي) جي جماعت جا مختلف نالا ھوندا آھن.جن ۾ مجلس شوریٰ، ڪانگريس، ڊائٽ، پارليامينٽ، قومي اسيمبلي، نيشنل اسيمبلي شامل آهن.ھن اداري جا سربراهه جا بہ مختلف نالا ھوندا آھن جن م اسيمبلي جو صدر، چيئرمين، اسپيڪر وغيره شامل آھن. اداري جا اجلاس ڪورم جي مطابق ٿيندا آهن

حوالا سنواريو