سنڌي ادب

سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي تاريخ

سنڌي ادب (انگريزي: Sindhi literature) سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي،[1] ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو.[2] سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ نثري صنفن ڪهاڻي، مضمون، ناٽڪ ۽ ناول جي شروعات انگريز دور ۾ موجوده رسم الخط جُڙڻ سان ٿي.[3] سومرن جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ پهرين صنف مقامي جنگ نامن، رزميا داستان، عشقيا داستانن جي عام قصن سان ٿي.[4]

عرب حملي کان اڳ سنڌ ۾ گيت ڳائڻ جو راوج قائم هو، محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي، سنڌ جي ڪجهه قبيلن گيت ڳائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو هو.[4] سنڌي شاعرن جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو، پر اها عربي ٻولي ۾ لکي ويندڙ شاعري هئي،[5] ڪن محققن جو خيال آهي ته عيسوي سن جي ابتدا يا ان کان به اڳ لکت جي حوالي سان سنڌي زبان يا سنڌي جي ڪا زبان موجود هئي،[6] يا وري شاعري جي هڪ سٽ اره بره ڪنڪره، ڪراڪره مندره جنهن جي تشريح سنڌيءَ ۾ هن طرح ڪن ٿا ته: اهڙو ٻُڙو (ٻاجھ) ڪو ڪري جو ڪري مينڌرو, ان کي پڻ ڪي سنڌي محقق عرب دور جي سنڌي شاعري ڪوٺين ٿا، پر صرف اهو هڪ گمان آهي.[7]

موهن جو ڌڙو

ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي، پر ويدن ۾ سنڌو ماٿري جي شاعري ۽ رقص جي واکاڻ سنڌي ادب جي قديم هجڻ جو ثبوت آهي.[8][9]

عرب دور کان اڳ

رائي گهراڻي جي زماني ۾ سنڌ جو انتظام باقاعده هڪ زبردست دفتري ٻولي جي وسيلي هلايو ويندو هو. سنڌ جي وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ علم جا باقائده مدرسا سنڌي ٻولي ۾ موجود هئا. ان وقت جي سنڌي ٻولي جا حرف عبراني زبان سان ملندا هئا. هن دور جو ادب يعني شاعري، نظم، نثر، سڀ ناپيد آهن، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته عرب فاتحن پنهنجي دستور موجب شايد انهي عالمي خزاني کي نذر آتش ڪري ڇڏيو.[1]

عرب دور (711 کان 1050 )

مون ابو عليءَ کان فنا ۽ توحيد جو علم سکيو، ۽ ابو عليءَ مون کان ’الحمد‘ ۽ ’قل هو الله احد‘.

— بايزيد بسطامي

عرب دور ۾ سنڌي شاعرن جا حوالا ملن ٿا[5] ۽ ان دور ۾ قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جا مثال پڻ ملن ٿا،[10] پر سنڌ جي ليکڪن جي گھڻائي انهن کي سنڌي ادب جو دور نٿا ڪوٺين.[8] چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيٰ بن برمڪيءَ جي روبرو هڪ جملو ”اره بره ڪنڪره، ڪرڪري مندرا“ پڙهيائين. هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن آفريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو. انهي دور ۾ ابو علي سنڌي جو ذڪر پڻ ملي جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته پاڻ بايزيد بسطامي جا پڻ استاد هئا.[11]

سومرن جو دؤر (1024ع کان 1351ع)

سنڌي علم و ادب جي تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ادب جو بنياد ۽ اوسر وارو باقاعده دور سومرن جي دور کي سمجهيو وڃي ٿو. توڙي جو سومرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ۽ سرڪاري ٻولي عربي هئي پر سومرا حڪمرانن جي مادري زبان سنڌي هجڻ سبب ان دور کي سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور تصور ڪيو ويندو آهي.[12][13] سومرون جي دور کان وٺي مير جي دور جي خاتمي تائين، جيئن ته سنڌي ٻولي جي صورتخطي موجود نه هئي، ان لاءِ ان وقت سنڌي ڪتاب يا نسخا ديوناگري، خواجڪي سنڌي يا ٻين لپين ۾ لکيا ويندا هئا.[2]

شاعري

 
فنڪار چنگ وڄائيندي

ڳاھ جي صورت ۾ سنڌ ۾ بيت سومرا دور کان ملڻ شروع ٿين ٿا، هن دور ۾ ڳاهه، سهرا ڳيچ يا گيت ۽ گنان جي صنفن جي ايجاد ٿي. ان دور ۾ لوڪ شاعرن، ڀٽن، ڀانن ۾ استانن کي منظم انداز ۾ شاعري جي روپ ۾ پيش ڪيو. ڀَٽ ۽ چارڻ زباني طرح سنڌ جي نشر ۽ اشاعت جو ڪم ڪندڙ هئا، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ شاعريون پڙهي فوج ۾ گرم جوشي ۽ ولولو پيدا ڪندا هئا ۽ عام ڏهاڙن ۾ ملڪي خبرون بيتن ذريعي ماڻهن ڏي متنقل ڪندا هئا. سنڌي موسيَقيءَ ۾ ڪيرت جو مؤجد پڻ انهي دور جا ماڻهو هئا، ڪيرت سورھين سرويچن جي ساراھ ۽ واکاڻ واري ڳائڻ کي چئبو آھي. جنهن مان اڳتي هلي وھاڳ ۽ پرڀاتي راڳ پيدا ٿيا. سومرن جي دور ۾ سياسي استحڪام سبب سنڌي ادب ۽ خاص ڪري شاعري جو ماڻهن کي وڏو شوق پيدا ٿيو. ان وقت جون ڪئين رومانوي داستان جيڪي اڄ به قصن جي صورت ۾ رائج آهن.[4][14][15]

ڳاهه

اڪ نه ڪجي ڏندڻو، سپ نه کائجي ماهه،
اتي لائجي نينهڙو، جتي ٿئي نه جيءُ وڻاهه،
تن سونارن الا، مون من موهيو وري.

— عشقيه داستان ”ڏمڻ سوناري“ بابت ڳاهه[16]

ڳاهه سنڌي شاعري جي هڪ قديم صنف آهي، جنهن کي سنڌي بيتن جي اوائلي صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. ڳاھ فني لحاظ کان دوهو صنف جي صورت آهي.اها صنف مختلف داستانن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ڳاهه هڪ قسم جا واقعاتي بيت آهن جيڪي داستان يا ڳالھ دوران وچ ۾ چيا ويندا هئا. ڳاهون سومرن جي دؤر کان شروع ٿيل ڀانئنجن ٿيون. هن دور ۾ ڀاڳُو ڀان يا ڀاڳوند ڀان ۽ سمنگ چارڻ ڳاهه جا بادشاهه شاعر هئا، هيءُ ڳاهه صنف جا موجد به ڪوٺيا وڃن ٿا. ڳاهه لاءِ مشهور ٻه رهيا آهن، هڪ ڳاهه هندي جي ”دوهي“ کان الڳ آهي ۽ ساخت ۾ هڪ نج سنڌي دوهو آهي. ٻيو، ڳاهه راجستان جي صنف لوڪ گاٿا جي ڦريل صورت آهن. آڳاٽي زماني ۾ جيئن ته ماڻهن وٽ لکڻ پڙهڻ جي سهولت نه هئي ان لاءِ ماڻهو واقعن کي شاعري ذريعي بيان ڪندا هئا ۽ ان کي بعد ۾ ڳاهه جو نالو ڏنو ويو.[4][14][15] ڀاڳو ڀان جي چيل هڪ ڳاھ جو مثال: پيءُ پُڄاڻا پاڳڙي، دودا ڀانءِ مَ راند. سڱ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند.

گيت

سومرن جي دور ۾ شروع ٿيل ذڪر ۽ سماع سهرو ڳيچ يا گيت جا سلسلا رهيا. سنڌ ۾ اصل ۾ سهرو پر ان کي ڳيچ يا گيت به چئبو جيڪي سومورن جي دور جون مقبول صنفون آهن. سومرن جي زماني ۾ جيڪو سماع ڳايو ويندو هو ان جي قسم کي گيت چيو ويندو آهي. سنڌي گيت جي پهرين شاعره مائي مرکان شيخڻ کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪا پڻ سومرن جي دور جي شاعره هئي.[17]

گنان

گنان اسماعيلي فرقي جي بزرگن جي مذهبي شاعري آهي، جيڪا سومرا دور ۾ سنڌ اندر شروع ٿي.اسماعيلي داعين مقامي ماڻهن ۾ تبليغ لاءِ مقامي ٻولي جو سهارو ورتو. پير صدرالدين اسماعيلي پهريون مبلغ هو جنهن جا گنان خواجڪي سنڌي ۾ لکيل آهن.[18] گنان سنسڪرت جي لفظ گيان مان نڪتل آهي.[19] گنان قديم سنڌي نظم جي هڪ صنف آهي. گنان جي شروع ۾ هڪ وراڻي ٿيندي آهي، جيڪا هر بند جي پوري ٿيڻ کان پوءِ دهرائي ويندي آهي. گنان کي سنڌي وائي ۽ ڪافي جي پاڙ پڻ چيو ويندو آهي.[20]

رومانوي داستان

سومرا دؤر سنڌي رومانوي داستانن جي حوالي سان انتهائي اهم دؤر آهي.[21] سنڌ جي عام مقبول ڪھنن قصن ۽ عشقيه داستانن جي عنوان تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته، انھن مان گھڻن جو بنياد سڌو، سومرن جي دور واريءَ سرزمين ۾ لڳل نظر ايندو.[22] سنڌ جا رومانوي قصا ۽ رزميه داستان، ھن دور جا لافاني يادگار آھن. عمر مارئي، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ دودو چنيسر، ھن زماني جا اھي تمدني ۽ ادبي پھلو آھن جن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آھي.[23] سومرا دور جا رومانوي قصا اڄ جي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن، جيڪي تمثيل طور اڄ تائين پڻ رائج آهن.

سمن جو دؤر (1352 کان 1524)

سمن جي دور جي حڪومت 1350 کان 1520ع تائين هوي سمن جي دور ۾ شيخ حماد،اسحاق آهنگر،مخدوم احمد ڀٽي،قاضي قاضن،عيسي لنگوٽي،شيخ لاڏ جيو شاعر هئا.سمن جي دور ۾ مخدوم جعفر بوبڪائي به وڏو عالم هو. سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري جي صنف ڳاهن ء عشقيه داستان جي شروعات ٿي.سمن جي دور جو مشهور شاعر قاضي قاضن هيو هن دور جي شاعرن جو ذڪر ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو سمن جي دور جو عشقيه قصو نوري ڄام تماچي جي داستان آهي.[24]

رومانوي داستان

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو داستان نوري ڄام تماچي

هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي، رومانوي داستان اڪثر افسانوي هوندا آهن، پر نوري ۽ ڄام تماچي جو قصو محض افسانو ڪونهي، بلڪه اهو هڪ نيم تاريخي داستان آهن، جنهن ۾ تماچي جي شخصيت تاريخي آهي، جڏهن ته نوري جي شخصيت حقيقي پر پسمنظر افسانوي آهي. هي داستان اڄ به سنڌي نثر توڙي شاعري ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهي.[25]

شاعري

سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا. ماموئي جا بيت، پيشن گوئي جي صورت ۾ چيل آهن.[26]

ارغونن، ترخانن، ۽ مغلن جو دؤر

ارغون(1520–1554)

 
سنڌي ڪتاب

ارغون دور ۾ سنڌ اندر تعليم جي لاءِ مدرسن جو وڌو ڄار وڇايو ويو، جنهن سبب سنڌي کان وڌيڪ فارسي ٻولي رائج ٿيڻ لڳي، سنڌي عالم به بيت، ڪتاب فارسي ۾ لکڻ لڳا، ۽ ان دور ۾ سنڌ علمي ۽ ادبي حوالي سان ايران جو ڏيک ڏيڻ لڳي. سنڌي عالمن پاران ان وقت تمام گھٽ ادب سنڌي ۾ سرجهيو ويو، آئين اڪبري، تاريخ طاهري، تاريخ معصومي ۽ ٻيا سوين ڪتاب سنڌي عالمن فارسي ۾ لکيا. هن دور ۾ قاضي قاضن جهڙن سنڌي عالمن فارسي سان گڏ، سنڌي بيت چيا ۽ تحرير ڪيا، جيڪي بعد ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ڪلام سان گڏ هٿ آيا.[26]

شاعري

ارغون دور ۾ سنڌي شاعري مٿان هندوستاني ڏوهيڙي جو اثر گھٽجي ويو ۽ فارسي جي ڪلام جو اثر مٿس حاوي ٿي ويو. سمن جي ڏينهن ۾ ايراني شعر (فارسي) جو اثر يعني بحر، قافيه ۽ تشبيهون اثر سنڌي شاعري مٿان تمام گھٽ هو. ايراني شاعر ۽ عالم ارغون دور ۾ سنڌ آيا ۽ علمِ عروض، بحر ۽ قافيه جون بندشون فارسي شعر مان سنڌي شاعري ۾ داخل ٿيون. هن دور ۾ جيڪا سنڌي شاعري هئي، ان کي ڪجهه تحريري صورت جا بنياد فرهام ڪندڙ قاضي قاضن هو. قاضي قاضن جو ديوان فارسي ۾ به آهي، پر هن جي سنڌي بيتن جو اثر شاهه عبدالڪريم بلڙي واري تي حاوي رهيو، بعد ۾ اهو اثر شاهہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سامي تي به حاوي رهيو.[26]

ترخان (1554–1591)

شاعري

هن دور ۾ سنڌي شاعري ۾ وڏو نالو شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو آهي، شاهه صاحب پنهنجي شاعري لکڻ نه ڏيندو هو، پر سندس وفات کان ڇهه سال پوءِ ميان محمد رضا فارسي ۾ بيان العارفين نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن شاهه صاحب جا 107 بيت لکيا، جن مان 96 سنڌي ۽ 11 پارسي بيت شامل آهن. هن جي شاعري ۾ مثنوي رومي جو اثر ويٺل هو، پر هن ڪافي بيت الڳ انداز ۾ چيا. هن دور جي سنڌي شاعري جو اثر اڳتي هلي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي پڻ ٿيو، جنهن جو بلڙي واري سان عقيدت جو رشتو هو.[26]

مغل (1520ع کان 1599ع)

سنڌ تي مغل دور 1520ع کان به اڳ تيمور لنگ منگول کان قائم هو پر مستحڪم نه پئي رهيو. ترخان ۽ ارغون خود مغل سلطنت پاران صوبيدار طور مقرر هئا. 1599ع کان پوءِ اورنگزيب جي زماني تائين به مغل حڪمراني جو سنڌ تي اثر رهيو،ارغون ۽ ترخان دور ۾ڄاڻايل ادب مغل دور ۾ به شامل ڪيو ويندو آهي. هن دور ۾ ميون شاھ عنايت رضوي نصر پوري بيت ۽ وائي جي صنفن جو تمام وڏوشاعر ٿي گذريو جنهن جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي گھرو اثر پيو.

ڪلهوڙن جو دؤر (1682ع–1782ع)

ڪلهوڙن جو سنڌ تي حڪمراني جو عبوري دور 1682ع کان 1718ع تائين رهيو ۽1718ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي مغل پرواني تحت باقاعده سنڌ تي حڪمراني قائم ڪئي. ڪلوڙن جو دور سنڌي ادب جو سونهري دور ڪوٺيو ويندو آهي. هن دور ۾ 1700ع ۾ اوائلي سنڌي لپي مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جوڙي ۽ ڪتاب مقدم الصلوات لکيو. ٺٽي جي عالمن مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي، مخدوم يارو عرف معين ٺٽوي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وغيره ڪتاب لکيا جن کي سندن سِنڌي ڪوٺيو وڃي ٿو.شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙي عظيم شاعر جو شمار به ڪلهڙن جي دور ۾ ٿئي ٿو. ان کان علاوه مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، سمنگ چارڻ اهم مذهبي شاعر هئا. ڪلهڙن جي دور ۾ سچل سرمست جو ڏاڏو ميان صاحب ڏنو فاروقي به ڪافي جو شاعر هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ وائي ۽ بيت عروج ماڻيو ته ڪافي، عزل، مولود، مناجات، حمد، نعت، منقبت، دوهو، سورٺو جهڙيون شاعري جون صنفون رائج ٿيون.[27][28]

تنقيدي ادب

سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف جي شروعات ڪلهوڙا دور مان ٿيل ڀائنجي ٿي، جنهن ۾ قاضي قاضن، جنهن پهرين دفعي شاعري ۾ مرشد لاءِ جوڳي جو لفظ استعمال ڪيو هو،[29] ان سٽ تي ابو الحسن تنقيدي بيت لکيو. ان کي سنڌي ۾ پهريون تنقيدي ادب ڪوٺجي ٿو. هي بيٽ رهن ريت هئا:[30]

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾

تَهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري. (قاضي قاضن)


نه جوڳي ست عارف نه سمني گهي،

شده هريک ملحد و گمرهي. (ابوالحسن)


ٽالپرن جو دؤر (1783ع کان 1843ع

تالپر دور به سنڌي ادب جو اهم دور آهي. هن دور ۾ ڪافي جي صنف عروج ماڻيو ته مرثيو، نوحو، مثنوي، قصيدو، سلوڪ جهڙين شاعري جي صنفن مقبوليت ماڻي. سچل سرمست، سيد ثابت علي شاهه، سامي وغيره ٽالپر دور جا اهم شاعر ليکيا وڃن ٿا.[31]

انگريزن دؤر (1843 کان 1947)

انگريزن سنڌ ۾ 1843ع ۾ پير پاتو ۽ ڏهه سال کين سنڌي الف _ ب ٺاهڻ ۾ لڳا. يعني 1853ع کان انگريزن “باب نامي” جي نالي سان هڪ ٻاراڻو ڪتاب شايع ڪرائي نئين سنڌي ادب جو بنياد وڌو. سال 1843ع تائين سنڌي ادب ۾ ڪوبه ناول لکيو ڪونه ويو. جيڪڏهن ڪو لکيو به ويو ته ان جو نام و نشان به ڪونه آهي.[32]

ناٽڪ / ڊرامو

 

سنڌ ۾ ناٽڪ جي تاريخ اوڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سهيڙجڻ شروع ٿي. 1854ع ۾ رايل ٿيئٽر ڪراچي سنڌي ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم هو. اهڙي ريت ماڻهن ۾ ناٽڪ ڏسڻ، لکڻ ۽ پيش ڪرڻ جي دلچسپي وڌڻ لڳي.[33] اوائلي ناٽڪ ڌرمي نوعيت جا ۽ ڪتابي صورت تائين محدود رهيا. شاعر امام بخش خادم پاران 1879ع ۾ لکيل ناٽڪ ”هير رانجهو“، مرزا قليچ بيگ جي طبع زاد ۽ ترجمو ٿيل ناٽڪ ”خورشيد“ سنڌي ناٽڪ جي بنياد سمجهيا وڃن ٿا.[34]

1880ع کان 1920ع کي سنڌي ناٽڪ جو پهريون دور ڪوٺيو وڃي ٿو، 1894ع تائين سنڌي ناٽڪ صرف لکڻين جي صورت ۾ موجود هئا، جن کي بعد ۾ اسٽيج جي زينت پڻ بڻايو ويو. سنڌي ناٽڪ جيڪو پهريون دفعو ڪنهن اسٽيج ۾ پيش ٿي اها ڄيٺانند کلڻداس ڀرياڻيءِ جو ”نل دمينتي” هئي. انهي دور ۾ سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلين ۾ سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي، ڪراچي، ڌرم اپڪار ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور،[35] بندي ماترم ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد ۽ چانڊڪا ايميچوئرس ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو وغيره ڪافي شهرت ماڻي.[33]

سنڌي ناٽڪ جو ٻيو دور 1920ع کان شروع ٿي ٿو، جتي ناٽڪ جي فن ۾ وڌيڪ گھرائي آئي، جنهن ۾ پهريان ٻه ناٽڪ گلاب جو گل ۽ موتئي جي مکڙي خانچند درياڻي لکيا.[33]

ناول

سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف، انگريزي ادب ذريعي داخل ٿيو. 1854ع ۾ انگريزن طرفان ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو قاضي غلام حسين کان ڪرايو ويو. جلد ئي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ نالي هڪ ننڍو قصو شايع ڪرايو ويو. انهي ترجمي ۽ قصي کي سنڌي ناول نويسيءَ جو سنگ بنياد سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي ٻولي جو پهريون ناول ”راسيلاس“ آهي جيڪو ساڌونولراءِ ۽ منشي اڌا رام گڏجي لکيو هو. جيڪو 1870ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. ان کانپوءِ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگدلارام“ ناول لکيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناول ليکيو وڃي ٿو ۽ 1890ع ۾ ٻيو ناول ”زينت“ لکيو ويو. جنهن ۾ ٻارن جي پرورش ۽ صحت ۽ اصول ٻڌايا ويا آهن.[36] هن دؤر جي معياري طبعزاد توڙي ترجمي ٿيل ناولن ۾ لعل چند امرڏنو مل جا ’چوٿ جو چنڊ‘ (1906ع)، ’سون ورنيون دليون‘ (1925ع)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ’وريل نعمت‘ (1915ع)، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ’نورجهان‘ (1916ع)، خليق مورائيءَ جو ’سندري‘ (1923ع)، عبدالرزاق ميمڻ جو ’جهان آرا‘ (1931ع)، نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جا ’غريبن جو ورثو‘ (1946ع)، ’مالهڻ‘ (1946ع) ۽ ’ودوا‘ (1943ع) ۽ آسانند مامتورا جو ’شاعر‘ (1941ع) قابل ذڪر آهن. 1923 ڌاري هندوستان ۾ آزادي جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي ته سنڌي ناول جي دنيا ۾ سياسي ناولن جو وجود اچڻ لڳو. سن 1939ع کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائيءَ باقاعدي هڪ تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو جو اڳتي هلي رساله عبرت جي سلسلي ۾ تبديل ٿيو. ساڳئي زماني ۾ شڪارپور طرف برڪت علي آزاد ۽ شيخ اياز ۽ ڪراچي مان باغي ساهتيه وارن به چڱا ترقي پسند ناول شايع ڪيا.[37][38]

افسانو

سنڌي ادب ۾ افساني جي صنف 1914ع ڌاري انگريز دور ۾ شروع ٿي آهي. ڪوڙو مل پهريون سنڌي هو، جنهن افسانا لکڻ شروع ڪيا. هن اول بينگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجي جي افسانن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. 1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ مختصر افسانا اچڻ لڳا. 1940ع تائين افساني جي هن دور کي ترجمن وارو دور ڪوٺيو وڃي ٿو جتي گھڻي ڀاڱي ٻين ٻولين جا افسانا سنڌي ۾ ترجما ڪيا ويا، هن دور جي مشهور افساني نگارن ۾ ڄيٺمل پرسرام، لالچند امر ڏنو مل، پرڀداس ڀيرو مل، ۽ محمد عثمان ڏيپلائي کي چيو ويندو آهي. 1947ع انگريز راڄ جو آخري دؤر آهي. هن عرصي ٻين سڀني صنفن کان افسانا گهڻا شايع ٿيا. هن دور ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ننڍي کنڊ ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي، ان ڪري 90 سيڪڙو افسانن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما هو. هن ئي وقت سنڌي افسانن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جو اثر پيو.[39]

مضمون

سنڌي ادب ۾ مضمون لکڻ جي شروعات انگريز دور کان پوءِ ٿي. سنڌ جي صحافت جي شروعات کان پوءِ مضمونن لکڻ جو رواج پيو. معين الاسلام ۽ سنڌ سڌار جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته علم و ادب جا جيڪي به شعبا وجود ۾ آيا ۽ ترقيءَ جي منزل تي رسيا، تن ۾ انهن اخبارن ٻين سڀني وسائل کان گهڻو ڪم سر انجام ڏنو. مضمون جو اوائلي دؤر اُڻويهين عيسوي صدي جي نصف کان شروع ٿئي ٿو ۽ ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ان جو اختتام ٿئي ٿو. جوت اخبار مسلسل 50 سالن تائين سنڌي صحافت ۽ ادب جي آسمان تي چمڪندي رهي. هن اخبار ۾ گهڻا مضمون، ان جي ايڊيٽر پرمانند ميوارام جا شايع ٿيندا هئا. جوت، پرڀات ۽ سرسوتي مخزنن ۾ جن ٻين مضمون نگارن جا مضمون شايع ٿيا هئا، تن ۾ ايم ٽي گدواڻي، ريواچند آڏواڻي، ڀائي شامنداس، راءُ صاحب اُڌارام ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. ديوان نولراءَ 1890ع ۾ سڌار سڀا قائم ڪئي هئي. ان جي زير سايي هڪ مخزن سرسوتيءَ نالي سان جاري ڪيائين. جنهن ۾ اخلاقي، جسماني، مذهبي ۽ تعليمي نوعيت جا مضامين شايع ٿيندا هئا. ڪجهه عرصي بعد انهيءَ مان چونڊ مضامين ڪٺا ڪري هيري جون ڪڻيون نالي هڪ ڪتاب ڇپايو ويو. مرزا قليچ بيگ جون مضمون نگاريءَ ۾ ڪوششون قابل قدر آهن. جيئن جيئن مضمونن ۽ مقالن لکڻ جو رواج وڌيو، تيئن تيئن اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن کي ئي مناسب ۽ مستقل جاءِ ملڻ لڳي. ان دؤر جو ٻيو برک صحافي مولانا دين محمد وفائي آهي، جيڪو جدا جدا وقتن تي صحيفئه قادريه، الڪساشف، توحيد ۽ الوحيد جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن جا مضمون زياده تر مذهبي هوندا هئا، مگر چند ادبي ۽ سياسي مضمون پڻ لکيائين. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جا مضامين اڪثر و بيشتر اخبارن ۾ ڇپبا رهندا هئا، جي تاريخ، مذهب ۽ سياست تي هوندا هئا. جڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مئٽرڪ لاءِ سنڌيءَ کي لازمي سبجيڪٽ ۽ بي. اي لاءِ اختياري سبجيڪٽ قرار ڏنو ويو، تڏهن هن صنف اڃا به گهڻي ترقي ڪئي. جدا جدا ڪورسن جي مناسبت سان ڪيترائي سنڌي نثر ۽ نظم جا انتخاب شايع ٿيا، جن ۾ چونڊ سنڌي نثر ۽ چونڊ سنڌي نثر و نظم ڪافي مشهور آهن.[40]

پاڪستان ۾ سنڌي ادب

ناٽڪ / ڊرامو

گڏيل هندوستان ۾ سنڌي ناٽڪ ۽ منڊلين جا ڪرتا ڌرتا هندو هوندا هئا، جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هندوستان لڏي ويا، جنهن سبب سنڌي ناٽڪ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. لڏي ويل سنڌي هندن هندوستان ۾ وڃي ناٽڪ پيش ڪيا جڏهن ته سنڌ ۾ پروفيسر لطف الله بدوي، پروفيسر اڪرم انصاري، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ۽ پروفيسر مير محمد ڀيو جي ڪوششن سان تعليمي ادارن ۾ ڊرئيميٽڪ سوسائيٽيون برپا ٿيون، جن جي ذريعي سنڌي ناٽڪ جو بقا ممڪن ٿي. 1980ع يعني سنڌ ناٽڪ جي سو سالا جشن تائين، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ (ورهاڱي کان پوءِ) 75 کان وڌيڪ منڊليون سنڌي ناٽڪ لاءِ قائم ڪيون ويون.[33]

افسانو

قيام پاڪستان کان اڳ افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو پر پاڪستان قائم ٿيڻ بعد افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سنڌي زبان جا افساني نگار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو. ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽ ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني جي ترقي هو. حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي افسانن جا مجموعا شايع ٿيا، جي هاريءَ جي مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. 1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي. پاڪستان جي وجود بعد ڪيترن ئي عالمي شهرت رکندڙ اديبن جي افسانن کي پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ سنڌي افسانن جي حوالي سان مشهور ليکڪ جمال ابڙو، ابن حيات، علي احمد بروهي، آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، امرجليل، عبدالقادر جوڻيجو آهن. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن.[39]

مضمون

ورهاڱي کان پوءِ جن اديبن هن ميدان ۾ قدم رکيو آهي، تن ۾ ڪريم ڏنو راڄپر جو نالو خاص طرح سان ورتو وڃي ٿو. هن جا ڪيترائي مضمون نئين کيتي رسالي ۾ شايع ٿيا هئا. عطا حسين شاهه موسوي پڻ هن دؤر جو هڪ بهترين مضمون نگار ٿي گذريو آهي. هن جي مضمونن جو هڪ مجموعو ڪچ ڪوڏيون آهي، جنهن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي شهرت حاصل آهي.[41]

حوالا

  1. 1.0 1.1 غلام حيدر گبول، ادبِ سنڌ. سنڌي ادبي سنگت، جروار شاخ. سال 2014
  2. 2.0 2.1 ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري, سنڌي ادب جي ترقي ۾ صحافت جو ڪردار (ٻولي ۾ سنڌي), ڪارونجهر (تحقيقي جرنل) 
  3. فقير محمد سنڌي, سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار) قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو, سال 2013
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 احمد سومرو، سومرا دور ۾ سنڌي شاعري. ڪارونجهر تحقيقي جرنل, سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
  5. 5.0 5.1 رحيمداد خان مولائي شيدائي جنته السنڌ صه 166 ڇاپو 1993ع سنڌي ادبي بورڊ
  6. عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ( جلد پهريون)، سنڌي لينگئج اٿارٽي. سال 2004 صفحو 21
  7. ڊاڪٽر فيض جوڻيجو، طبقاتي فڪر جا سنڌي ادب تي اثر. سنڌ سڌار پبلشرز 2015
  8. 8.0 8.1 ادل سولنگي. سنڌي لوڪ ادب/پاڪستان جي ٻولين جو لوڪ ادب. عوامي آواز; 15 ڊسمبر 2015 [Retrieved 7 June 2018].
  9. Popaṭī Hīrānandāṇī (1984) (English ۾). History of Sindhi Literature: Post-independence, 1947-1978. 2. Prof. Popati R. Hiranandani. https://books.google.com/books?id=Q-ZjAAAAMAAJ. Retrieved 7 June 2018. 
  10. آن لائين سنڌي لغتون. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان (قرآن شريف). سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. http://dic.sindhila.edu.pk/define/%D9%82%D8%B1%D8%A2%D9%86%20%D8%B4%D8%B1%D9%8A%D9%81.php. Retrieved 7 June 2018. 
  11. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  12. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو. روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. ص 24
  13. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽيڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. سال 1999ع ص 153
  14. 14.0 14.1 دادا سنڌي، 'سنڌ جا عوامي ڪردار' سنڌ تحقيقي بورڊ, 1996ع
  15. 15.0 15.1 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽيڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. سال 1999ع ص 147
  16. جتوئي، عبدالوحيد، سنڌي شاعري، فن کان فڪر تائين، رچنا اشاعت گھر، 1998ع، ص: 46
  17. انور فگار هڪڙو، ”سنڌي شاعري جون صنفون“ (مقالو)، قومي ادبي ڪانفرنس – سومرا دور، مرتب ڊاڪٽر خورشيد عباسي، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 2007ع ص 159
  18. انور فگار هڪڙو، ”سنڌي شاعري جون صنفون“ (مقالو)، قومي ادبي ڪانفرنس – سومرا دور، مرتب ڊاڪٽر خورشيد عباسي، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 2007ع ص 166
  19. نور افروز خواجه، ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گھر، حيدرآباد، 2005ع ص: 48
  20. عبدالوحيد جتوئي، ”سنڌي شاعري - فن کان فڪر تائين“، رچنا اشاعت گھر، 1998 ص: 50 کان 51 تائين
  21. انسائيڪلوپيڊيا, سنڌيانا. "رومانوي داستان". encyclopediasindhiana.org. سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. حاصل ڪيل 9 June 2018. 
  22. نبي بخش خان بلوچ, 'ٻوليءَ جي مختصر تاريخ'. ص نمبر 54
  23. دادا سنڌي، 'سنڌ جا عوامي ڪردار' سنڌ تحقيقي بورڊ, 1996ع
  24. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named autogenerated1
  25. سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڇاپو: پهريون، سال: 1961ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  26. 26.0 26.1 26.2 26.3 خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ” ڇوٿون ايڊيشن، سال 2000ع، انسٽيٽوٽ آف سنڌيالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو
  27. Newspaper, From the (2011-08-13). "Kalhora dynasty: important part of Sindh’s history" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/651306. 
  28. George, K. M. (1992) (en ۾). Modern Indian Literature, an Anthology: Surveys and poems. Sahitya Akademi. ISBN 9788172013240. https://books.google.com.pk/books?id=m1R2Pa3f7r0C&pg=PA364&dq=kalhora+dynasty+literature&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiKp4H399LbAhUBXSwKHaJLAoYQ6AEINDAD#v=onepage&q=kalhora%20dynasty%20literature&f=false. 
  29. خان بهادر الحاج محمد صديق ميمڻ، ”سنڌ جي ادبي تاريخ” ڇوٿون ايڊيشن، سال 2000ع، انسٽيٽوٽ آف سنڌيالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو
  30. سنڌيانا, انسائيڪلوپيڊيا. "تنقيد". سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. حاصل ڪيل 10 June 2018. 
  31. George, K. M. (1992) (en ۾). Modern Indian Literature, an Anthology: Surveys and poems. Sahitya Akademi. ISBN 9788172013240. https://books.google.com.pk/books?id=m1R2Pa3f7r0C&pg=PA364&dq=talpur+dynasty+literature&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjOhZzv-NLbAhWJjCwKHfMkAwEQ6AEIODAE#v=onepage&q=talpur%20dynasty%20literature&f=false. 
  32. چار مقالا از محمد اسماعيل عرساڻي. سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع
  33. 33.0 33.1 33.2 33.3 سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، از ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، ڇاپو: پهريون، انسٽيوٽ آف سنڌيالاجي، 1969ع
  34. سيد زوار حسين شاهه نقوي (ڇپائيدڙ پاران)، ڪتاب: ڊراما، ليکڪ آغا سليم، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. ص: 4
  35. مير محمد نظاماڻي: ”سني ڊراما” اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1962ع. ص. 79
  36. مضمون، سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي: عبدالقيوم صائب. ڪتاب، سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس) آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سهريندڙ: سر عبدالحئي سومرو
  37. مضمون: انگريز راڄ ۾ سنڌي ٻولي (ممتاز بخاري). سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد-5) از مختيار احمد ملاح، ڇاپيندڙ سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو
  38. چار مقالا از محمد اسماعيل عرساڻي, باب:سنڌي ناول. سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع
  39. 39.0 39.1 چار مقالا از محمد اسماعيل عرساڻي, باب:سنڌي افسانا. سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع
  40. چار مقالا از محمد اسماعيل عرساڻي, باب:سنڌي مضمون. سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع
  41. چار مقالا از محمد اسماعيل عرساڻي, باب:سنڌي ناول. سنڌي ادبي بورڊ، 1955ع