راجپوت سنسڪرت جي ٻولَ راج پوترا منجهان ورتل آهي،[7][8] جيڪو ’راج پُتر ‘بڻيو ۽ ان مان ’راجپوت ‘لفظ بڻيو آهي جو مطلب آهي ته راجائن جا پٽ،[8][7] ۽ هو پنهنجي سلسلو نسبت ديو مالائي شخصيتن سان ڳنڍن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي ته، سندن مُنڍ ۽ اصليت جي باري ۾ ڪيترن ئي نظرين ۽ تصورن جا بنياد پيا. ايشوري پرساد چيو آهي ته هو ويدڪ دور جا ڇتري آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته سيهتن ۽ هُن (Hun) حملي آور جيڪي ڪجهه راجپوتانا ۾ آباد ٿيا ۽ هنن گونڊون ۽ بهارين برهمڻن سان برهمڻي مذهب قبول ڪري فوجي فوجي طاقت حاصل ڪئي.مسٽر سي وي ويديا چوي ٿو ته پرٿوي راج راسا جي ليکڪ چندر براءِ، راجپوتن کي سورج هنسي ۽ چندر هنسي ثابت ڪرڻ کان عاجز ٿي ڪري هڪ نئين نظريو تحت انهن کي 'اگني ڪل' سڏيو آهي. يعني هو باه جي خاندان مان آهن۽ ويششٽ، جيڪا قرباني ڪري باھ کي روشن ڪيو هيو.ان سان راجپوتن جو وارث اعلیٰ جنم رتو. پرهاڻي ڪجهه فاضل هندن ان شاعراڻي فساني کان انڪار ڪيو آهي ۽ گهڻن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته راجپوت قوم جي رڳن ۾ پرڏيهي رت آهي. ٽاڊ Todd پنهنجي مشهور ڪتاب 'راجسٿان جي تاريخ' ۾، انهيءَ نظرئي جي تائيد ڪئي ۽ راجپوتن کي وچ ايشيا جي ستهين قبيلن جي ويجهي طور قرار ڏنو. جيمز ٽاڊ چوي ٿو ته قديم زماني کان محمود غزنوي جي دور تائين گهڻين ئي قومن هندستان تي حملو ڪيو. اهي راجپوتن جي ڇٽيه راج ڪَل ۾ شامل آهن.اهم ڳاله هيءَ آهي ته، انهن جو ديوتا، انهن جو شجرو نسب، انهن جي قديم نالن ۽ گهڻين ئي حالتن چين، تاتار، مغلن، جٽ ۽ سٿهين سان گهڻي مشابهت آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ سولو آهي ته راجپوت ۽ مٿي ذڪر ڪيل قومون انهيءَ ساڳئي نسل سان واسطو رکن ٿا.

راجپوت

An 1876 engraving of the Rajputs of راجپوتانا, پاران دي اليوسٽريٽڊ لنڊن نيوز
ڌرم (مذهب) هندومت ۽ اسلام[1][2][3]
ٻوليون ھندي, ھريانوي ٻولي, پنجابي, ڀوجپوري,[4] اردو, گجراتي, ميٿلي,[5] مارواڙي, ميواري, سنڌي, ڊوگري ۽ پهاڙي
علائقو اتر پرديش, پنجاب, راجستان, گجرات, هماچل پرديش, اتراکنڊ, هريانا, آزاد ڪشمير, آزاد ڪشمير, بھار, جھارکنڊ, مڌيا پرديش, مھاراشٽر,[6] ۽ سنڌ

ساڌن وديا

سنواريو

راجپوت لفظ، سنسڪرت جي لفظ ’راجا پترا‘ مان اخذ ڪيل آهي، جيڪو ’راج پُتر‘ بڻيو ۽ ان مان ’راجپوت‘ لفظ بڻيو آهي. لفظ راجپوت جي معنيٰ آهي ’راجا جو پٽ‘. راجپوت هن وقت هندستان جي اولهه، وچ ۽ اتر وارن علائقن ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ آباد هندن جو هڪ مکيه قبيلو آهي. رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وقت کان وٺي، چيني ياتري هوان شيانگ (629-640ع) جي هندستان ۾ اچڻ تائين، راجپوت اکر ڪم نه ايندو هو.پراڻن ۽ ٻين اتهاسن ۾ راجپوتن بدران کتري لفظ ڪم ايندو هو. ويد ۽ اُپنشد ۾ راجنيه لفظ ڪم ايندو هو. سوتر ڪال ۾ ڪٿي ڪٿي ”اگر“ اکر ڪم آندل آهي جين گرنٿن ۾ به 600ع کان 1200ع تائين راجپوت لفظ ڪم آندل نه آهي. ”پرٿوي راج راسا“ (جو چاند بردائي چارڻ لکيو آهي) ۾ به راجپوت لفظ ڪم آندل ڪونهي. مسلمانن جي اچڻ تائين راجائون پاڻ کي کتري چوائيندا هئا ۽ پوءِ راجپوت لفظ ڪم اچڻ لڳو.راجپوت لفظ جي معنيَ آهي ”راجه پتر“ يعني راجا جوپٽ.[9]

پيدائش بابت ڏند ڪٿا

سنواريو

راجپوتن جي جنم جي ڪهاڻي هڪ عجيب آکاڻي آهي.[10] وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار پرسرام هو، جو رشي جمدگني جو پٽ هو. هڪ دفعي راجا ڪرتويريه، جمدگني وٽ هڪ گانءِ ڏٺي جا ڪامڌين هئي. ڪامڌين معنيٰ اُها گانءِ جنهن وٽان اميدون پوريون ٿين، يعني جنهن کان جيڪي گهرجي سو ملي. ههڙي عجيب گانءِ تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگني کان گانءِ گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا اُها گانءِ زبردستي ڪاهرائي هليو ويو. اُن وقت سندس پٽ پرسرام گهر ۾ موجود ڪونه هو، پر پوءِ جڏهن اچڻ وقت ان ڳالهه جي خبر پيس، تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ بنا دير جي وڃي راجا کي ماري، گانءِ آڻي پنهنجي پيءُ کي ڏنائين. راجا جي پٽن پنهنجي پيءُ جي وير وٺڻ لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاهه ڪئي. ان وقت پرسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو ويٺو هو. راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا. پرسرام پوءِ جڏهن پنهنجي آشرم ۾ موٽي اچي هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن سڄي ڳالهه معلوم ڪري پرن ڪيائين ته اِهي راجڪمار ته پورا ڪندس، پر ڪوبه کتري ٻچو جيئرو نه ڇڏيندس. هيءَ سڄي ڳالهه پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ائين به ڄاڻايل آهي ته پرسرام ايڪيهه دفعا کترين جو ڪُل ناس ڪيو هو. آڳاٽن کترين جو ڌرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاءُ ڪرڻ. کتري ناس ٿي ويا ته برهمڻن ۽ ٻين جي سنڀال ڪير ڪري؟.اُنهيءَ وقت ڪيترائي رشي ۽ مني ابو پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن کي تڪليف ۾ ڏسي وسشٽ مني ابو جبل تي رشين ۽ منين سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاءَ لاءِ ڇا ڪجي. آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو ۽ اندر ديوتا کي وينتي ڪئي ته توهين ڪي کتري پيدا ڪريو، جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاءُ ڪن. رشين پوءِ ابو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي يگيه جي اگني دکائي، اندر ديوتا کي چيو ته اول اوهين ڪو کتري اُپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو هڪ پتلو ٺاهي، ان تي امرت ڇٽڪاري پوءِ اُهو پتلو اگني ڪنڊ ۾ اڇلايو ۽ پوءِ سنجيوني منتر (جيئارڻ جو منتر) اُچاريائين: ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو اگني مان هڪ ازغئبي مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو اگني مان نڪرڻ وقت چوندو آيو ته ”مار، مار“. انهيءَ سبب هن تي ”پرمار“ نالو پيو. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پراون يا ڌارين کي ماريندڙ. ٽاڊ صاحب پرمار لفط جي معنيٰ ”پهريون ماريندڙ“ يا ”ڌڪ هڻندڙ“ لکي آهي.. رشين ۽ منين جي چوڻ تي، پوءِ برهما ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي اگني ۾ وجهي، منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان هڪ ٻيو جوان پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ويد هئا. اُنهيءَ تي ”چلونڪي“ نالو پيو، ڇاڪاڻ ته هو برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پتلو ٺاهيو، تڏهن هي پيدا ٿيو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. چلونڪي لفظ جو اُچار پوءِ ڦري سلونڪي (سولنڪي)يا سولنگي ٿيو آهي.. شو ڀڳوان پوءِ اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو. انهيءَ جوان کي لڙائيءَ جو فن گهڻو ياد نه هو، مگر پهريداريءَ لاءِ پختو هو، تنهنڪري هن کي دربان يا پهريدار مقرر ڪيائون ۽ انهيءَ سبب هن تي ”پرٿوي دوار“ نالو پيو. پرٿوي معنيٰ دروازو. هو گويا پر ٿوي جي دروازي جو نگهبان هو، تنهن ڪري اهو نالو مليس. پرٿوي دوار لفظ جو اُچار پهريائين ڦري ”پرٿهيار“ ٿيو ۽ هاڻي عام طرح پڙهيار چئبو آهي.. وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوءِ پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ (چئن ڀڄائن يا ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو، جنهن جو رنگ ڪرشن ورن (ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل هوس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش (تير ڪمان) ۽ ٻئي ۾ تلوار هئي، ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معنيٰ چار انگ معنيٰ بت. چترنگ معنيٰ چئن بتن وارو. حقيقتن بت چار ڪونه هوس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري چوهاڻ ٿيو. هاڪارو راجا پرٿويراج چوهاڻ راجپوتن مان هو. اهڙيءَ طرح راجپوتن جي قوم ديوتائن جي مهربانيءَ سان پيدا ٿي. ابو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا، تنهنڪري انهن کي ”اگني ڪُل“ يعني اگني (باهه) جي ڪٽنب وارا به چئبو آهي. اها اگني ڪنڊ، جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، سا اڄ تائين ابو پهاڙ تي قائم آهي ۽ اها راجپوتن لاءِ تيرٿ جو وڏو آستان آهي. راجپوتن جي جنم جي اها ڪهاڻي هڪ ڏند ڪٿا آهي، جا پراڻن ۾ ڏنل آهي ۽ ڪرنل ٽاڊ به اهائي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي هندستان جا راجپوت اها ڳالهه سچي ڪري مڃين ٿا.[11]

حڪومتون

سنواريو

. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب ڇهين کان ٻارهين صديءَ عيسويءَ تائين هندستان ۾ راجپوتن جي حڪومت چئي وڃي ٿي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ راجپوت اڪثر راجسٿان ۽ سوراشٽر رياستن تي حاڪم ٿي رهيا. سندن حڪومت ننڍي کنڊ، خاص ڪري هندستان جي اتر، اولهه ۽ وچولن علائقن ۽ پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ موجود هيون. هندستان ۾ راجپوتن جي اڪثر آبادي راجسٿان، گجرات، سوراشٽر، اتر پرديش، هماچل پرديش، هرياڻا، ڄمون ڪشمير، پنجاب، اتر ڪانڊ، مڌيه پرديش ۽ بهار ۾ رهائش پذير آهي. پاڪستان جي پنجاب ۽ سنڌ واري حصي ۾ موجود ڪيترا راجپوت پاڙا ۽ راجپوت ذاتيون مسلمان به آهن.نامياري تاريخدان جان ڪِي (John Keay) موجب هڪ خاص قبيلي ۽ گروهه لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ ’راجپوت‘ مغل دؤر جي ابتدا 1526ع کان به اڳ ۾ ڪم ايندو هو. هڪ نظريي موجب ڇهين صديءَ جي آخري دؤر ۾ سفيد هنن (Hephthalites) هندستان تي حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ گپتا سلطنت زوال پذير ٿي هئي. حملي آورن مان سندن اڳواڻ عالي نسب ۽ امير طبقي جا فرد هئا، جيڪي پوءِ هندن جي جاتي سرشتي تحت ’ڪشتريه‘ (کتري) جي ذمري ۾ شامل ٿي ويا، ان ڪري ڪشتريا (فوجي) جي عهدي تي فائز ٿيا. جڏهن ته سندن ٻيا ساٿي، جن ساڻن سهڪار ڪيو ۽ سندن پوئلڳي ڪئي، سي شودر جي درجي تي پهتا، جن ۾ آهر، گورجر ۽ جت شامل هئا، ساڳئي وقت ڪجهه مقامي قبيلن کي راجپوت جي عهدي تي فائز ڪيو ويو، جن مان پوءِ ٻيا قبيلا: بنديلا، چنڊيلاس ۽ راٺوڙ نروار ٿيا.

مسلم دور ۾

سنواريو

انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا (The Encyclopaedia of Britannica) مطابق راجپوتن جو اصل شاهاڻو شجرو، گوهلوت ۽ ڪچواها سان ملي ٿو، جيڪي زرعي زمينن جا آبادڪار هئا. نائين صديءَ جي شروعات ۾ هندستان جي اترين علائقن ۾ راجپوت سلطنتون پنهنجي عروج تي رهيون، جن مان ڪي راجپوت بادشاهتون مسلمانن جي شروعاتي حملن وقت نه رڳو وڏيءَ رنڊڪ طور سامهون آيون پر پنجاب ۽ گنگا واديءَ ۾ مسلمانن جي فتح دوران به راجپوت، راجسٿان ۽ وچ هندستان ۾ پنهنجي خودمختيار حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪجهه عرصي بعد علاءُ الدين خلجي، اوڀر راجسٿان ۾ چتور ۽ رتناپور ۾ قائم راجپوتن جي ٻن قلعن کي فتح ڪيو، پر قلعن تي گهڻي عرصي تائين پنهنجي حڪومت قائم نه رکي سگهيو.

انگريز دور

سنواريو

1718ع کان 1818ع ڌاري انگريز مراٺا جنگ کانپوءِ هڪ معاهدي تحت راجپوتانه خطي جون سموريون رياستون برطانوي راڄ جي ماتحت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪري ڇڏيون، جن مان اجمير جي رياست سڌيءَ ريت برطانوي سرڪار جي حڪومت هيٺ رهي، جنهن کي پوءِ اجمير مارواڙ جي پرڳڻي جي حيثيت ڏني وئي. اهڙيءَ طرح برطانوي حڪومت دوران راجسٿان جي خطي ۾ راجپوتن جون 13 مکيه رياستون ۽ جتن جون ٻه رياستون ڀرتپور ۽ ڍولپور ۽ ٻه ٻيون رياستون ٽونڪ ۽ جهالاواڙ قائم ٿيون. ساڳيءَ ريت وچ ۽ اولهه هندستان ۾ موجود راجپوت رياستن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي، جن مان ڪي رياستون سينٽرل انڊيا ايجنسي ۽ ڪي ڪاٺياواڙ اسٽيٽ ايجنسيءَ جي ماتحت رهيون.انگريز حڪومت دوران، راجپوت ذاتين جا مردَ، پنهنجي بهادرانه ۽ ويڙهاڪ خصلتن جي ڪري گهڻي قدر انگريز فوجي دستن ۾ شامل رهيا. ان دؤر جي هڪ عهديدار ڪئپٽن اي. ايڇ. بنگلي (A. H. Bingley) موجب، ”راجپوت ماضيءَ کان وٺي موجوده وقت (1899ع) تائين فوجي دستي ۾ اهم عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا رهيا آهن. هنن هندستاني فوج ۾ رهندي تقريبا هر جنگي مشق ۽ معرڪي ۾ ڀرپور حصو ورتو“ ميجر فورڊ جي سربراهيءَ ۾ راجپوتن ڪونڊور علائقي ۾ فرينچن ۽ منرو جي اڳواڻيءَ ۾ بوڪشر (Buxar) جي هنڌ تي اوڌ جي نواب واجد علي شاهه جي فوجي دستي کي شڪست ڏني. ساڳيءَ ريت ميجر ليڪ (Lake) جي سربراهيءَ ۾ راجپوت سپهه سالارن ٽي وڏيون سوڀون ماڻيون، جن سان مرهٽن جي طاقت کي تمام وڏو ڌڪ رسيو.

ورهاڱي کان پوءِ

سنواريو

برصغير جي ورهاڱي وقت 1947ع ڌاري راجپوتن جي ’راجائي رياستن‘ کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته 50-1949ع ۾ انهن رياستن کي ملائي راجسٿان نالي هڪ رياست ٺاهي وئي. موجوده وقت راجسٿان پراڻن راجائن جي جاگيرن، تجارتي طور طريقن، قيمتي خزاني ۽ ثقافتي ورثي سبب سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي.راجپوتن کي ڪيترين درجي بندين ۾ ورهايو ويو آهي، جهڙوڪ: ونش ۽ ومشا ۽ هڪ خاص ذيلي ورڇ ’جاتي‘ (جي نالي سان).

ونشن جي ورهاست ۽ ريتون

سنواريو

ونش، ابتدائي طرح ٽن حصن ۾ورهايل آهن: (1) سوريه ونسي، جيڪي سج جا پوڄاري آهن. (2) چندر ونسي، جيڪي چنڊ جا پوڄاري آهن. (3) اگني ونسي، جيڪي باهه جا پوڄاري آهن. ان کانسواءِ ونش جي ٻيءَ تقسيم ۾ ادي ونسي، راج ونسي ۽ رشي ونسي اچي وڃن ٿا. ونس کان هيٺ ننڍين درجي بندين ۾ ڪُل، کمپ يا کنپ (Khamp or khanp) ۽ نَڪ (Nak) شامل آهن. راجپوت قبيلن ۾ رسم رواج کي وڏي اهميت حاصل آهي. منجهن ٻار جي جنم کان وٺي ڇٽيءَ، بانبڙن پائڻ، پنڌ ڪرڻ، خوراڪ کائڻ جي ابتدا، جوانيءَ، شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي سماجي ۽ مذهبي رسم رواج جي پورائي ضروري سمجهي ويندي آهي.ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي ليکڪ خير محمد ٻرڙي موجب ’راجپوت لفظ ’راج پُتر‘ مان نڪتل آهي. هي اصل ۾ راجپوتانا جي راجائن جو لقب آهي، جن سنڌ تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي هندو آهن. انهن مان ٻه خاندان هڪ چندر ونسي ۽ ٻيا سورج ونسي ڪافي مشهور ٿيا. سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن سان رهيو آهي. سورج ونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪوءَ کان گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر پيدا ٿيا، سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. ڊاڪٽر لال بخش نائچ ۽ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ جي تحقيق موجب سام بن نوح جي هڪڙي پٽ جو نالو حضرت سنڌ هو، جنهن هن خطي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جنهن جي اولاد مان سماٽ ۽ راجپوت پيدا ٿيا.شماريات جي بنياد تي 1891ع جي بمبئي گزيٽيئر موجب راجپوتن جي مکيه حڪمران قبيلن جي ورڇ هيٺينءَ ريت بيان ڪئي وئي. (1) چــاوڙا، (2) چــوهـاڻ، (3) دائـمـا، (4) گـوئـيـل، (5) گــــوري، (6) جـاڙيجـا، (7) ڄيــٺوا، (8) جهالا، (9) پرمار، (10) راٺوڙ، (11) ريـهواڙ، (12) سروئيا، (13) سِشوڏيا، (14) سولنڪي ۽ (15) واگهيلا. راجپوت قبيلن جي انهيءَ ورڇ ۾ اهم سماجي انفراديت هيءَ آهي ته اهي قبيلا پاڻ ۾ اخلاقي ۽ رسمي ميل جول رکن ٿا. گڏيل سهڪار، کاڌي پيتي ۽ شادين مرادين ۾ گڏيل آهن. سواءِ ڪجهه قبيلن جي، جن ۾ جاڙيجا، چودساما ۽ ڀٽ وغيره اچي وڃن ٿا، جيتوڻيڪ هي قبيلا گهڻو وقت اڳ ئي الڳ ٿي ويا هئا، باوجود ان جي جاڙيجن ۽ چودساما قبيلن جي وچ ۾ شادين جو لاڙو تمام گهٽ آهي.گجرات ۾ راجپوتن جا تقريباً 103 قبيلا ۽ ذاتيون آباد آهن، جن مان ڪي هن ريت آهن: آدا، اويرا، بالاتير، بارود، ڀٽي، بيهولا، سولنڪي، بيا، بودو، چمڙيا، چندورات، چاوڙا، ڪوچو، چوهاڻ، ڊڀي، دائما، دائرجا، ديوچند، ديودا، ڍنڍو، ڊوڊ، دوديا، گاليچا، گوئيل، گولٽر، گور، گجر، هديال، هاراشي، هاٿا، جادو، جاڙيجا، جهالا، جويا، جوڌا، راٺوڙ، جوجا، جٽ، ڪابا، ڪڇوٽيا، ڪروڊيا، خير، خولا، مهيڊا، مڪواڻا، مل، ماساني، مير، موهل، موري، نروان، پڌر، پرهياڙ، پالونيا، پرمار، پيسرو، پوراويا، رانا، راٺوڙ، راول، راور سولنڪي، سيڍال، سشوڏيا، سوڍا، سودريا/ سدريا، سؤ جاتريا، سونگد، سُرچا، سوور، ٽينڪ، ٽينٽول، ٺوڪيا، ٽؤر، واڍيل، ودواسيا، واگهيلا، ويش، واجا، والا، وملا، وينول، ورم، ويجولا، ويرپُورا سولنڪي، ادوت ۽ اُما وغيره.

هاڻوڪو دور

سنواريو

راجپوت اصل ۾ ڪشتريه (کتري) طبقي جو موجوده نمائنده نسل آهي. ماضيءَ جي ڪجهه ڏهاڪن کان هن قبيلي پاران ٻين حڪمران گهراڻن، ڪولهين ۽ ڀيلن مان شادين سبب راجپوت قبيلي جي اصل سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي. راجپوت قبيلي چوٿين صدي عيسويءَ ۾ هندستان تي حملو ڪيو هو. هن قبيلي جو شمار بهادر ۽ ويڙهاڪ قبيلي طور ٿيندو اچي، ان ڪري کين ’کتري‘ جو نالو ڏنو ويو. هندستان ۾ حملي بعد راجپوتن راجپوتانه کي پنهنجي حڪومت جو مرڪز بڻايو.

گُڻ ۽ لڇڻ

سنواريو

راجپوت عام طرح موروثي طور بهادر سپاهين، جاگيردارن ۽ زميندارن طور سڃاتا وڃن ٿا. منجهن نوڪري ڪرڻ جو رجحان تمام گهٽ ٿو ڏسجي. راجپوتن جا ٻه گروهه گراسياس (Garasias) ۽ تلوڪ درس (Talukdars) وڏين رياستن جا مالڪ رهيا آهن. گجرات ۾ آباد راجپوتن جي اڃا تائين اڌ کان وڌيڪ گجرات تي گرفت آهي. راجپوت مرد جسماني طور سگهارا ۽ قدآور ٿين ٿا. اهي گهڻو ڪري خوبصورت ۽ تکي نڪ نقشي جا مالڪ آهن. سندن نڪ سڌو ۽ ڪنڍيارو، اکيون وڏيون، چمڪدار ۽ اکين جي پتلين جو رنگ عام طور ڪارو ۽ وات ننڍو هوندو آهي. سندن عورتون به خوبصورت رنگت ۽ سهڻن نقشن جون حامل آهن. راجپوت گهراڻي جون عورتون جاذب نظر، پنهنجي سار سنڀال ۽ خوبصورتيءَ کي قائم رکڻ لاءِ مشهور آهن. خوبصورتيءَ سان گڏ سندن بهادري به مشهور آهي. هڪ روايت موجب چتوڙ جي جنگ دوران راجپوت عورتون پنهنجي عزت ۽ ناموس بچائڻ لاءِ ٻرندڙ باهه ۾ ٽپي پيون هيون. راجپوتن تاريخ ۾ وچن پاڙڻ، بهادري ۽ وفاداريء جا مثال ب قائم ڪيا آھن. پر اگر ڪنهن سان وير رکن ت پنهنجي سڄي طاقت ان کي تباھ ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏين.[12]

قائدي موجب گجرات ۾ رهندڙ راجپوتن جي ٻولي گجراتي آهي، جڏهن ته ڪڇ جي جاڙيجا راجپوتن جي ٻولي ڪڇي آهي، جنهن جو لهجو هيٺينءَ سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ لهجي سان تمام گهڻي مماثلت رکي ٿو. ان کانسواءِ ڪيترا راجپوت هندستاني ۽ مارواڙي پڻ ڳالهائيندا آهن. راجپوت جنهن بِ جاگرافيا ۾ رهن اها ٻولي ڳالهائين.[12]

راجپوتن جي ڪجهه مخصوص قبيلن کان سواءِ ٻين مڙني راجپوتن جو مذهبي عقيدو ۽ طور طريقا عام هندن کان مختلف نه ٿيندا آهن. راجپوتن جي اڪثريت ولڀ آچاريه ۽ رامانُج جي پرچار ڪيل ’وشنو نظريي‘ جي پوئلڳ آهي. ان کانسواءِ ڪجهه راجپوت گهراڻا شِوَ جي پوڄا به ڪندا آهن. مٿن سوامي نارائڻ جي پرچار جو گهڻو اثر ملي ٿو. ساڳئي وقت هندو راجپوت هندو ڌرم جي سڀني ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ڪندا آهن، سندن گهرن ۽ ڪم جي جڳهين تي وشنو، شيوا، گڻپتي موريا، شري ڪرشن، سرسوتي، آشا پوري، نگ ماتا، منڏاوري، کوڙيار ماتا ۽ چمندا جون تصويرون/ مورتيون رکيل هونديون آهن، جن جي پوڄا ڪندا آهن.

جاتيون

سنواريو

راجپوتن جي سنڌ ۾ رهندڙ جاتين ۾ چوهاڻ، راوت، رانگڙ، باگڙي، راٺوڙ، جويا، مهر، سيال، کچي، ڍونڍي، ميڪڻ، تيوڻا، راٺي، اعواڻ، کوکر، ڪاٺيا، کڳا، ڏوگر يا ڏنگر، ٽڳا، پرهياڙ، چندر بنسي، راڻا، سوڍا، ٺاڪر، پنوار وغيره، سنڌ جي مختلف حصن ۾ رهن ٿا. مغل بادشاهه اڪبر جي هڪ گهر واري جوڌا ٻائي، ڀارمل (بهاري مل) راجپوت جي ڌيءُ هئي. سنڌ جا سومرا، سما، جويا ۽ ٻيون ڪيتريون سماٽ ذاتيون اصل ۾ راجپوت آهن. سنڌ جي نيم تاريخي داستان ’دودي چنيسر‘ ۾ سومرين جو ستيون ٿيڻ راجپوت روايت موجب هو. راجپوت مان ٿرپارڪر جا سوڍا آھن، جي اُجين مان سنه 1226ع ڌاري آيا. سندن سردار پرمار سوڍو ھو، جنھن عمرڪوٽ اچي ورتو ۽ پاڻ کي راڻو سڏائي حاڪم ٿي ويھي رھيو. ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به اُھي زور وارا ھئا. ۽ ٺڪر جوڙيندا آھن. راٺوڙ به سوڍن وانگي راجپوت آھن. ھو زمينداري ڪندا آھن.[13] پرمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت گوجرن جو اولاد آهن، جي آرين وانگر وچ ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري اتر هندستان ۾ آيا هئا[14].

راجپوتن جا ونس

سنواريو

اگن ڪُل مان پيدا ٿيل راجپوتن جون چار ذاتيون: پارمار، پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ، پوءِ ڇهه ٿيون، مگر هاڻي وڌي ڇٽيهه ٿيون آهن.[15]: (1) اکيه واڪ يا سوريه.
(2) اندوسوم يا چندرونس.
(3) گهلوت 24 ساکون.
(4) يدو 4 ساکون.
(5) تنور 17 ساکون.
(6) راٺوڙ 13 ساکون.
(7) ڪشواها يا ڪڇواها.
(8) پرمار 35 پرمار 35 ساکون.
(9) چوهاڻ
26 ساکون.
(10) سولنڪي يا چالوڪ
16 ساکون.
(11) پڙهيار 12 ساکون.
(12) چاوڙا هڪ ساک
(13) ٽانڪ يا تکيڪ.
(14) جوٽ، جيٽي، جاٽ.
(15) هُن يا هڻ.
(16) ڪاٺي.
(17) بلا.
(18) جهالا 2 ساکون.
(19)جيٺو يا ڪامري.
(20) گوهل.
(21) سرويا.
(22)سلار.
(23)ڏاٻي.
(24) گوڙ 5 ساکون.
(25) ڏوڏا.
(26) گوهر وال.
(27) ٻڙ گوجر 3 ساکون.
(28) سينگر هڪ ساک.
(29) سيڪروال هڪ ساک.
(30) ويس هڪ ساک.
(31)ڏاهيا.
(32) جوهيا.
(33) موهل.
(34)نڪومپ،
(35) راجپالي.
(36)ڏاهيا، جا ساک هينئر گم ٿي ويئي آهي.
انهن کان سواءِ هول ۽ ڏاهريا ٻيا ٻه ڪل آهن. ڪيترن راجپوت ڪُلن جون ساکون ڪونه آهن، انهن کي ”اڪا“ چوندا آهن. جي سڄي قوم جو ٽيون حصو آهن.[15].

پرمار راجپوتن جو ساکون

سنواريو

پرمارن جون 35 ساکون آهن:[15] (1) موريا (هن مان چندر گپت ٿيو هو.)
(2) سوڍا (ڍاٽ يعني ٿر جا راجا).
(3) سانگلا (”امرڪوٽ اتهاس“، صفحي 11 ۾ سوڍو (سوڍا) سانکلور (سانکلا) ۽ باگهه (واگهيلا) راجا باهڙ پٽ ڏيکاريل آهن. پر ”ٽاڊ راجستان“ گجراتي ڀاڱو پهريون صفحي 680 ۾ واگهيلن کي سولنڪ ونس جي هڪ ساک ڄاڻايو ويو آهي..[15])پونگل جا جاگيردار ۽ ٻيا ڪيترا مارواڙ ۾ رهن ٿا.
(4) کير، انهن جي راڄڌاني کيرارو هئي.
(5) اُمرا يا سومرا، هاڻي مسلمان آهن.
(6) وهل، چندراورتي جو راجا
(7) ميپاوت،ميواڙ ۾ ٻيجولي جا جاگيردار
(8) ٻلهر، اتر هندستان ۾ آهن.
(9) ڪاٻا، اڳي سوراشٽر ۾ هئا ۽ ٿورا هاڻي سروهي ۾ آهن.
(10) اُمٽ، مالوا ۾ اُمٽ واڙا جو راجا.
(11) ريهور
(12) ڍونڍا
(23) سورٽيا
(13) هرير، مالوا ۾ ننڍا ننڍا جاگيردار آهن.
(15) چونرا
(16) کيچڙ
(17) سوکڙا،
(18) پرڪوٽا
(19) ڀوجا
(20) سمپل
(21)ڀيٻا
(22) ڪالنپسر
(23) ڪالموھ
(24) ڪوهلا
(25)پويا.
(26) ڌونڌ
(27) ڪهرڙيا
(28) ڏيوا
(29) ٻرهر
(30) جيپرا
(31) پوسرا
(32) ڌوتا
(33) رڪوموا
(34)ٽيڪا
(35) اها ساک هاڻي ڪانه آهي.

  1. Singh, K.S. (General editor) (1998). People of India. Anthropological Survey of India. pp. 489, 880, 656. ISBN 9788171547661. https://books.google.com/?id=vm_KCE4XXPMC&pg=PR9&dq=People+Of+India+by+K.+S.+Singh,+B.+K.+Lavania,+S.+K.+Mandal,+Anthropological+Survey+of+India,+N.+N.+Vyas,+Popular+Prakashan,+1998#v=onepage&q=muslim%20rajput&f=false. Retrieved 18 July 2017. 
  2. Cohen, Stephen Philip (2006). The idea of Pakistan (Rev. ed.). Washington, D.C.: Brookings Institution Press. pp. 35–36. ISBN 978-0815715030. https://books.google.com/?id=42XRDAAAQBAJ&pg=PP1&dq=pakistan+RAJPUT+tribe+conversion#v=onepage&q=rajput&f=false. Retrieved 18 July 2017. 
  3. Lieven, Anatol (2011). Pakistan a hard country (1st ed.). New York: PublicAffairs. ISBN 9781610390231. https://books.google.com/?id=exBKSo-Pf6cC&pg=PT6&dq=pakistan+punjab+rajput+feudal#v=onepage&q=rajput&f=false. Retrieved 18 July 2017. 
  4. "Folk-lore, Volume 21". صفحو. 79. حاصل ڪيل 9 April 2017. 
  5. Roy, Ramashray (2003-01-01). Samaskaras in Indian Tradition and Culture. pp. 195. ISBN 9788175411401. https://books.google.com/?id=gZDXAAAAMAAJ&dq=rajputs+maithili&q=Maithila. Retrieved 4 March 2017. 
  6. Rajendra Vora (2009). Rise of the Plebeians?: The Changing Face of the Indian Legislative Assemblies (Exploring the Political in South Asia). Routledge India. p. 217. https://books.google.com/books?id=78rfCgAAQBAJ&pg=PA217&f=false. "[In Maharashtra]The Lingayats, the Gujjars and the Rajputs are three other important castes which belong to the intermediate category. The lingayats who hail from north Karnataka are found primarily in south Maharashtra and Marthwada while Gujjars and Rajputs who migrated centuries ago from north India have settled in north Maharashtra districts." 
  7. 7.0 7.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-09-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-03-19 
  8. 8.0 8.1 "راجپوت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-24. 
  9. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-09-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-01-03 
  10. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-01-03. 
  11. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  12. 12.0 12.1 ڪتاب: تاريخ راجپوت سولنڪي (سولنگي) هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار سالا حڪمراني، محقق و مرتب مهجور غلام حيدر سولنگي.
  13. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  14. ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل“ 1905ع، ڊاڪٽر رڊولف هورنلي. صفحو 1-4
  15. 15.0 15.1 15.2 15.3 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو