ڪياماڙي ضلعو
ڪياماڙي ضلعو (اردو: ضلع کیماڑی) صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو هڪ انتظامي ضلعو آهي. ڪياماڙي ضلعو سال 2020ع ۾ اڳوڻي ڪراچي اولهه ضلعي کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ بڻايو ويو. ڪياماڙي ضلعي کي چئن سب ڊويزنن ۾ ورهايو ويو آهي؛
- ڪياماڙي سب ڊويزن (اڳوڻي:هاربر سب ڊويزن)
- بلديا سب ڊويزن
- ماريپور سب ڊويزن
- موريڙو ميربحر سب ڊويزن (اڳوڻي:سائٽ سب ڊويزن)
ڪياماڙي ضلعو | ||||
---|---|---|---|---|
سنڌ جو ضلعو | ||||
ٽاپ: ڪياماڙي بوٽ ٽرمینل باٽم: پیراڏائز پوائنٽ | ||||
ملڪ | پاڪستان | |||
صوبو | سنڌ | |||
ڏویزن | ڪراچي | |||
قائم تیو | 2020ع | |||
هيڏ ڪوارٽر [1] | ڏي ایم سي ڪياماڙي آفیس | |||
حڪومت [4] | ||||
• قسم | میونسپل ڪارپوریشن | |||
• مجلس | ڏي ایم سي ڪياماڙي | |||
• ڏپٽي ڪمشنر | مختیار علی ابڙو[2] | |||
• چئیرمین | اقبال احمد میراڻي[3] | |||
پکيڙ | ||||
• ڪل | 559 ڪ.م2 (216 ميل2) | |||
آبادي (2023 2023)[5] | ||||
• ڪل | 20,68,451 |
آبادي
سنواريوسال 2017ع جي مردم شماري جي وقت، ڪياماڙي ضلعي جي آبادي 1,829,837 هئي، جنهن ۾ 974,232 مرد ۽ 855,383 عورتون شامل هيون۔ ڳوٺاڻن جي آبادي 121,954 (6.66 سیڪڙو) هئي ۽ شهري آبادي 1,707,883 (93.34 سیڪڙو) هئي۔ خواندگي جي شرح 62.54 سیڪڙو آهي: 68.08 سیڪڙو مرد ۽ 56.10 سیڪڙو عورتون۔ سال 2017ع جي مردم شماري جي وقت آبادي جو 33.57۔ سیڪڙو پشتو، 14.80سیڪڙو اردو، 12.98سیڪڙو پنجابي، 10.63سیڪڙو سنڌي، 9.08سیڪڙو هندڪو، 7.25 سیڪڙو بلوچي، ۽ 3.82 سیڪڙو سرائیڪي پنهنجي پهرين ٻولي ڳالهائيندو هو۔[6]
انتظاميه
سنواريوڪياماڙي ضلعي کي چئن سب ڊويزنن ۾ ورهايو ويو آهي:
• ڪياماڙي (جنهن کي هاربر به سڏيو وڃي ٿو)۔
• بلديا
• ماريپور ۽
• سائيٽ [7]
ڪياماڙي ضلعي جي چئن انتظامي علائقن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي۔ [8]
1. ڪياماڙي ٽائون
2. بلديا ٽائون
3. سائيٽ ٽائون
4. ڪراچي فش هاربر
ڪياماڙي ٽائون
سنواريو• یوسی 1، ڀٽا ویلیج
• يو سي 2، سڪندرآباد ۽ سلطان آباد
• يو سي 3، ڪياماڙي
• یوسی 4، بابا ڀٽ
• یو سي 5، مڇر ڪالوني
• يو سي 6، ماريپور
• يو سي 7، شيرشاهه
• يو سي 8، گابو پٽ
بلدیا ٽائون
سنواريو• يو سي 1، گلشن غازي
• يو سي 2، اتحاد ٽائون
• يو سي 3، اسلام نگر
• يو سي 4، نئين آبادي
• يو سي 5، سعيد آباد
• يو سي 6، مسلم مجاهد ڪالوني
• یو سي 7، مھاجر ڪيمپ
• یو سي 8، رشيد آباد
سائيٽ ٽائون
سنواريو• یو سي 1، پاڪ ڪالوني
• يو سي 2، پراڻو گولیمار
• یو سي 3، جهان آباد
• يو سي 4، ميٽروول
• يو سي 5، باواڻي چالي
• يو سي 6 فرنٽيئر ڪالوني
• يو سي 7 بنارس ڪالوني
• يو سي 8 قصبه ڪالوني
• يو سي 9 اسلاميه ڪالوني
ڪراچي فش هاربر
سنواريو• ڪراچي فش هاربر
حوالا
سنواريو- ↑ "ADMINISTRATIVE DISTRICTS". Commissioner, Karachi Division.
- ↑ "Illegalities come to light as probe into Karachi's Shershah blast begins". Dawn (newspaper). 19 December 2021. https://www.dawn.com/news/1664569.
- ↑ "CM Advisor, Administrator Keamari Visit Sindhi Muhalla". UrduPoint. 21 September 2021. https://www.urdupoint.com/en/pakistan/cm-advisor-administrator-keamari-visit-sindh-1356336.html.
- ↑ "SINDH GOVT ESTABLISHES DMC IN KARACHI’S KEAMARI DISTRICT". ARY News. 29 October 2020. https://arynews.tv/sindh-establishes-dmc-keamari-distrcit/.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named2023census
- ↑ "District-wise Tables - Census 2017 Final Results"۔ pbs.gov.pk۔ ادارہ شماریات پاکستان۔ 2017۔ 12 ستمبر 2021 میں اصل سے آرکائیو شدہ۔ اخذ شدہ بتاریخ 20 اگست 2022
- ↑ "Sindh govt notifies Keamari as 7th district of Karachi"۔ www.thenews.com.pk (بزبان انگریزی)۔ اخذ شدہ بتاریخ 19 ستمبر 2021
- ↑ "Karachi fits seventh district into its mix – Keamari | SAMAA"۔ Samaa TV (بزبان انگریزی)۔ اخذ شدہ بتاریخ 23 اگست 2020