فنون لطيفه __(Fine Arts):

فنون لطيفه اهي هوندا آهن، جن وسيلي انساني جذبات ۽ ڪيفيتن جا نقش چٽي، اهڙي دلڪش، دلسوز ۽ روح افزا انداز ۾ پيش ڪجن، جو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ جو روح ۽ دماغ جذبن ۽ امنگن سان آراسته ٿي، گهراين ۽ اونهاين ۾ رچي وڃي. ڪنهن به لطيف فن کي انسان جي دل، روح ۽ جذبات کان جدا ڪري نه سگهبو. انهيءَ لحاظ سان رقص يا ناچ، ساز ۽ موسيقي، مصوري، ادب ۽ شعر کي فنون لطيفه ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن سان ڪلي جذبات جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. لطيف فن تخليقي فن سڏبا آهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي