بدين ضلعو

سنڌ جو هڪ ضلعو

بدين ضلعو(انگريزي: District Badin ) (اُچار: بَدِين ضلعو، اردو: ضلعہ بدین ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڀنڀور ڊويزن ۾ واقع هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدر مقام بدين شهر آهي. پهرين جنوري 1975 تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. انهيءَ کان پهرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو. هن ضلعي جي اتر اولھ ۾ حيدرآباد، اتر ۾ ٽنڊوالهيار، اوڀر ۾ ٿرپارڪر ۽ ميرپور خاص ضلعا، ڏکڻ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي سرحد جي پار ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ، ۽ اولهه ۾ سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعا واقع آهن.[2]. ھن ضلعي جي ڪل ايراضي 6,726 چورس ڪلوميٽر آهي[3] 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي ڪل 1,804,516 ھئي. ھي ضلعو سمنڊ جي سطح کان 50 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي[4]. بدين جا ٻہ تعلقا ساحلي پٽي۾ واقع آهن جن م بدين تعلقو ۽ شھيد فاضل راهو تعلقو شامل آهن[4].

بدين ضلعو
Badin
سنڌ جو ضلعو
بدين ضلعو ۽ ان جا تعلقا
بدين ضلعو ۽ ان جا تعلقا
بدين ضلعو is located in سنڌ
بدين ضلعو
بدين ضلعو
بدين ضلعو is located in Pakistan
بدين ضلعو
بدين ضلعو
متناسقات: 24°39′37″N 68°49′56″E / 24.66028°N 68.83222°E / 24.66028; 68.83222مڪانيت: 24°39′37″N 68°49′56″E / 24.66028°N 68.83222°E / 24.66028; 68.83222
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ڊويزن ڀنڀور ڊويزن
تعلقا 5
يونين ڪاؤنسلون 68
پکيڙ
 • ڪل ٦٬٧٢٦ ڪ.م٢ (٢٬٥٩٧ ميل٢)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل ١,٨٠٤,٥١٦

انتظامي ورهاستسنواريو

بدين ضلعي ۾ پنج تعلقا ۽ 68 يونين ڪاؤنسلون آهن. هن ضلعي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 14 لک 20 هزار آهي. تعلقن جا نالا هيءَ آهن:

بدين ضلعي جا تعلقا
تعلقو يو سي آبادي
1 بدين تعلقو 3,53,734
2 ماتلي تعلقو 3,51,496
3 تلهار تعلقو 1,36,456
4 ٽنڊو باگو تعلقو 3,14,391
5 شهيد فاضل راهو 2,64,642
ڪل 68 14,20,719

بدين ضلعو ٻن سب ڊويزنن، بدين سب ڊويزن ۽ ماتلي سب ڊويزن تي مشتمل آهي. هتي دفري، سار هڏي، دونگهڙ، اوجهري، جگڙي ۽ انگڙي مشهور ڍنڍون آهن[2]. هن ضلعي ۾ 13 سپروائيزري سرڪل، 106 تپا ۽ 518 ديهون آهن[2]. ديھن جو تعداد 511 آھي جن مان بدين تعلقي ۾ 142 ديھون، ماتلي تعلقي ۾ 98 ديھون، شھيد فاضل راهو تعلقي ۾ 97 ديھون، ٽنڊو باگو ۾ 110 ديھون ۽ تلھار ۾ 55 ديھون واقع آهن [5]. ضلعي ۾ 68 يونين ڪائونسلون، 7 ٽائون ڪاميٽيون ۽ ننڍا وڏا 21 شهر آهن. انهن شهرن ۾ بدين، ترائي، تلهار، نندو، ڪڍڻ، سيراڻي، ٻهڊمي، ڏندو، لنواري شريف، ماتلي، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊوباگو، پنگريو، کوسڪي، گولاڙچي، کورواهه، ڀڳڙا ميمڻ ۽ ڪڙيو گهنور مشهور آهن.بدين ضلعي جي پراڻن علائقن ۾ مانڌر، ولاسو، نوت، وَنگو، جياٺ ۽ ولهار شامل آهن.[2]

بدين ضلعي جون يونين ڪاؤنسلونسنواريو

بدين ضلعي ۾ پھرين 46 يونين ڪاؤنسلون ھيون بعد م اضافو ڪيو ويو. 2015 جي بلدياتي چونڊن جي رڪارڊ مطابق بدين ۾ 68 يونين ڪائونسلون آهن[6]:

بدين ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[6]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 جھنڊو شاھ درگاھ ( زين العابدين) 2 حاجي سومار ابڙو 3 محمد خان ڀرڳڙي
4 نندو شھر 5 عبدالله شاھ 6 چاڪر خان پنھور
7 مٺي 3 8 مٺو خان چانڊيو 9 شھيد راني (الله ڏنو جمالي)
10 لنواري شريف 11 بيھديمي 12 لاکو پير (شھيد دودو سومرو)
13 ڀڳڙا ميمڻ 14 سيراڻي 15 پير فتح شاھ
16 قاضيه واھ 17 ڪادي قاضيه 18 سعيد پور
19 دڀيرو (مير صاحب خان ٽالپر) 20 اڇ شريف (پير علي بھادر شاھ صديقي) 21 پيرو لاشاري
22 رپ شريف (حاجي اشرف ٿيٻو) 23 راڄو خاناڻي (مير احسان علي) 24 خانبھادر مير غلام محمد ٽالپور
25 سارنگ فقير 26 ڏيئي 27 ڪھاڍرو
28 ڊانڍا 29 سانگي فارائو 30 خيرپور گمبوھ
31 ملڪاڻي شريف 32 بھادر خان چانڊيو 33 درگاھ سمن شاھ سرڪار
34 اولياء جرڪاس (چوڌري دين محمد) 35 نيوي موڙ (بودلو) 36 سعيد خان ڀرڳڙي
37 خليفو قاسم 38 اولياء خان شاھ 39 وريل شاھ اسٽاپ (حاجي پريل بليدي)
40 پھاڙ مري 41 امن آباد 42 ٻڍو قمبراڻي
43 ٺارو ڪوٽ (علي محمد بوزدار) 44 ٿري 45 دمبالو
46 غلام شاھ لغاري 47 ھاليپوٽا 48 غازي خان چانگ
49 ملھڻ 50 حاجي سانوڻ 51 حاجي محمد ھاشم پنھور
52 ڪلرو موري (حاجي الله ڏنو سريوال) 53 ماڻڪ لغاري 54 نبي بخش ڪمبوھ
55 ٿلڪارا 56 غلام محمد ھاليپوٽو 57 شھيد فاضل راهو
58 ڊاڍرڪو 59 راھوڪي 60 ترائي
61 گھارو 62 فتح آباد 63 مريد چانگ (محمد شاھ)
64 احمد راڄو 65 کورواھ چوڪ 66 کورواھ
67 دوبي 68 ڪڙيو گھنور - -

معيشتسنواريو

زراعتسنواريو

بدين ضلعي جي معيشت زراعت آھي. 1998 جي سروي مطابق بدين جي ڪل آبادي جو 83.6 سيڪڙو ماڻهو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آھن. جن جو گذارو زرعي زمينن جي پوک ۽ ھارپ تي آھي. انھن ماڻھن جي روزگار جو ٻيو وسيلو چوپايو مال پالڻ ۽ مڇي مارڻ آهي[7].

 
بدين ضلعي ۾ سورج مکي جو فصل

ھن ضلعي جي آبپاشي جو وڏو ذريعو سنڌوندي مان سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج واري آبپاشي نظام سان ڳنڍيل[8] ڪينالن ۽ واھن ذريعي ايندڙ پاڻي آھي جيڪو ڦليلي ڪينال، اڪرم واھ، گوني ڪينال ، نصير ڪينال ذريعي پھچي ٿو[8]. جن جي پاڻي جي گڏيل رسد 433 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ آھي ۽ انھن جي ڪمانڊ واري علائقي جي پکيڙ 6,03,000 ھيڪٽر آھي[8]. ھتان جا مکيه فصلن م ڪمند، چانور، ڪپھ، ڪڻڪ ۽ سورج مکي شامل آهن ۽ ننڍن فصلن ۾ بصر ، مرچ، دالن، ٽماٽي ۽ گدري جا فصل شامل آهن[8].

صنعتسنواريو

 
کوسڪي شگر مل، بدين

ضلعي ۾ 1986ع ۾ 12.2 ھيڪٽر (30.2 ايڪڙ) زمين تي مشتمل صنعتي اسٽيٽ قائم ڪئي وئي جنھن ۾ 107 صنعتي پلاٽ رکيا ويا پر رڳو 17 پلاٽ الاٽ ٿي سگھيا ۽ انھن مان بہ رڳو 10 استعمال ۾ آيا. اھا اسڪيم سيڙپڪارن کي متاثر نہ ڪري سگھي[8]. ھن وقت ضلعي اندر 6 شگر ملون واقع آهن ان ڪري ھن ضلعي کي سنڌ جي شگر اسٽيٽ پڻ سڏيندا آهن[8]. 2001ع ۾ ضلعي ۾ اٽڪل 79 سارين جا ڪارخانا ۽ 100 اٽي جون ملون آهن[8]. سارين جي ڪارخانن مان 34 تعلقي بدين ۾ ، 23 تلھار تعلقي ۾، 9 شھيد فاضل راهو تعلقي ۾، 7 ماتلي تعلقي ۾ ۽ 6 تعلقي ٽنڊي باگي ۾ واقع ھئا[8]. انھن مان رڳو 12 اھڙا ھئا جن م چانور جي ڇڙھائي سان گڏوگڏ انھن جي پالش جي صلاحيت رکندڙ ھئا[8]. اٽي جي 100 ملن ۾ اڪثريت اٽي جي چڪي وارين برقي مشين جي ھئي. سرن جي پيداوار لاء ضلعي اندر سرن جا بٺا ڪم ڪن ٿا جن ۾ ٻارڻ لاء گھڻي ڀاڱي توتڙن جو استعمال ٿئي ٿو[8]. ھتي ھفتيوار سرن جي پيداوار 50000 سرون آھن جن جي ٺاهڻ ۾ اٽڪل 6 ٽن توتڙ ٻارڻ طور استعمال ٿئي ٿو[8].

معدنيات ۽ توانائيسنواريو

ھن ضلعي اندر تيل جي کوھن مان ملڪ جو لڳ جو لڳ ڀڳ %50 ڪچو تيل نڪري ٿو جنھن ڪري ھن ضلعي کي پاڪستان جي آئل اسٽيٽ سڏيندا آهن[9]. بدين مان ڪوئلو پڻ ڪثرت سان ملي ٿو. بدين ڪول فيلڊ جي ذخيرن جي پکيڙ 1,110 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن م اٽڪل 1.358 ارب ميٽرڪ ٽن ڪوئلو موجود آهي[10]. 1998ع جي آدمشماري مطابق ضلعي %76.29 سيڪڙو آبادي کي بجلي ميسر ھئي باقي %23.39 سيڪڙو آبادي گھرن ۾ گاسليٽ جو استعمال ڪندڙ ھئي. رڌ پچاء جي ٻارڻ لاء %72.70 آبادي ڪاٺيون، %21.97 آبادي قدرتي گيس، %3.92 آبادي گاسليٽ ۽ %1.41 آبادي ٻيا ذريعا مثلاً ڇيڻا وغيره استعمال ڪندڙ ھئي[8]. پاڪستان جي تيل جي پيدوار جو 44 سيڪڙو ۽ قدرتي گيس جي پيداوار جو 8 سيڪڙو حصو بدين ضلعي جو آھي[8]. 1995ع ۾ بدين ضلعي جي تيل جي پيدوار جي سراسري 20,931 بيرل ھئي، جيڪا 1996ع ۾ وڌي 24,002 بيرل ۽ 1997ع ۾ وڌي 25,762 بيرل ٿي وئي[8]. 2001 ۾ اتان رڪارڊ پيداوار ٿي ھئي جيڪا 30,000 بيرل ھئي پر پوء ان پيداوار ۾ واڌ نہ پر ڪمي آئي آهي[8].


ٻيلاسنواريو

ضلعي ۾ قدرتي ٻيلا ڪا نہ آھن پر آبپاشي واري پاڻي تي پوکيل ٻہ ٻيلا آهن جن ۾ راڙي ٻيلو ۽ بوھارڪي ٻيلو شامل آهن. ٻيلن جي ايراضي 12000 ھيڪٽر آهي[11][4]. انھن ٻيلن ۾ ٻٻر (acacia Arabica), ڪنڊي (specigera)، باھڻ (populus euphratica) ۽ تمر جا ٻہ قسم : لئي (tamarix gallica) ۽ جھائو (dioica) ڪثرت سان ملن ٿا[4]. ٻين وڻن ۾ ٻير (jujuba)، نم (azadirachta indica)، سراس (albizzia lebak)، بنيان يا وڏ (ficus bengalensis)، پپل (f.religiosa)، گدامڙي (tamarindus indica)، ولائتي ٻٻر (acacia farnesiana)، ليسوڙو (cordia myza)، ڪرڙ (capperis aphylla) ۽ کبڙ (salvadora persica) شامل آهن[4]. ان کان علاوه ٻيلي جي گاھن ۾ سر (sacchrum spontaneum) ۽ ڪانا (arundinaceum) شامل آهن[4].

ماھيگيريسنواريو

بدين ضلعي جي اھم معاشي سرگرمين ۾ ماھيگيري (fisheries) پڻ شامل آهي. سامونڊي مڇي جي برآمدن ۾ ڏھ سيڪڙو حصو بدين ضلعي جو آھي[8]. 2002ع م سنڌ ۾ تازي پاڻيء جي مڇي جي پيداوار 80,659 ٽن ھئي جنھن مان بدين ضلعي جو حصو 17.5 سيڪڙو يعني 14,152 ٽن ھيو. ان سال ھي ضلعو سنڌ ۾ ٺٽي ضلعي کان پوءِ ٻيون نمبر وڏو ضلعو ھيو[8].

تعليمسنواريو

ھن ضلعي جي آبادي جو تعليم حاصل ڪندڙن جي شرح 1998 جي آدمشماري مطابق %24.63 ھئي[11]. 2001 ۾ اھا شرح وڌي %27.52 تي پھتي[8]. ضلعي ۾ ڪابہ يونيورسٽي ڪانہ آھي[11]. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو تعداد 3،346 آهي[11]. ھن ضلعي ۾ سنڌ يونيورسٽي پنھنجو ڪيمپس شروع ڪيو آهي جتي بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس، ڪمپيوٽر سائنس ۽ ايجوڪيشن جي شعبن ۾ چئن سالن جي 8 سيميسٽر واري بيچلر ڊگري ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۽ ايجوڪيشن جي شعبن ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم شروع ڪرائي آھي[12] 1998ع جي انگ اکرن مطابق بدين ضلعي ۾ ڇوڪرن جا 812 ۽ ڇوڪرين جا 214 پرائمري اسڪول ھيا. انھن مان في اسڪول جي تجويز ڪيل سراسري حاضري 150 ٻارن تائين ھجڻ کپندي ھئي پر ان جي برعڪس سراسري حاضري في اسڪول 36 ٻار ھئي[8]. 1998 ۾ ضلعي جون 735 وسنديون ۽ ڳوٺ اھڙا ھيا جن جي آبادي 200 کان وڌيڪَ ھئي پر اتي اسڪول جي سھولت ميسر نہ ھئي[8]. 1998ع ۾ ضلعي اندر 52 ڇوڪرن جا ۽ 22 ڇوڪرين لاء مڊل اسڪول ھيا ۽ ضلعي اندر 117 اھڙا ڳوٺ ھيا جن جي آبادي 1000 ماڻهن کان وڌيڪَ ھئي پر اتي مڊل اسڪول جي سھولت ميسر ڪانه ھئي[8]. ان سال ضلعي م ڇوڪرن لاءِ 15 ۽ ڇوڪرين لاء صرف 2 ھاء اسڪول ھيا[8]. ضلعي اندر ھاسٽل جي سھولت 1998 ۾ صرف ھڪ ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد ٽالپر ھاء اسڪول ۾ ميسر ھئي[8].

صحتسنواريو

ھن ضلعي ۾ بدين شھر ۾ ھڪ سول اسپتال، 3 تعلقه اسپتالون، 4 رورل هيلٿ سينٽر,03 ڊسپينسريون، 4 ايم سي ايڇ سينٽر ۽ 46 بيسڪ هيلٿ يونٽ واقع آهن[11]. 2006 ۾ ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر، ھيلٿ، بدين جي مطابق ضلعي ۾ ھڪ سول اسپتال، ٽي تعلقا اسپتالون، 12 رورل هيلٿ سينٽر، 38 بيسڪ هيلٿ سينٽر، ھڪ 20 بسترن وارو مڌر اينڊ چائلڊ ھيلٿ ڪيئر سينٽر ۽ 69 گورنمينٽ ڊسپينسريون واقع ھيون ان کان سواءِ 28 آزمائشي ڊسپينسريون پڻ موجود ھيون[8]. 2001 م 317 مرد ڊاڪٽر ۽ 60 عورت ڊاڪٽر، 15 ليڊي ھيلٿ وزيٽر، 44 فيميل ھيلٿ ٽيڪنيشن ضلعي اندر ڪم ڪندڙ ھيا جيڪو اسٽاف منظور ٿيل تعداد کان تمام گھٽ ھيو جنھن مطابق 5428 ماڻھن لاء ھڪ ڊاڪٽر ھيو[8].

آمدورفتسنواريو

 
بدين ريلوي اسٽيشن پليٽ فارم
 
بدين ريلوي اسٽيشن

بدين جي مکيه ريلوي لائن بدين کان حيدرآباد جي وچ ۾ موجود آهي جيڪا ماتلي تعلقي کان گذري ٿي. بدين شھر ضلعي جو صدر مقام آهي جيڪو روڊن ذريعي تعلقن جي صدر مقامن سان ڳنڍيل آهي. روڊ ذريعي بدين کان ماتلي 90 ڪلوميٽرن، گولاڙچي 35 ڪلوميٽرن، تلھار 25 ڪلوميٽرن ۽ ٽنڊو باگو 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي[11].

آباديسنواريو

پاڪستان جي پھرين آدمشماري1951ع ۾ ٿي جنھن ۾ موجوده بدين واري علائقي جي آبادي 2,56,040 ھئي[13] 1981 ۾ آبادي 7,77,000 ھئي[4]. 17 سال بعد 1998ع ۾ ھن ضلعي جي آبادي 11,36,636 ھئي جنھن ۾ %16.42 آبادي شھري ھئي[14] 2017 ۾ اھا وڌي 1,804,516 ٿي وئي[15]. ان ۾ مرد 8،79،961 ۽ عورتون 953,291 ھيون[11]. ڪل آبادي مان 14،14،138 ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 3,090,378 شھرن ۾ رھندڙ ھئي[16]. 2017ع ۾ تعلقن مان بدين تعلقي جي آبادي 4,55,295 ( شھري:1,31,655 ۽ ٻھراڙي: 3,23,640)، ماتلي تعلقي جي آبادي 4,43,412 (شھري: 98,238 ۽ ٻھراڙي:3,45,174 )، ٽنڊو باگو تعلقي جي آبادي 3,98,858 (شھري: 58,412 ۽ ٻھراڙي: 3,40,446)، شھيد فاضل راهو تعلقي جي آبادي 3,44,697 (شھري:53,392 ۽ ٻھراڙي:2,81,305 )، تلھار تعلقي جي آبادي 1,72,254 (شھري: 48,681 ۽ ٻھراڙي: 1,23,573) آھي[16]. بدين جي %79.4 آبادي مسلمان آھي. شھري آبادي ۾ مسلمانن جو تناسب %82.17 آھي ۽ ٻھراڙيءَ واري آبادي ۾ انھن جو تناسب %78.89 آھي[11]. مسلم آبادي ۾ اڪثريت واريون ذاتيون ھاليپوٽا، ھنڱورا، لغاري، نظاماڻي نمايان آھن[11]. ان کان سواءِ سيد، سومرا، ٽالپر، مينڌرا، چانڊيا، شيدي، ملاح، نوحاڻي ۽ ڀرڳڙي پڻ وڏين مسلمان ذاتين ۾ شامل آھن. ھندو ذاتين ۾ اڪثريت ۾ لوھاڻا، ڀيل ۽ ڪولھي شامل آهن ان کان سواءِ ٿورڙو تعداد برھمڻن جو پڻ آھي[4]. ضلعي جي ڪل آبادي جو %19.93 ھندو آھن. ٻھراڙيءَ جي آبادي ۾ ھندن جو تناسب %20.67 ۽ شھري آبادي م %16.16 آھي[11]. اقليتن ۾ باقي آبادي ۾ %0.25 عيسائي، %0.24 احمدي يا قادياني شامل آهن[11]. ضلعي جي %89.82 آبادي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي. ٻھراڙيءَ جي آبادي ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ %92.20 ۽ شھري آبادي ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جي شرح %77.69 آھي[11]. ضلعي جي ٻي وڏي ٻولي پنجابي آھي جيڪا ڪل آبادي مان %5.62 ماڻھن جي ٻولي آھي جيڪي شھري آبادي جو %11.30 آھن ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي جو %4.50 آھن. اردو ڳالهائيندڙ ڪل آبادي جو %1.21 آھن[11]. شھري آبادي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي شرح %4.65 ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي ۾ %0.53 آھي[11]. ضلعي م پشتو ڳالهائيندڙ آبادي جو %0.73 ، سرائڪي %0.59، بلوچي ڳالهائيندڙ %0.21 آھن[11]. 2017 جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آبادي جو %45.01 ماڻھن جي عمر 1 کان 14 سالن تائين ھئي، %44.89 ماڻھن جي عمر 15 کان 49 سالن تائين ۽ %3.10 آبادي 59 سالن کان وڏي عمر جي ھئي[11]. 2017 ع جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آبادي ۾ اضافي جي شرح %3.22 ھئي[11]. پکيڙ جي لحاظ کان آبادي جي گھاٽائي 168.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[11]. ضلعي م 2017 جي آدمشماري مطابق في خاندان جي ڀاتين جي سراسري شرح في گھر 8 ڀاتي آھي[11].

عدالتي نظامسنواريو

ھن ضلعي جون حدون سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد جي اختيار ۾ اچن ٿيون جنھن ڪري ھاء ڪورٽ جا ڪيس حيدرآباد واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت بدين شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ٻہ عدالتون پڻ ڪم ڪن ٿيون[17]. ھڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ماتلي شھر ۾ ڪم ڪري ٿي. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ٽي سينئر سول ججن جون عدالتون بدين، گولاڙچي ۽ ماتلي ۾ واقع آھن. ان کان علاوه بدين، ماتلي، گولاڙچي ۽ ٽنڊو باگو ۾ جوڊيشل ماجسٽريٽن جون پڻ عدالتون واقع آھن[18]. ضلعي ۾ بدين شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. ضلعي اندر وڪيلن جي ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.

وفاق ۽ صوبي ۾ نمائندگيسنواريو

بدين ضلعي ۾ قومي اسيمبليءَ جا ٻي تڪ اين اي 229 بدين 1 ۽ اين اي 230 بدين 2 شامل آهن. 2018 جي چونڊن ۾ اين اي 229 بدين 1 مان پيپلز پارٽي جو مير غلام حسين ٽالپر ۽ اين اي 230 بدين 2 مان جي ڊي اي جي فھميده مرزا چونڊجي آيا[19]. مير غلام علي ٽالپر ماتلي جي ٽنڊو غلام علي محلي جو رهواسي آهي. سندس والد جو نالو مير بندہ علي ٽالپر ھيو. ڊاڪٽر فھميده مرزا قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آھي ۽ ڊاڪٽر ذالفقار مرزا جي گھرواري آھي.

ماحولياتي آلودگيسنواريو

ساحلي آلودگي يا گدلاڻ ۽ بگاڙ جو وڏو سبب پنجاب ۽ سنڌ جو سم واري پاڻي جو سمنڊ ۾ نيڪال آھي جيڪو ليفٽ بئنڪ آئوٽفال ڊرين المعروف ايل بي او ڊي ذريعي بدين ضلعي مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو[8]. ان ۽ ڪلر ھتان جي زراعت گھڻو متاثر ڪيو آھي. ھتان جي زراعت تي مدار رکندڙ صنعت مان گدلي پاڻي جو نيڪال پڻ ھتان جي زمين کي متاثر ڪيو آھي[8]. شھرن ۾ ميونسپل علائقن ۾ گٽرن جي گندي پاڻي جي مناسب نيڪال نہ ھجڻ ڪري پڻ ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو بيمارين جو سبب ٿي رهيو آهي.

ميلاسنواريو

هن ضلعي ۾ ڪيترائي ميلا لڳن ٿا، جن ۾ شاهہ قادريءَ، شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ، لنواري شريف، پير تاج الدين شاھ طريل، شاهه گُهرئي، روپاماڙيءَ ۾ دودي شهيد، غلام شاهه، سمن سرڪار، ساجن سوائي، احمد راڄي، خليفي محمود نظاماڻيءَ، ملان حسڻ، گل غيبيءَ ۽ ميين موسي وغيره جا ميلا مشهور آهن.[2]

علم ادب ۽ مشھور شخصيتونسنواريو

علمي ادبي لحاظ کان به هي ضلعو شاهوڪار آهي. هن ضلعي ۾ سڀ کان پهرين، سومرن جي ڏينهن ۾ ”مر کان شيخڻ“ پنهنجا ڳيت ڳايا[2]. عبداللطيف ڪيسر، خواجه محمد زمان، عبدالعظيم جت، سانوڻ فقير، سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، پيرو فقير نونداڻي، خليفو نبي بخش لغاري قاسم، الله بخش نظاماڻي، منٺار منڌرو، پير ڀاون علي شاھ، مولوي احمد ملاح، حاجي پير بخش فاروقي دلريش، تاج محمد مشتاق افغان، محمد صديق مسافر، نذير حسين حيدري، پير عالي شاھ، مولوي علي محمد مھيري، مولوي محمد عثمان نورنگزادو، مولوي نورمحمد نظاماڻي نور، راضي فقير رند، انيس مهيري، فرمان علي جعفري، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، خواجه قلب علي ٽڪلو، غلام احمد بيدم، محمد صديق مرهم، آڪاش انصاري، عبدالرحمان نقاش، ماستر محمد سومار شيخ، مشڪور ڦلڪارو، نورمحمد نور سمون، آصف جمالي، نقاش علواڻي، سانوڻ سنڌي، ابوبڪر شيخ، عبدالله ملاح، فراق هاليپوٽو، امر سنڌي، انب گوپانگ، ڪنول لھاڻو، ڀَوَن سنڌي، نٿو مورواڻي، کاٽائو دراوڙ، مولوي عبدالله، ناصر بلوچ ۽ مور سنڌي بدين ضلعي جا مشهور شاعر، عالم ۽ اديب آهن[2]. بدين ضلعي جون ٻيون نامور شخصيتون مير ٺارو خان ماڻڪاڻي، مير غلام محمد ٽالپر، ڏاتو خان جمالي، مير باگو خان ٽالپر، مير بنده علي ٽالپر، رئيس نجم الدين سريوال، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، شهيد فاضل راهو، سيٺ سبز علي خواجه، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حاجي حسن بخش شاھ، مير ولي محمد ٽالپر، غلام حيدر نظاماڻي، پير علي بھادر، محمد اسماعيل راهو، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر ايم. اي عالماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فھميده مرزا، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ ڊاڪٽر خالده سڪندر وغيره ذڪر جي لائق آهن.[2]

قديم آثارسنواريو

پراڻن آثارن ۽ دڙن جي حوالي سان به بدين ضلعو خاص اهميت رکي ٿو[2]. سنڌو درياهه جي پراڻي وهڪري، ڍوڪري جي ڪپرن سان سنڌڙي بندر، علي بندر، رهمڪي بازار، باغ جو پتڻ، ونگو پتڻ، ٻنگار ۽ ڪوٽ لکپت مشهور بندر هئا[2]. قديم دڙن ۾ وير ٿري، مرکان جو دڙو، توت جو دڙو، هوٿي نھڙئي جو دڙو، بديڻ، سارو سنگهار جون دونھيون، روپا ماڙي، مالھين جو دڙو، آسيلي، کيرين جو ڪوٽ، ڪاڪيجاڻي، جاکرن جو دڙو، آڏت جو دڙو، ڪيٽين جا قبا، ابل جي وسي، ڪاٺ ٻانڀڻ، آهيون جو دڙو، ڪانگڻيءَ جو دڙو وغيره اچي وڃن ٿا.[2]

حوالاسنواريو

  1. "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 2017-08-29 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-09-03.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  3. Planning and Development Department, Sindh Government. آرڪائيو ڪيا ويا 2011-08-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Retrieved 10 June 2010
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 [ https://www.loc.gov › books › fa=la...Web resultsBook/Printed Material, Sindhi, Pakistan, Biographies, Badin District] Disaster Risk Management Plan District Badin Government of Sindh-DCO Complex, Karachi Road, Badin Ph: 0297-862384/862418 Fax: 0297-862418
  5. "List of Dehs in Sindh" (PDF). Sindh Zameen. حاصل ڪيل 22 March 2021. 
  6. 6.0 6.1 [ https://www.politicpk.com/badin- district-council-uc-list/] بدين، پوليٽيڪو.ڪام
  7. ورڊ پريس_ نندو شھر[١]
  8. 8.00 8.01 8.02 8.03 8.04 8.05 8.06 8.07 8.08 8.09 8.10 8.11 8.12 8.13 8.14 8.15 8.16 8.17 8.18 8.19 8.20 8.21 8.22 8.23 8.24 8.25 8.26 › filesPDFWeb resultsDistrict Vision Badin - IUCN Portal District Vision Badin
  9. EconomyBadin, Economy. "Government of Sindh". Government of Sindh. وقت 10 October 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 March 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. Badin, Coal Field. "Coal Field Badin". Sindh Coal. حاصل ڪيل 8 November 2013. 
  11. 11.00 11.01 11.02 11.03 11.04 11.05 11.06 11.07 11.08 11.09 11.10 11.11 11.12 11.13 11.14 11.15 11.16 11.17 11.18 › ...PDF9_GPP- Assessment Report of Badin-Sindh Province- Pakistan- Aug ... PREPARED BY GPP – EMERGENCY RESPONSE UNIT GLOBAL PEACE PIONEERS House: 351, ST # 15, G- 10/2 ISLAMABAD
  12. University, Sindh. "Laar Campus of University of Sindh". University of Sindh. وقت 12 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 November 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. [٢]
  14. "Urban Resource Centre". وقت 2006-08-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2006-10-07.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  15. [٣]
  16. 16.0 16.1 [ https://www.pbs.gov.pk › sindhPDFbadin summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION ...]
  17. [ https://districtcourtssindh.gos.pk/district/badin/introduction.php]
  18. [ http://43.245.130.98:8082/dwp/(S(p5frfnyfbs0ryypngnzwq5po))/dwp.aspx]
  19. [٤] نيشنل اسيمبلي. گورنمينٽ آف پاڪستان ويب سائيٽ