ناظم آباد ضلعو (مرڪزي ڪراچي)

(ڪراچي مرڪزي ضلعو کان چوريل)

ڪراچي سينٽرل ضلعو(انگريزي: Karachi Central District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو جيڪو سنڌي جي گادي جي ھنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ ميٽروپوليٽن شھر ڪراچي جي وچ واري حصي ۾ واقع آهي. جنھن ڪري مرڪزي يا سينٽرل ضلعو سڏجي ٿو. ڪراچي شھر پھرين ھڪ ضلعي تي مشتمل ھيو 1987ع م ان کي چئن ضلعن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪراچي ويسٽ ۾ ورھايو ويو. ھن ضلعي جي تعلقن کي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ضلعي م ھن وقت ٽي تعلقا يا سب ڊويزنون آهن. جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. گلبرگ سب ڊويزن
  2. ناظم آباد سب ڊويزن
  3. نارٿ ڪراچي سب ڊويزن
ڪراچي مرڪزي ضلعو
ضلعو
ڪراچي سينٽرل ڊسٽرڪٽ
ڪراچي سينٽرل ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڪراچي سينٽرل ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ڪراچي مرڪزي ضلعو is located in سنڌ
ڪراچي مرڪزي ضلعو
ڪراچي مرڪزي ضلعو
ڪراچي مرڪزي ضلعو is located in Pakistan
ڪراچي مرڪزي ضلعو
ڪراچي مرڪزي ضلعو
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°57′N 67°03′E / 24.950°N 67.050°E / 24.950; 67.050مڪانيت: 24°57′N 67°03′E / 24.950°N 67.050°E / 24.950; 67.050
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن ڪراچي ڊويزن
تعلقا *گلبرگ سب ڊويزن
ضلعي جو قيام 1987ع
پکيڙ[1]
 • ڪل 61.5 ڪ.م2 (23.7 ميل2)
آبادي (2017 جي آدمشماري)[2][1]
 • ڪل 29,72,639

2000 ۾ ھن ضلعي کي ڪراچي جي ٻين ضلعن سميت ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جي ٽائونن ۾ تبديل ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ھن ضلعي کي چئن ٽائون ۾ ورھايو ويو هو جن ۾ لياقت آباد ٽائون، نارٿ ناظم آباد ٽائون ۽ نيو ڪراچي ٽائون ۽ گلبرگ ٽائون شامل ھيا. 11 جولاءِ 2011 تي سنڌ حڪومت ھن ضلعي کي ٻيھر بحال ڪيو ۽ ٽائون ختم ڪري تعلقا سب ڊويزنن جي صورت ۾ بحال ڪيا[2] [3].

ڪراچي ڊويزن ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعو تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل

تاريخ سنواريو

ھن ضلعي م شامل ڪراچي شھر جو حصو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪجهه ڇڊن ڳوٺن تي مشتمل ھيو ان وقت جي پراڻن علائقن م لالو کيت گھڻو مشھور ھيو جيڪو خود ظاھر ڪرڻ ٿو تہ ھي علائقو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پراڻي ڪراچي شھر کان ٻاھر ٻھراڙيءَ وارو علائقو ھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد انديا کان ھجرت ڪري ايندڙ مھاجرن کي ھن ضلعي وارن علائقن م آباد ڪرايو ويو. اھڙي طرح ھن علائقي کي منصوبه بندي سان ترقي ڏياري وئي. لالو کيت واري علائقي کي اڳتي ھلي شھيد ملت لياقت علي خان جي نالي سان لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ء ان سان گڏوگڏ وڌيڪ منصوبه بندي ڪري ھڪ ٻيو علائقو اباد ڪرائي ان کي بينگال سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي ٻئين نمبر گورنر جنرل ۽ ٻئين وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي نالي تي ناظم آباد رکيو ويو. انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ نيو دھلي کي دھلي شھر ۾ ٺاھيو ويو ھو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ باقائده ان وانگر گادي جو ھنڌ ڪراچي ٺاھڻ لاء نيو ڪراچي نالي شھر اڏڻ جو منصوبو رٿيو ويو پر بعد م نئون شھر روالپنڊي جي ڀرسان اڏيو ويو. ڪراچي م نيو ڪراچي وارو ٺھيل نئون علائقو ھن ضلعي ۾ شامل ٿيو. 1987 ۾ ھن ضلعي کي قائم ڪيو ويو.

جاگرافي سنواريو

 
سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي نقشي ۾ ڪراچي سينٽرل جيل بيھڪ

ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ لانگيٽيوڊ 67.058374 ۽ ليٽيٽوڊ م 24.9551104 تي آھي. سمنڊ جي سطح کان ھن ضلعي جي سراسري بلندي 46 ميٽر يا 151 فوٽ آهي[4].ھي ضلعي سمند جي ڪناري کان اٽڪل 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اندر واقع آهي. ھن شھر جي موسم اونھاري م گرم ۽ گھميل ھوندي آھي. سڀ کان گھڻي گرمي جون جي مھيني ۾ 41 سينٽي گريڊ تائين ٿيندي آهي. سياري م ھتان جي موسم سرد ٿيندي آهي. ڪراچي شھر م ھوا جي اندر تمام گھڻي گھم ھڪ ماحولياتي مسئلو آهي جنھن جي . نتيجي م شھر جي مختلف حصن ۾ بيٺل ڪنو پاڻي سج جي گرميءَ تي ٻاڦ ٿي اڏامي نہ ٿو. ان کان علاوه گاڏين ۽ فيڪٽرين جو دونهون شھر م سامونڊي ھوائن جي باوجود ان گھم جي ڪري آلودگي کي تيزي سان وڌائي ٿو[5]. اھڙي طرح ھي ضلعو پڻ ان ماحولياتي مسئلي جو شڪار آهي.

آبادي سنواريو

ھن ضلعي جي آبادي پھرين مارچ 1998 جي آدمشماريءَ واري ڪاٿي مطابق 22,77,931 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 تي وڌي 29,72,639 ٿي وئي[1]. 61.5 چورس ڪلوميٽرن تي ڦھليل ھن شھري ضلعي جي آبادي جي گھاٽائي 48،336 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي ۽ آبادي جي گھاٽائي 48336 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي[1]. آبادي م مردن جو تعداد 1543950 ھيو ۽ عورتون 14,27,349 ھيون[1]. کدڙن جو تعداد 327 ھيو. پوري ضلعي جي آبادي 100 سيڪڙو شھري آبادي ھئي[1]. ضلعي م اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي آھي باقي ٻين ۾ پنجابي، پٺاڻ ، سنڌي ۽ سرائيڪي شامل آهم.

تعليم جون سهولتون سنواريو

يونيورسٽيون سنواريو

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي (ڪراچي واري شاخ)، نذير حسن يونيورسٽي (گلبرگ تعلقو)، عورتن جي جناح يونيورسٽي (لياقت آباد تعلقو)،

ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ سنواريو

گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل ڪاليج (گلبرگ تعلقو)، گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل اسڪول (گلبرگ تعلقو) جناح پوليٽيڪنڪ ڪاليج (لياقت آباد تعلقو)، ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج، (نارٿ ناظم آباد تعلقو)، گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (نارٿ ناظم آباد تعلقو)

ڪاليجون سنواريو

 
شھيد ملت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج عزيز آباد

گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج (گلبرگ تعلقو)، گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ايف بي ايريا، عزيز آباد ڪامرس ڪاليج، شھيد ملت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج عزيز آباد، گورنمينٽ دھلي ڪاليج، جناح گورنمينٽ ڪاليج (لياقت آباد)، عثمانيه گرلس ڪاليج (لياقت آباد تعلقو)، گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج قاسم آباد[6]، رياض گورنمينٽ گرلس ڪاليج لياقت آباد، سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ناظم آباد بلاڪ 1، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد بلاڪ 1، مردن جي گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد، عبدالله گرلس ڪاليج پاپوش نگر، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار وومين نارٿ ناظم آباد، گورنمينٽ ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج(نارٿ ناظم آباد)، گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج بفرزون، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انڊا موڙ چوڪ، پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ايف 11 (نيو ڪراچي تعلقو)، ڪمرشل ڪاليج عزيز آباد،

انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي سنواريو

بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن اينڊ ٽيڪنالوجي (لياقت آباد تعلقو)،

ٻيا تعليمي ادارا سنواريو

 
گورنمينٽ بوائيز ڪامپريھينسو ھائير سيڪنڊري اسڪول عزيز آباد

دستگير گورنمينٽ گرلس اسڪول، سلطان محمود شاھ آغا خان اسڪول، رونق اسلام پبلڪ اسڪول، رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول (گلبرگ تعلقو) سر سيد چلڊرين اڪيڊمي (لياقت آباد تعلقو)، وحيد آباد سيڪنڊري اسڪول، آڪسبرج فائونڊيشن اسڪول (لياقت آباد تعلقو)، قائد ملت گورنمينٽ بوائيز اسڪول قاسم آباد، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، حسيني بوائيز سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس پائلٽ ھائر اسڪول ناظم آباد، اسلام آباد ھاء اسڪول، گرين شيلڊ اسڪول، گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول، ٽائون ڪاميٽي اسڪول مدينه ڪالوني، گورنمينٽ مجيب النساء پرائمري اسڪول، گورنمينٽ بوائيز ڪامپريھينسو ھائير سيڪنڊري اسڪول عزيز آباد، گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن عزيز آباد،

صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ضلعي م صحت جي سھولتن ۾ نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل، ايوان تجارت وصنعت اسپتال، شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل ( نيو ڪراچي تعلقو)، شيخ آء اينڊ ڊائبيٽڪ ھاسپيٽل (نارٿ ناظم آباد)، امام زين العابدين اسپتال ناظم آباد، نعمت بيگم ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل ناظم آباد، عباسي شھيد اسپتال، بقائي سٽي ڊينٽل ھاسپيٽل، بقائي ڪڊني سينٽر، بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن اينڊ ٽيڪنالوجي، لياقت نيشنل اسپتال جي ھڪ شاخ، امام زين العابدين اسپتال، اي او (AO) اسپتال، بقائي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيائڪ ڊزيز نظام آباد، سنڌ گورنمينٽ ھاسپيٽل شريف آباد، نور ھاسپيٽل، ٽرائميڪس ھاسپيٽل, ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ھرٽ ڊزيزز، طبه ھارٽ انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيون کوڙ اسپتالون شامل آهن

سياسي ۽ انتظامي ورهاست سنواريو

قومي اسيمبلي جا تڪ سنواريو

پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ ھن ضلعي جا ھيٺيان تڪ آھن:

  • اين اي 253 ڪراچي سينٽرل 1: (2018 کان[[]])-
  • اين اي 254 ڪراچي سينٽرل 2: (2018 کانمحمد اسلم خان)- پي ٽي آء
  • اين اي 255 ڪراچي سينٽرل 3: (2018 کان[[]])-
  • اين اي 256 ڪراچي سينٽرل 4: (2018 کانمحمد نجيب ھارون)- پي ٽي آء

سنڌ اسيمبلي جا تڪ سنواريو

ھي ضلعو سنڌ اسيمبلي جي 8 صوبائي تڪن م ورھايل آھي[7]. انھن تڪن ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ اتان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جا رڪنن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. پي ايس 123 ڪراچي سينٽرل 1 (وسيم الدين قريشي) - ايم ڪيو ايم پاڪ
  2. پي ايس 124 ڪراچي سينٽرل 2 (خواجه اظهارالحسن) - ايم ڪيو ايم پاڪ
  3. پي ايس 125 ڪراچي سينٽرل 3 (محمد عباس جعفري)- پي ٽي آء
  4. پي ايس 126 ڪراچي سينٽرل 4 (عمر عمري)- پي ٽي آء
  5. پي ايس 127 ڪراچي سينٽرل 5 (ڪنور نويد جميل) - ايم ڪيو ايم پاڪ
  6. پي ايس 128 ڪراچي سينٽرل 6 (محمد عباس جعفري)- ايم ڪيو ايم پاڪ
  7. پي ايس 129 ڪراچي سينٽرل 7 (سيد عمران علي شاھ) - پي ٽي آء
  8. پي ايس 130 ڪراچي سينٽرل 8 (محمد رياض حيدر)- پي ٽي آء

يونين ڪاميٽيون ۽ يونين ڪاؤنسلون سنواريو

نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي[8] ۽ ٻھراڙيءَ ۾ يونين ڪاؤنسل کي ساڳيو يونين ڪاؤنسل سڏبو آهي. ھن ضلعي جي يونين ڪاميٽين جو تعداد 51[9] آھي ۽ ڪوبہ ٻھراڙيءَ جو علائقو نہ ھجڻ ڪري اتي ھاڻي ڪابه يونين ڪاؤنسل ڪانه آھي. ڪراچي ويسٽ شھري علائقن جون 46 يونين ڪاميٽيون ۽ ٻھراڙيءَ جون 6 يونين ڪاؤنسلون آھن ۽ انھن جو ٽوٽل 52 آھي[10]. ۾ ڪراچي ايسٽ ۾ 31[11] ڪورنگي ۾ 37 يونين ڪاميٽيون آھن ، ملير ۾ 32 يونين ڪاؤنسلون ۽ 13 يونين ڪاميٽيون ٽوٽل 45 يو سي آھن، ڪراچي سائوٿ ۾ 31 يونين ڪائونسلون ۽ يونين ڪاميٽيون آھن ھن ضلعي م ھيٺيون 42 يونين ڪاميٽيون (يونين ڪاؤنسلون) واقع آھن[12]:

ڪراچي سينٽرل جون يونين ڪاميٽيون[9]
# يونين ڪاميٽي تعلقو آبادي
1 يو سي شاھنواز ڀٽو ڪالوني 1 نيو ڪراچي سب ڊويزن
2 يو سي گلشن سعيد 2 نيو ڪراچي سب ڊويزن
3 يو سي خواجه اجمير نگري 3 نيو ڪراچي سب ڊويزن
4 يو سي ڪليانه 4 نيو ڪراچي سب ڊويزن
5 يو سي حڪيم احسان 5 نيو ڪراچي سب ڊويزن
6 يو سي ابوذر غفاري 6 نيو ڪراچي سب ڊويزن
7 يو سي فيصل 7 نيو ڪراچي سب ڊويزن
8 يو سي ڪالا اسڪول 8 نيو ڪراچي سب ڊويزن
9 يو سي مصطفیٰ ڪالوني 9 نيو ڪراچي سب ڊويزن
10 يو سي خميسو ڳوٺ 10 نيو ڪراچي سب ڊويزن
11 يو سي مدينه ڪالوني 11 نيو ڪراچي سب ڊويزن
12 يو سي مجيب النساء 12 نيو ڪراچي سب ڊويزن
13 يو سي گوڌرا 13 نيو ڪراچي سب ڊويزن
14 يو سي فاطمه جناح 14 نيو ڪراچي سب ڊويزن
15 يو سي سر سيد 15 نيو ڪراچي سب ڊويزن
16 يو سي شادمان ٽائون 16 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
17 يو سي فاروق اعظم 17 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
18 يو سي الفلاح 18 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
19 يو سي مصطفیٰ آباد 19 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
20 يو سي پھاڙ گنج 20 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
21 يو سي کنڊو ڳوٺ 21 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
22 يو سي حيدري22 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
23 يو سي سخي حسن 23 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
24 يو سي بفر زون 2 24 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
25 يو سي بفر زون 1 25 نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن
26 يو سي النور سوسائٽي 26 گلبرگ سب ڊويزن
27 يو سي سمن آباد 27 گلبرگ سب ڊويزن
28 يو سي گلبرگ 28 گلبرگ سب ڊويزن
29 يو سي واٽر پمپ 29 گلبرگ سب ڊويزن
30 يو سي ياسين آباد 30 گلبرگ سب ڊويزن
31 يو سي نصيرآباد 31 گلبرگ سب ڊويزن
32 يو سي جوھر آباد 32 گلبرگ سب ڊويزن
33 يو سي عزيز آباد 33 گلبرگ سب ڊويزن
34 يو سي ڪريم آباد 34 گلبرگ سب ڊويزن
35 يو سي موسیٰ ڪالوني 35 گلبرگ سب ڊويزن
36 يو سي ایف بي ايريا 36 گلبرگ سب ڊويزن
37 يو سي شريف آباد 37 لياقت آباد سب ڊويزن
38 يو سي بنڌاني ڪالوني 38 لياقت آباد سب ڊويزن
39 يو سي قاسم آباد 39 لياقت آباد سب ڊويزن
40 يو سي ڪمرشل ايريا لياقت آباد 40 لياقت آباد سب ڊويزن
41 يو سي ڊاڪخانه 41 لياقت آباد سب ڊويزن
42 يو سي ابن سينا 42 لياقت آباد سب ڊويزن
43 يو سي لياقت آباد 43 لياقت آباد سب ڊويزن
44 يو سي حاجي مريد ڳوٺ 44 لياقت آباد سب ڊويزن
45 يو سي ھادي مارڪيٽ 45 لياقت آباد سب ڊويزن
46 يو سي عباسي شھيد 46 لياقت آباد سب ڊويزن
47 يو سي پاپوش نگر 47 ناظم آباد سب ڊويزن
48 يو سي اورنگ آباد 48 ناظم آباد سب ڊويزن
49 يو سي ناظم آباد 1 49 ناظم آباد سب ڊويزن
50 يو سي رضويه سوسائٽي 50 ناظم آباد سب ڊويزن
51 يو سي گلبھار 51 ناظم آباد سب ڊويزن

مذھب سنواريو

ھن ضلعي م رھندڙ 99 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آھي باقي 1 سيڪڙو ۾ عيسائي، ھندو ۽ ٻيو شامل آهن. مسلمانن م غالب اڪثريت حنفي سني اسلام مذھب وارن جي آھي ڪن يونين ڪاميٽين ۾ شيعه جعفري اڪثريت ۾ آھن پر ضلعي جي پوري آباديءَ م اھي اقليت ۾ آھن.

ڪتب خانا سنواريو

ھن ضلعي م مشهور ڪتبخانن م سپر مارڪيٽ لائبريري، حسرت موھاني لائبريري، عثمانيه لائبريري، الحدا لائبريري، نادر لائبريري، غالب لائبريري ۽ زين لائبريري، انجمن لائبريري نارٿ ناظم آباد شامل آهن.

روڊ، چوڪ ۽ فلاء اوور سنواريو

روڊ ۽ مشھور گھٽيون سنواريو

ھن ضلعي ۾ گذرندڙ روڊن ۾ نواب صديق خان روڊ، طابش دھلوي روڊ، الطاف علي بريلوي روڊ، شاھراھ پاڪستان، سر شاھ محمد سليمان روڊ، حسين آباد روڊ، پاپوش نگر روڊ، ناظم آباد روڊ، شير شاھ سوري روڊ، شاھراھ جھانگير، منگھو پير روڊ، شاھراھ اورنگي، شاھجھان اوينيو روڊ، سيد رئيس احمد جعفري روڊ، ، راشد منھاس روڊ، لياقت روڊ، ڪڇي پاڙا لائينز ايريا روڊ، بلال روڊ ۽ حسن علي جعفري روڊ، انڊا موڙ روڊ، شاھراھ نورجهان، سرجاڻي روڊ، گوڌرا روڊ، نوراني مارڪيٽ روڊ، معمار اوينيو روڊ، جامع مسجد روڊ ۽ ٻيا شامل آهن

سڪ پلون سنواريو

باچا خان فلاء اوور، لياقت آباد فلاء اوور،

چوڪ ۽ مشھور موڙ سنواريو

خلافت چوڪ، باچا خان فلاء اوور چوڪ، انڊا موڙ چوڪ،

عدالتي نظام سنواريو

ڪراچي سينٽرل ضلعي جو عدالتي صدرمقام سٽي ڪورٽس واري جڊيشل ڪامپليڪس ۾ آھي جيڪو ڪراچي سائوٿ جي حدن اندر ايم اي جناح روڊ تي ڪي ايم سي مرڪزي آفيس جي پاسي م واقع آھي. ان ڪامپليڪس ۾ ڪراچي سينٽرل جون 38 ڪورٽون واقع آھن جن م سڀ کان وڏي ضلعي عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آھي. ان کان علاوه باقي 7 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ، 12 سينيئر سول ججن جون ۽ 18 سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون عدالتون آھي. سول ججن جي عدالتن جا جج ساڳي وقت فيملي جج پڻ آهن. سينيئر سول جج ساڳي وقت رينٽ ڪنٽرولر پڻ آھن. ان کان سواءِ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ خاص عدالت جي حيثيت م ڪم ڪري پئي.

باغ ۽ وندر سنواريو

باغ ۽ باغيچا سنواريو

ھن ضلعي ۾ گلوب پارڪ، سمن پارڪ، ليڊيز پارڪ، باره دري پارڪ، طارق محي الدين شھيد پارڪ، عائشه پارڪ، رضوان پارڪ، باره دري پارڪ، طارق محي الدين شھيد پارڪ، عائشه پارڪ، افزاہ باغ، خاتون جنت پارڪ، تنوير شھيد پارڪ، الازھر پارڪ، انو ڀائي پارڪ، تڪونا پارڪ ناظم آباد، نيازي پارڪ شريف آباد، نرسري پارڪ لياقت آباد، عورتن لاءِ مخصوص پرده پارڪ قاسم آباد، شاليمار پارڪ، شادمان پارڪ، مھدي حسن پارڪ، ابدال پارڪ، ابو حذيفه پارڪ، عائشه صديقه فيملي پارڪ، ڪي بي آر پارڪ، ڪليانه ٽائون سيڪٽر 10 پارڪ،

ڪلب سنواريو

رضويه ڪلب، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر، نارٿ ڪراچي جم ڪلب،

راندين لاء ميدان سنواريو

پير بازار گرائونڊ، ساڪر اسٽيڊيم، پاڪ فليگ گرائونڊ، يو بي ايل اسپورٽس ڪامپليڪس، ڪسٽمس ڪرڪيٽ اڪيڊمي، لياقت علي خان اسپورٽس ڪامپليڪس، گوھر آباد گرائونڊ، منصوره پلي گرائونڊ، جناح گرائونڊ (گلبرگ تعلقو)، ايم اي بي اسپورٽس ڪامپليڪس، لال قلعه گرائونڊ، الفلاح گرائونڊ، محمدي پلي گرائونڊ، حسين ابراهيم اسپورٽس ڪامپليڪس، سنگم گرائونڊ، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، راجپوت بنڌاني گرائونڊ، محمدي پلي گرائونڊ قاسم آباد، اصغر علي شاھ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ ناظم آباد 2، سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪامپليڪس ناظم آباد. ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، پيالا گرائونڊ، ايسٽرن اسٽار ڪرڪيٽ گرائونڊ، نارٿ ينگرس فٽبال گرائونڊ، ھاڪي گرائونڊ فاروق اعظم، نذير حسين يينگ فائيٽرز گرائونڊ، طحه مسجد پلي گرائونڊ، غوث اعظم اسپورٽس گرائونڊ، بفرزون پلي گرائونڊ، ٽيپو سلطان شھيد اسٽيڊيم، انور انصاري فٽبال گرائونڊ،

مشھور جايون سنواريو

جن ضلعي جي مشھور جاين ۾ شامل آهن: جامع مسجد فاروق اعظم، بنارس ڪالوني، مولانا عبدالحامد قادري جي مزار، پشتون مارڪيٽ، سخي حسن قبرستان، فضل الرحمان قريشي جي مزار، ڊي سي آفيس بفرزون (ڪراچي سينٽرل) ، بروھي ڳوٺ, گول مارڪيٽ ناظم آباد، امتياز سپر مارڪيٽ (ناظم آباد)، ڊرائيونگ لائسنس آفيس (ناظم آباد برانچ)، گوليمار قبرستان، ڊائمنڊ سپر مارڪيٽ، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي آفيس، فٽبال جي نيشنل ساڪر اڪيڊمي، اي آر واء نيوز ھيڊ آفيس، لالوکيت پکين واري مارڪيٽ، شريف آباد نرسري، اسٽيٽ بينڪ جي شاخ، بختياري يوٿ سينٽر، نوراني مسجد، افروز ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز،امير معاويه عيدگاهه، جامع مسجد سمن آباد، دارالعلوم نعيمه، ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس 90، مدني مسجد تبليغي مرڪز، ميمڻ ڪالوني، ورلڊ ميمڻ فائونڊيشن ڪميونٽي سينٽر ٽرسٽ، ايڇ اي ايف عيدگاھ، اسماعيلي ڪميونٽي جو مرڪز، فيضان اڪيڊمي، ميمڻ عيدگاھ، ، پيراگون جم

ٿاڻا سنواريو

ھن ضلعي ۾ ٽوٽل () ٿاڻا آهن جن ۾ شامل آهن: تيموريه ٿاڻو، اورنگي ٿاڻو، پاپوش نگر ٿاڻو، شريف آباد ٿاڻو، لياقت آباد ٿاڻو, سپر مارڪيٽ ٿاڻو، سمن آباد ٿاڻو، جوھر آباد ٿاڻو، عزيز آباد ٿاڻو، نيو ڪراچي ٿاڻو، نارٿ ناظم آباد ٿاڻو، اجمير نگري ٿاڻو، يوسف پلازه ٿاڻو، گلبرگ ٿاڻو، گلبهار ٿاڻو، گبول ٽائون ٿاڻو، ناظم آباد ٿاڻو، رضويه سوسائٽي ٿاڻو، ايف بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو، نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو، بلال ڪالوني ٿاڻو، شاھراھ نورجهان ٿاڻو، حيدري مارڪيٽ ٿاڻو[13]،

تصوير سنواريو

حوالا سنواريو