بلوچستان، پاڪستان
بلوچستان(انگريزي: Balochistan) /bəˌloʊtʃɪˈstɑːn/ ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو آهي. بلوچستان ۾ هڪ ننڍي پيماني تي گوادر بندر گاه آهي، بلوچستان ۾ معدني وسيلا تمام گھڻا آهن. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آھي. انتظامي طور بلوچستان ڊويزنن ۽ ضلعن ۾ ورهايل آهي.
بلوچستان بلوچستان | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
صوبو | |||||||
| |||||||
| |||||||
![]() پاڪستان جي نقشي ۾ بلوچستان ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°Eمڪانيت: 27°42′N 65°42′E / 27.7°N 65.7°E | |||||||
ملڪ | ![]() | ||||||
قيام | 14 آگسٽ 1947 | ||||||
صوبائي گادي جو هنڌ | ڪوئيٽا | ||||||
وڏي ۾ وڏو شھر | ڪوئيٽا | ||||||
ذيلي ورھاستون | List
| ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | صوبائي حڪومت | ||||||
• مجلس | بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي | ||||||
• گورنر | امان الله خان ياسين زئي(2018) [1] | ||||||
• وزير اعلیٰ | ڄام ڪمال خان(2018) | ||||||
• چيف سيڪريٽري | اختر نذير (2018) | ||||||
• انسپيڪٽر جنرل پوليس | محسن حسن بٽ | ||||||
• بلوچستان اسيمبلي | ھڪ ايواني (65 سيٽون) | ||||||
پکيڙ | |||||||
• ڪل | 347,190 ڪ.م2 (134,050 ميل2) | ||||||
آبادي (2017)[2][3] | |||||||
• ڪل | 12,344,408 |
صوبائي جھنڊو | ![]() | |
---|---|---|
صوبائي مھر | ![]() | |
صوبائي جانور | ![]() | |
صوبائي پکي | ![]() | |
صوبائي وڻ | ![]() | |
صوبائي گل |
تاريخ سنواريو
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ بلوچستان چئن پرنسلي اسٽيٽس تي مشتمل ھيو جن م قلات، لسٻيلو، خاران ۽ مڪران شامل ھيون جن مان لسٻيلي ۽ خاران جون رياستون انگريزن خان آف قلات جي اختيار ھيٺ رکيون ھيون[5]. پاڪستان ٺھڻ بعد قائداعظم جي خواهش ھئي تہ خان آف قلات ٻين رياستن وانگر پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء معاھدو ڪري. خان نالي ماتر خودمختياري تان دستبردار ٿيڻ نہ پئي چاھيو پر ھو دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ مواصلات جي حد تائين پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء تيار ھيو[5]. جناح 15 فيبروري 1948ع تي سبي جو دورو ڪيو۽ شاھي درٻار ۾ خطاب دوران اعلان ڪيو ته ھي ٻن سالن اندر آئين جي تيار ٿيڻ تائين صوبي تي پنھنجي جوڙيل صلاحڪاري ڪائونسل جي مدد سان حڪومت ھلائيندو[5]. 21 فيبروري 1948ع تي قلات جي دارالعوام جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ پاڪستان م شامل نہ ٿبو پر مستقبل جي تعلقات واري معاھدي لاءِ مذاڪرات جاري رکبا[5]. 18 مارچ 1948ع م خاران، لسٻيلو ۽ مڪران پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن تي خان آف قلات اعتراض ڪيو[5]. 26 مارچ 1948 تي پاڪ فوج کي پسني، جيواني ۽ تربت واري بلوچ ساحلي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم مليو. پاڪ فوج قلات ۾ داخل ٿي ۽ خان آف قلات کان پاڪستان م شامل ٿيڻ جي معاھدي تي صحيح ورتي وئي[5]. ورھاڱي کان 227 ڏينھن بعد تائين بلوچستان م قلات جي الڳ رياست ھئي جنھن جو ڪراچي م سفارتخانو پڻ ھيو جنھن ۾ سفير پڻ مقرر ٿيل ھو[5].
بلوچستان جي انتظامي ورھاست سنواريو
ڊويزنل ورھاست سنواريو
بلوچستان صوبو 6 انتظامي ڊويزنن ۾ تقسيم ٿيل آھي جيڪي ھرھڪ: ڪوئٽا، قلات، ژوب، نصيرآباد، مڪران ۽ سبي آھن.
بلوچستان جون ڊويزنون ۽ ضلعا
انتظامي ڊويزن | ضلعا |
---|---|
قلات ڊويزن | قلات, آواران، خاران، خضدار(ڊويزنل صدر مقام)، لسٻيلا، مستونگ، شھيد سڪندرآباد ۽ واشڪ |
مڪران ڊويزن | گوادر, ڪيچ(ڊويزنل صدر مقام) ۽ پنجگور |
نصيرآباد ڊويزن | جعفرآباد،نصيرآباد, ڪڇي، صحبتپور ۽ جھل مگسي |
ڪوئيٽا ڊويزن | ڪوئيٽا(ڊويزنل صدر مقام), چاغي، قلعہ عبدالله، پشين ۽ نوشڪي |
سبي ڊويزن | سبي(ڊويزنل صدر مقام)، ڪوھلو، زيارت، ڊيرا بگٽي، ھرنائي ۽ لھري |
ژوب ڊويزن | ژوب(ڊويزنل صدر مقام)، موسیٰ خیل،بارخان، قلعہ سيف الله،لورالائي،شيراني ۽ دوڪي |
بلوچستان جا ضلعا سنواريو
حوالا سنواريو
- ↑ Retired justice Amanullah Khan Yasinzai appointed Balochistan governor, The Express Tribune, 3 October 2018.
- ↑ "DISTRICT WISE CENSUS RESULTS CENSUS 2017" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. وقت 29 August 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ "Pak population increased by 46.9% between 1998 and 2011". The Times of India. وقت 29 January 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 January 2016.
- ↑ "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 5.6 [ https://nation.com.pk/05-Dec-2015/how-balochistan-became-a-part-of-pakistan-a-historical-perspective]
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |