ھباري خاندان
هباري خاندان(انگريزي: Habari Dynasty ) جو ذڪر مشهور تاريخي تذڪرن جهڙو: فتوح البلدان، تاريخ يعقوبي ابن حزم جي ڪتاب جمهرة انساب العرب، زبير بن بڪارجي ڪتاب جهمرة نسب قريش ۽اصطخري ابن حوقل ۽ بشاري مقدسي جي سفر نامن ۾ ملي ٿو انهن مٿين بيان ڪيل حوالن مطابق هن خاندان جي وڏي عمر جي پڙ ڏاڏي منذر بن زبير سنڌ ۾ مقررڪيل عرب گورنر حَڪم بن عوانه ڪلبي (730-742ع)سان گڏ سنڌ ۾ نوڪري ڪئي.هو ڪجهه وقت کان پوءِ هتان ڇڏي ويو ۽ 732ھ ڌاري وفات ڪيائين، ان کانپوءِ سندس پٽ عبدالعزيز سنڌ ۾ آيو ۽ منصوره جي ڀرسان، بانيه، ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، وقت گذرندي سندس فرزند عمر سنڌ ۾ هڪ طاقتور سردار جي حيثيت حاصل ڪئي، 227ھ/842ع ڌاري، معتصم با ا جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ جڏهن قبا ئلي جهڳڙن منهن ڪڍيو ته هن سنڌ جي گورنر عمران بن موسيٰ کي قتل ڪيو، جنهن بنو نضار ۽ يمني قبيلن جي جيهڙي ۾ يمني قبيلي جو ساٿ ڏنو هو.سن 232ھ/847ع ڌاري متوڪل جي جائنشينيءَ کان اڳ سنڌ جو گورنرهارون بن ابي خالد 240ھ/854ع ۾ وفات ڪري ويو، ته عمر بن عبدالعزيز خليفي متو ڪل کي لکي موڪليو جيڪڏهن کيس منصوره ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي ته هو ملڪ ۾ پوري طرح امن قائم ڪرڻ لاءِ ذميدار ٿيندو کيس گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ خليفي متوڪل جي حڪومت (240ھ/854ع-247ھ/861ع) جي ستن سالن تائين عمر بن عبدالعزيز سنڌ جو گورنر رهيو، متوڪل جي وفا بعد جڏهن فساد شروع ٿيا ته عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي آزاد حاڪم هئڻ جو اعلان ڪيو .ان طرح هن منصوره ۾ پنهنجي خاندان جي حاڪميت جو بنياد رکيو، ۽ پوءِ عمر بن عبدالعزيز جي گهراڻي ڪافي مدت تائين گاديءَ جي شهر منصوره مان ملڪ تي حڪومت ڪئي،[1]
حوالا
سنواريو- ↑ المسعودي؛ مروج الذهب ومعاذن الجوهر“، بيروت 973 ع، جلد اول، ص 189 ع ۽ فتح نامه ص .122-150، 166، 185، 186.