سنڌ جو گورنر، سنڌ صوبي ۾ پاڪستان حڪومت جو مقرر ڪيل سربراهه هوندو آهي. جيتوڻڪ ڪاغذن ۾ گورنر صوبي جو سربراهه تصور ڪيو وينديو آهي، پر حقيقت ۾ صوبائي حڪومت ۾ وڌيڪ اختيار وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي هوندا آهن. 

گورنر سنڌ
عهديدار
عمران اسماعيل

27 آگسٽ 2018 کان
تعظيمي لقبَ عزت ماب
(روايتي)
عھدي جي مدت صدر جي مرضي مطابق
ويب سائيٽ Official website

تاريخ کي ڏسجي ته صوبائي گورنرن جي اختيارن ۾ واڌ ايندي رهي آهي. جڏهن صوبائي اسيمبليون ختم ڪيون وڃن تڏهن صوبي جا سمورا اختيار گورنرن جي هٿ هيٺ ايندا آهن. جيئن 1958 کان 1972 تائين، 1977ع کان 1985ع تائين ۽ 1999ع کان 2002ع تائين فوجي قانون دوران ٿيو. سنڌ ۾ ٽي دفعا بغير فوجي قانون جي صوبي جا سمورا اختيار گورنرن وٽ آيا، جڏهن 1951ع کان 1953ع تائين ميان امين دين، 1988ع ۾ رحيم دين خان ۽ 1998ع ۾ موعين حيدر مقرر ٿيا ۽ صوبائي اسيمبليون ختم ڪيون ويون. 

گورنر کي پاڪستان جو صدر، وزير اعظم جي صلاح سان مقرر ڪندو آهي. گورنر هائوس، ڪراچي گورنر جو سرڪاري رهائشگاهه هوندو آهي. سنڌ جو هاڻوڪو گورنر عمران اسماعيل سنڌ جو گورنر آهي جنهن کي 27 آگسٽ 2018ع تي مقرر ڪيو ويو.

سنڌ جي گورنرن جي فهرست سنواريو

هيٺ سنڌ ۾ پاڪستان جي آزادي کان پوءِ مقرر ڪيل گورنرن جي فهرست آهي.

ترتيب گورنر جو نالو مدو شروع ٿيو مدو ختم ٿيو سياسي وابستگي
1 غلام حسين ھدايت الله 5 آگسٽ 1947 4 آڪٽوبر 1948 مسلم ليگ
2 شيخ دين محمد 7 آڪٽوبر 1948 19 نومبر 1949 مسلم ليگ
3 ميان امين دين 19 نومبر 1949 1 مئي 1953 مسلم ليگ
4 جارج بگزينڊل ڪونسٽيٽن 2 مئي 1953 12 آگسٽ 1953 شهري انتظاميا
5 حبيب ابراهيم رحمت الله 12 آگسٽ 1953 23 جون 1954 مسلم ليگ
6 نواب افتخار حسين ممدوٽ 24 جون 1954 14 آڪٽوبر 1955 مسلم ليگ
سنڌ صوبو ختم ڪري ون يونٽ ۾ شامل ڪيو ويو. 14 آڪٽوبر 1955 1 جولاءِ 1970
7 ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل، پ.ف 1 جولاءِ 1970 20 ڊسمبر 1971 فوجي انتظاميا
8 ممتاز ڀٽو 24 ڊسمبر 1970 20 اپريل 1972 پاڪستان پيپلز پارٽي
9 مير رسول بخش ٽالپر 29 اپريل 1972 14 فيبروري 1973 پاڪستان پيپلز پارٽي
10 بيگم رانا لياقت علي خان 15 فيبروري 1973 28 فيبروري 1976 آزاد
11 محمد دلاور کنجهي 1 مارچ 1976 5 جولاءِ 1977 پاڪستان پيپلز پارٽي
12 عبدالقدير شيخ 6 جولاءِ 1977 7 سيپٽمبر 1978 شهري انتظاميا
13 ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي، پ.ف 18 سيپٽمبر 1978 6 اپريل 1984 فوجي انتظاميا
14 ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) جهان داد خان، پ.ف 7 اپريل 1984 4 جنوري 1984 فوجي انتظاميا
15 اشرف ڊبليو. تاباني 5 جنوري 1987 23 جون 1988 پاڪستان مسلم ليگ
16 جنرل (رٽائرڊ) رحيم الدين خان، پ.ف 24 جون 1988 12 سيپٽمبر 1988 فوجي انتظاميا
17 جسٽس قديرالدين احمد 12 سيپٽمبر 1988 18 اپريل 1989 سپريم ڪورٽ آف پاڪستان
18 جسٽس فخرالدين ج. ابراهيم 19 اپريل 1989 6 آگسٽ 1990 سپريم ڪورٽ آف پاڪستان
19 محمود ھارون (پهريون ڀيرو) 6 آگسٽ 1990 18 جولاءِ 1993 آزاد
20 حڪيم سعيد 19 جولاءِ 1993 23 جنوري 1994 آزاد
21 محمود ھارون (ٻيو ڀيرو) 23 جنوري 1994 21 مئي 1995 آزاد
22 ڪمال الدين اسفر 22 مئي 1995 16 مارچ 1997 پاڪستان پيپلز پارٽي
23 ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) معين حيدر، پ.ف 17 مارچ 1997 17 جون 1999 فوجي انتظاميا
24 ممنون حسين 19 جون 1999 12 آڪٽوبر 1999 پاڪستان مسلم ليگ (ن)
25 ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو، پ.ا.ف 25 آڪٽوبر 1999 24 مئي 2000 فوجي انتظاميا
26 محمد ميان سومرو 25 مئي 2000 26 ڊسمبر 2002 پاڪستان مسلم ليگ (ق)
27 عشرت العباد خان 27 ڊسمبر 2002 9 نومبر 2016 متحدهہ قومي موومنٽ
28 شهلا رضا (ايڪٽنگ) 9 نومبر 2016 11 نومبر 2016 پاڪستان پيپلز پارٽي (ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)
29 رٽائرڊ چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي 11 نومبر 2016 11 جنوري 2017 پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران مقرر ڪيل آزاد اميدوار
30 آغا سراج خان دراني (ايڪٽنگ) 11 جنوري 2017 30 جنوري 2017 پاڪستان پيپلز پارٽي (اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)
31 محمد زبير 8 فيبروري 2017 29 جوُلاءِ 2018 پاڪستان مسلم ليگ (ن)
32 آغا سراج خان دراني (ايڪٽنگ) 3 آگسٽ 2018 27 آگسٽ 2018 پاڪستان پيپلز پارٽي
32 عمران اسماعيل 27 آگسٽ 2018 تاحال پاڪستان تحريڪ انصاف

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو