ابن حوقل
ابن حوقل هڪ عرب سياح ۽ جاگرافيدان ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو ابوالقاسم محمد بن حوقل هو. سندس تاريخپيدائش جي صحيح خبر نہ آهي، پر سندس هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ رمضان 331ھ/مئي 943ع ۾ دنيا جي ملڪن جون حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ بغداد مان روانو ٿيو ۽ اولھ کان اوڀر تائين پوري اسلامي دنيا گهميو. سندس پيش رو جاگرافيدانن ابن خرداذبہ ۽ ابن قدامہ جا ڪتاب هن لاءِ رهنما هئا.
پاڻ سياحت دوران 340ھ/ 951ع ۾ اصطخريءَ سان بہ مليو. 345ھ/956ع ڌاري ابن حوقل سنڌ ۽ بلوچستان آيو. هن هتي ڳالهائجندڙ ٻولين ۽ انهن جي لھجن جو اڀياس ڪيو ۽ تحقيق ڪري ٻڌايائين تہ ملتان تائين سنڌي ٻولي ڳالهائجي ٿي. 367ھ/977ع ۾ ابن حوقل بغداديءَ سنڌ جو پھريون نقشو تيار ڪيو، ان وقت سنڌ ۾ جيڪي رياستون ڏيکاريون اٿس، تن جا نالا مڪران، مُشڪي، منصوره، مُلتان، طوران، وهند، قنوج ۽ ٻڌيہ آهن. اهو قديم سنڌ جو دنيا ۾ پھريون نقشو آهي. جلم بن شيبان جي ملتان ۾ تقرريءَ کان ٻہ سال پوءِ 367ھ/977ع ۾ ابن حوقل بغدادي مُلتان ۾ پڻ وارد ٿيو. سندس باري ۾ مشھور آهي ته هو اسماعيلي فرقي سان واسطو رکندو هو. اُن مان اسماعيلي تحريڪ جي تنظيم ۽ حڪمت عمليءَ جو ڏس ملي ٿو، جنھن موجب ابن حوقل صرف جلم بن شيبان جي ڪارڪردگيءَ ۽ گهربل فوجي ڪمڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو هو، پر هن ڄاڻي واڻي پنھنجي سفرنامي ۾ اسماعيليهہ تبليغ جو ڪو ذڪر نہ ڪيو. جڏهن تہ جلم بن شيبان (متوفي 376ھ/986ع) جي وفات کان هڪ سال اڳ ۾ (375ھ/985ع) بشاري مقدسي ’ملتان‘ جو سفر ڪرڻ بعد لکي ٿو تہ: ’مُلتان وارا شيعا آهن، اذان ۾ ’حي علي الخيرالعمل‘ چون ٿا ۽ اقامت ۾ ٻه دفعا تڪبير پڙهن ٿا.‘ ان کانسواءِ ابن حوقل بغداديءَ گجرات جو نقشو بہ تيار ڪيو. 976ع ۾ هن ’المسالڪ والممالڪ‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب به ترتيب ڏنو، جيڪو ڇپجي چڪو آهي. سندس وفات 367ھ/977ع ۾ ٿي.[1]
ابن حوقل بغداد جو واپاري هو. سنہ 331ھ (943ع) ۾ بغداد کان روانو ٿي، يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ گهميو. سنڌ ۽ هند ۾ بہ گهميو. هي پھريون سياح ۽ جاگرافيدان آهي جنھن سنڌ ۽ هند جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جو نقشو تيار ڪيو. هي سنڌ جو پھريون نقشو آهي، جنھن ۾ سنڌ جي دريائن ۽ شھرن جو محل وقوع ڏيکاريل آهي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ابن حوقل : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ سنڌ–سياحن جي نظر ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، (قسط- 1)؛ رسالو:مھراڻ؛ 1991ع،جلد 1، ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.