دادو شهر
دادو (Dadu) حيدرآباد ڊويزن جو شهر ۽ ضلعو آهي.[1] دادو تعلقو پڻ آهي. دادو شهر سنڌو درياھ جي ساڄي پاسي انڊس ھاء وي (اين 55) تي اسلام آباد شھر کان 900 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.[2]
Dadu دادو | |
---|---|
شھر | |
آرمي پبلڪ اسڪول دادو | |
جاگرافي بيهڪ: 26°43′57″N 67°46′45″E / 26.73250°N 67.77917°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | دادو ضلعو |
بلندي | 24 ميل (79 ft) |
آبادي (1998) | |
• ڪل | 153,895 |
دادو جي معنى
سنواريودادو لفظ سنڌي توڙي هندي ۾ ڀاءُ جي معنى ۾ پڻ ڪم اچي ٿو. ڪن مؤرخن قاضي قاضن جي ويجهي ۾ ويجهي صحبتي، گورگ نات پنٿ جي پوئلڳ صوفي شاعر دادو ديال (1603ع-1544ع) کي مڃيندڙ دادو ونسي سنت ڏييو رام (1906ع-1836ع) ۽ سنت ڀڳت رام جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي سامتاڻي کان لڏي اچي دادو ويٺا ۽ مندر جوڙيائون جنهن ۾ اوتار جڳتناٿ جي پوڄا ٿيندي هئي. دادو ديال جي هت اچڻ جي به روايت ملي ٿي. هند سنڌ مان پوڄاري به ايندا هئا. انومان آهي ته انهن دادو ونسي سنتن ۽ سندن مندر سبب يا دادو ديال جي اچڻ سبب دادو ونسي مندر وارو شهر سڏيو ويو هجي ۽ پوءِ ڦري دادو ئي سڏجڻ ۾ آيو هجي.[3]
دادو جي تاريخ
سنواريوتاريخي طور دادو بابت ڪو مستند مواد نه ٿو ملي. دادو شهر ڪيترو قديم آهي؟ ان بابت به ڪا تاريخي تصديق موجود نه آهي. تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر جلد 2 ۾ درج آهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙو (1701ع کان پوءِ) زِيدي بلوچستان کان موٽي منڇر ڍنڍ ڪناري سانوه ( موجوده ساوڙو، جوهي تعلقو) کان اچي قيصر پنهور کان ڳوٺ سامتاڻي کسيائين ۽ پوءِ ڳوٺ ڳاها (جوهي تعلقو) ۾ ويهي عقيدتمند گڏ ڪيائين. بعد ۾ خداآباد، مرکپور ۽ فتحپور فتح ڪيائين. هن بيان مان لڳي ٿو ته هن وقت دادو شهر جو محلو مرکپور دادو کان قديم آهي.[3] دادو ان وقت موجود هجي ها ته مرکپور بجاءِ دادو جو ذڪر ضرور ملي ها. ڪن جو چوڻ آهي ته دادو شاھ هو پر ان جي دادو شهر توڙي ضلعي ۾ ڪٿي مزار يا قبر نه ٿي ملي. دادو اولهندي ناري جي اوڀر ۾ ۽ سنڌُو درياھ جي اولهه ۾، درياھ منجهان نڪرندڙ ننڍي واھ جي ڪناري آباد هو. اهو واھ هاڻوڪي دادو جي مؤندر ناڪي واري پاسي کان وهندو، نيو چؤڪ، سئينيما چؤڪ ۽ گرلس هاءِ اسڪول کان ٿيندو ڏکڻ طرف ويندو هئو ۽ وري درياھ ۾ وڃي پوندو هو.دادو ۾ هاڻ انهيءَ واھ جو وجود ئي نه رهيو آهي. دادو اول ڪراچي ضلعي ۾ هو. 1900ع کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. سال 1931ع ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو[3]، جنهن ۾ جوهيءَ، ميهڙ، ڪڪڙ شهر (هاڻ خيرپور ناٿن شاھ) سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان تعلقي طور شامل ڪيا ويا. بعد ۾ 2004ع دادو ضلعي کي ٽوڙي الڳ ضلعو ڄامشورو جوڙيو ويو جنهن ۾ سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي، محال ڪوهستان (ٿاڻي بولا خان. ٿاڻي احمد خان ۽ ڪرچات وارو علائقو) تعلقا شامل ڪيا ويا. 1980ع واري ڏهاڪي تائين دادو شهر ڪا خاص ترقي نه ڪئي هئي پر پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪري سنڌ جو اهم ضلعو بڻيو.
تعليم
سنواريودادو ۾ بھتر تعليم لاءِ آرمي پبلڪ اسڪول، ٽي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ گرلس اسڪول ، گورنمينٽ گرلس ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي جو ڪيمپس ۽ لا ڪاليج مصروف عمل آھن.
صحت
سنواريوھتي صحت جي سھولت لاء سول ھاسپيٽل موجود آهي.
آمدورفت
سنواريودادو شھر انڊس ھاء وي (اين 5) تي واقع ھجڻ جي ڪري ڪراچي کان پشاور تائين درياء سنڌ جي ساڄي ڪپ وارن ڪيترن ئي شھرن سان ڳنڊيل آهي. ان سان گڏو گڏ لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دادو مورو پل ذريعي درياء جي کاٻي ڪپ واري پاسي کان نيشنل ھاء وي سان ڳنڊيل آهي. ھي شھر ريلوي لائين ذريعي پڻ ڪراچي ۽ روھڙي سان ڳنڊيل آهي. شھر م ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي جيڪا برٽش دؤر ۾ قائم ٿي ھئي
دادو جون ادبي شخصيتون
سنواريوعلامہ احمد مجتبیٰ غالب ملڪاڻي، استاد بخاري، تاج صحرائي، عبدالله مگسي، حافظ احسن چنه، عزيز ڪنگراڻي، اڪبر جسڪاڻي، فاروق سولنگي، شمس سومرو، محمد بخش سميجو، عثمان ميمڻ، حاڪم علي شاھ بخاري، منظور سخيراڻي ، انور قنبراڻي، محمد فقير مسخرو شبير شاهاڻي رجب آزاد سولنگي,،ماڻڪ ڪنگراڻي ۽ ٻيا دادو ضلعي جي ادب، شاعري ۽ ڪلا جا اهم نالا آهن.