مٽياري ضلعو

سنڌ جو ھڪ ضلعو


مٽياري ضلعو (انگريزي ٻولي: Matiari Districtپاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي، جنهن کي 2005ع ۾ حيدرآباد کان الڳ ڪري ضلعو ٺاهيو ويو. ضلعي جو صدرمقام مٽياري شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن.[2] جن جا نالا مٽياري تعلقو، ھالا تعلقو ۽ نيو سعيد آباد تعلقو آھن. ھن ضلعي جي يونين ڪائونسلن جو تعداد 30 آھي[3]. نيشنل ھاء وي ايم 5 ھن ضلعي وچان گذري ٿو. ھن ضلعي جي اندر مشھور صوفي بزرگن جون مزارون آھن.جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم نوح شامل آهن. شيخ اياز ۽ علامہ عمر دائود پوٽو پڻ ھن ضلعي اندر ڀٽ شاھ ۾ دفن ٿيل آھن. ضلعي جي اولھ واري پاسي کان سنڌو درياھ گُذري ٿو.مشھور حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن بہ ھن ضلعي ۾ واقع آهي.

مٽياري
ضلعو
ضلعه مٽياري
مٽياري ضلعو ۽ ان جا تعلقا
مٽياري ضلعو ۽ ان جا تعلقا
مٽياري is located in سنڌ
مٽياري
مٽياري
مٽياري is located in Pakistan
مٽياري
مٽياري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E / 25.750; 68.500مڪانيت: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E / 25.750; 68.500
ملڪ پاڪستان
صوبا سنڌ
قيام 2005
صدر مقام مٽياري
پکيڙ
 • ڪل 1,417 ڪ.م2 (547 ميل2)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 769,349
سنڌ جي نقشي ۾ مٽياري ضلعي جو مقام

مٽياري ضلعي جا تعلقا سنواريو

ضلعي مٽياري ۾ ٽي تعلقا آهن:

يونين ڪاؤنسلون سنواريو

مٽياري ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[4]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 مٽياري 2 جيئندل ڪوٽ 3 شاھ عالم شاھ جي وسي
4 شاھپور (عارف کٽياڻ) 5 تاجپور 6 بائو خان پٺاڻ
7 پليجاڻي 8 اڏيرو لال اسٽيشن 9 بائو ديرو
10 سيکاٽ 11 اڏيرو لال وليج 12 نوبت مري
13 شير محمد ٺوڙھا 14 فقير نور ھوٿياڻي 15 محمد حسين ھڱورو
16 ڀاڻوٺ 17 کنڊو 18 فتح محمد شاھ اجناڻي
19 اجن شاھ 20 ڀٽ شاھ 21 مخدوم جون لانڍيون
22 ڪي ڪي نظاماڻي 23 شھمير راھو 24 فقير آباد
25 سعيد آباد پراڻو 26 ڀليڏنو ڪاڪا 27 سڪندر آباد
28 زير پير 29 عبدالواحد ٻرڙو 30 محمد رمضان انڙ

تاريخ ۽ ثقافت سنواريو

ضلعو مٽياري حيدرآباد ڊويزن جو حصو آهي، هي ضلعو 2005ع تي وجود ۾ آيو، ان کان اڳ هي حيدرآباد جو حصو هو. 2017ع جي آدشماري موجب هن ضلعي جي آبادي 7 لک 69 هزار آهي. ضلعي ۾ 92 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ۽ چار سيڪڙو ماڻهو اردو ڳالهائين ٿا.

 
سخي ھاشم شاھ جو ميلو : 4 مارچ 2013

مٽياري ضلعي ۾ هيٺيون درگاهون مشهور آهن:

 
ڀٽ شاھ درگاھ تي زيارت ڪندڙ
  • مخدوم نوح سرور هالائي سهروردي، هالا
  • پير جهنڊو، ويجهو سعيد آباد

مٽياري ضلعي جون ديھون سنواريو

مٽياري ضلعي ۾ 120 ديھون آھن.

ضلعو تعلقا ديهون
مٽياري مٽياري
هالا
سعيدآباد

حوالا سنواريو

مڪانيت: 25°36′00″N 68°26′24″E / 25.60000°N 68.44000°E / 25.60000; 68.44000{{#coordinates:}}: cannot have more than one primary tag per page