حب ندي

پاڪستان ۾ درياھ

حب ندي (انگريزي: Hub River ) ڪراچيءَ کان ست ڪوهه پري پٻ جبل جي اتر واري قطار وٽان بلوچستان جي حد مان هلي ٻه سؤ چاليھ ميلن تائين پٽ پُسائيندي ڪراچيءَ جي پريان ڪيپ مانز (راس ڪماريءَ) وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي[1]. حب ندي ماضيءَ جي قديم سنڌ مان ۽ هينئر سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد وٽان وهي سمنڊ ۾ پوي ٿي. يعني حب نديءَ جو اوڀر وارو پاسو سنڌ ۾ ۽ اولھ وارو پاسو هن وقت بلوچستان ۾ آهي[1]. اڳوڻي سنڌ م سنڌ ۾ سنڌوندي کان سواءِ ٻي ندي حب ھئي[2].

پاڻي جو ذريعو سنواريو

حب نديءَ جو دارومدار کيرٿر جبل تان هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ تي آهي، جڏهن کيرٿر ۽ بلوچستان جي ٻين جبلن تان پاڻي مختلف نئين جي صورت ۾ گڏ ٿي حب نديءَ ۾ پوي ٿو، تڏهن حب نديءَ جي پاڻيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو[1]. ڪيتريون ئي نيون برساتن کان پوءِ جبلن تان وھي سمنڊ، سنڌوندي ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪنديون آھن[2]. حب ندي سنڌونديءَ کان به وڌيڪ تيز وهندڙ ندي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 [ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012]
  2. 2.0 2.1 [ سنڌ گزيٽيئر جلد پھريون، مصنف: ايڇ ٽي سورلي، 1996 ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 22 ]