زِنْجِبَار (انگريزي: Zinzibar ) تنزانيه جو ھڪ نيم خودمختيار علائقو آهي. اھو ھندي سمنڊ ۾ تنزانيه جي اوڀر واري ڪناري کان 50 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ننڍڙن وڏن ٻيٽن جي جھرمٽ وارو علائقو آهي جن ۾ سڀ کان وڏا ٻيٽ انگوجا ۽ پيمبا آھن. انھن مان انگوجا ٻيٽ ۾ زنجبار شھر واقع آهي جيڪو ان زنجبار واري نيم خودمختيار علائقي جو گاديءَ جو هنڌ پڻ آھي. کي عام طور تي زنجبار سڏيو ويندو آهي. ھن علائقي جو تاريخي شھر اسٽون ٽائون آھي جيڪو عالمي ورثو قرار ڏنل آھي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق زنجبار تنزانيه جو وڏو ٻيٽ آھي جنھن جي آبادي 2002 ۾ 622,459 ھئي[5]. سن جي ايراضي 1651 چورس ڪلوميٽر (637 چورس ميل) آهي[5]. ان ٻيٽ جو اھم شھر زنجبار سٽي آهي جنھن جي آبادي 2002 ۾ 205,870 ھئي. زنجبار شھر ٻيٽ جي اولھ م واقع آهي ۽ زنجبار ٻيٽ جو اھم بندرگاھ ۽ تجارتي مرڪز پڻ آھي[5].

زِنْجِبَار
Zanzibar

زنجبار
Flag of زنجبار
جھنڊو
ترانو: منگو اميتوبار اڪيا (Swahili)
خدا جو اسان تي فضل آ[1]
تنزانيه ۾ زنجبار جو مقام
تنزانيه ۾ زنجبار جو مقام
ھندي سمنڊ ۾ انگوجا ۽ پيمبا وارا ٻيٽ
ھندي سمنڊ ۾ انگوجا ۽ پيمبا وارا ٻيٽ
حیثیت تنزانيه جو نيم خودمختيار علائقو
گادي جو هنڌ زنجبار شھر
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ
مذهب
مقامي آبادي زنجباري
حڪومت فيڊريڪ
حسين علي مويني
• نائب صدر ٻيون
سيف علي عيدي
مقننه ھائوس آف ريپرزنٽيٽو
آزادي

يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان

10 ڊسمبر 1963
12 جنوري 1964
26 اپريل 1964
پکيڙ
2٬462 km2 (951 sq mi)
آبادي
• 2012 مردم شماري
1,303,569[2]
•  گھاٽائي
529.7 /km2 (1٬371.9 /sq mi)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2012 لڳ ڀڳ
• ڪل
$860 million[3]


نالي جو پسمنظر

سنواريو

انگريزي ۾ ان کي زينزبار چون ٿا جيڪو عربي جي لفظ زنجبار جي بگڙيل صورت آهي. زنجبار لفظ واري فارسي جي لفظ زنگبار مان نڪتل آهي. فارسي ۾ زنگ جي معنيَ ڪارو آھي ۽ بار جي معنيَ سامونڊي ڪنارو آھي. [6][7][8] زنجبار لفظ جو مطلب ڪارن ماڻھن يا شيدين جي سرزمين آهي

معيشيت

سنواريو

زنجبار جي اھم صنعت ۾ مصالحا، رافيا ۽ سياحت آھي[9]. ھتان جي ٻيٽن م لونگ، جائفل، دالچيني، ۽ ڪارن مرچن جي پوک گھڻي ٿئي ٿي. ان پوکن جي ڪري زنجبار جي ٻيٽن جي جھرمٽ ۽ مافيا ٻيٽ مصالحن وارا ٻيٽ سڏبا آهن.زنجبار جي ٻيٽ جي معيشت زراعت ۽ مڇي جي شڪار تي مشتمل آهي[5].

جهنگلي جيوت

سنواريو
 
زنجباري ڪولوبس ڀولو
 
زنجباري جنيٽ ٻلو

ھي علائقو اصل مقامي زنجباري ڪولوبس نالي ڀولي زنجباري جنيٽ نالي آفريڪي ٻلي، نابودي ويجھو ناياب زنجباري واگھ جي سرزمين پڻ سڏبو آهي [10][11].

زنجبار ۽ پيمبا ٻيٽن لاء خيال آهي تہ اھي ڪنھن زماني م آفريڪا کنڊ جي ڌرتي جو حصو ھيا ۽ بعد م ڌار ٿي ٻيٽ ٿي ويا[5]. ھتان ملندڙ پٿرن جي ٺھيل اوزارن مان پتو پيو آهي تہ ھن علائقي ۾ انساني رھائش 20000 سال اڳ شروع ٿي ھئي[12]. جيڪو دؤر پٿر جي پوئين دؤر جي شروعات وارو دؤر ھيو. عيسوي صدين جي پھرين ڏھاڪي جي شروعات ۾ ھتي ڀر واري آفريڪي ڌرتي جي بانٽو ٻولي ڳالهائيندڙن رھائش شروع ڪئي. زنجبار جي اتر اولھ م رھندڙ موجوده آبادي جي شروعات ڇھين صدي عيسويءَ کان ٿي جنھن جو گذران شروع کان وٺي ھاڻي تائين زراعت ۽ مڇي جو شڪار آهي. پنجين کان اٺين صدي عيسويءَ م زنجبار جي ساحلي شھرن ھندي سمنڊ جي ذريعي واپار ۽ آفريڪي ڌرتي وارن سان واپار جي شروعات ڪئي[13]. 1498ع ۾ ھتي واسڪو ڊي گاما جي آمد سان ھتي يورپين جو اثر شروع ٿيو. 1503 يا 1504 ۾ پورچوگيزن جي ڪيپٽن رئي لورئينسو رواسڪو مارڪئز (Ruy Lourenço Ravasco Marques) ھتي بحري رستي چڙھائي ڪري آيو ۽ ھتان جي سلطان کان خراج جو مطالبو ڪيو ۽ سلطان جنگ کان بچڻ خاطر کيس ادا ڪري پورچوگيزي ايمپائر جو تسلط قبول ڪيو[14]. اھڙي طرح ٻہ صديون زنجبار پورچوگيزن جي قبضي هيٺ رھيو. شروع ۾ زنجبار کي پورچوگال جي ايٿوپيا ۽ عربستان واري صوبي جو حصو بڻايو ويو پر پوءِ 1571ع ۾ زنجبار کي پورچوگال جي اولھ آفريڪي صوبي ۾ شامل ڪيو ويو جنھن جو صدرمقام موزمبيق ۾ ھيو. پورچوگيزن زنجبار جا ٻيثن جو مقامي انتظام مقامي سلطانن جي ھيٺ رکيو . 1631ع م مومباسا جي سلطان پورچوگيزن جو قتل عام ڪرايو جنھن بعد يورپي گورنرن جي مقرري شروع ٿي. سواحلي رھاڪن جي واپار ۽ مقامي اختيارن جي کسجڻ بعد سواحلي اميرن عماني عرب اشرافيه کان يورپين مان جان ڇڏائڻ لاءِ مدد ورتي[15]. 1698ع ۾ زنجبار عماني سلطنت جو حصو ٿي ويو[16]. 1784ع ۾ مقامي ماڻھن عماني سلطنت خلاف بغاوت ڪئي ھئي.

 
زنجبار جو قلعو
 
زنجبار جو حرم ۽ بندرگاھ جو منارو [17]

سترھين صدي عيسويءَ ۾ زنجبار عمان جي عربن جي قبضي هيٺ آيو. 1832ع ۾ عمان جي سلطان زنجبار شھر کي عماني سلطنت جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو[5]. 1861 ۾ زنجبار عمان کان علحده ٿي ويو ھڪ خودمختيار سلطنت بڻيو[5]. سلطان برغش بن سعيد جي دؤر (1870 کان 1888 تائين) زنجبار جو وڏو علائقو يورپين جي قبضي ۾ اچي ويو ھو. 1890 م برطانيا زنجبار ۽ پيمبا ٻيٽن تي مشتمل پنھنجي پروٽيڪٽوريٽ جو اعلان ڪيو[5]. پروٽيڪٽوريٽ جو انتظام سلطانن جي حوالي رھيو. 1890 کان 1913 تائين روايتي وزير نگران رھندا آيا جيڪي ڪالوني جي آفيسرن جي مشاورت سان حڪومت ھلائيدا ھيا. 1913ع کان مقامي ماڻھن مان گورنر مقرر ڪري انھن ذريعي حڪومتي انتظام ھلايو ويو. 1963 ۾ اھا سلطنت ٻيھر خودمختياري حاصل ڪئي ۽ ڪامن ويلٿ جي رڪن ٿي[5]. 1963 م يونائيٽيڊ ڪنگڊم زنجبار ايڪٽ پاس ڪري پروٽيڪٽوريٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو جنھن سان اتي جي سلطان جي حڪومت ھڪ آئيني بادشاهت ۾ تبديل ٿي وئي[18] پر مھيني بعد 12 جنوري 1964ع ۾ سلطان جمشيد بن عبدالله کي انقلاب آڻي معزول ڪيو ويو جيڪو پوء جلاوطن ٿي ويو[19]. سلطنت عوامي جمهوريه زنجبار ۽ پيمبا ۾ تبديل ٿي وئي. ايفورو شيرازي پارٽي اتي سوشلسٽ حڪومت قائم ڪئي. ان انقلاب م لڳ ڀڳ 20000 ھزار ماڻھو مارجي ہا جلاوطن ٿي ويا جن ۾ وڏو تعداد عربن ۽ ھندوستاني ماڻھن جو ھيو[20]. 1964ع ۾ سلطنت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ھڪ ريپبلڪ جو قيام ٿيو[5]. اپريل 1964ع ۾ ھن نئين رياست آفريڪي سرزمين تي واقع ٽانگانيڪا سان انضمام ڪري يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف ٽانگانيڪا اينڊ زنزبار نالي سان نئين رياست قائم ڪئي. جلد ئي ٽانگانيڪا ۽ زنزبار نالن کي پاڻ ۾ ملائي ان تي نئون نالو تنزانيا رکيو ويو ۽ ان رياست ۾ زنجبار جي حيثيت بطور نيم خودمختيار رياست برقرار رکي وئي. برٽنيڪا مطابق زنجبار ريپبلڪ بعد ۾ ٽانگانيڪا سان شامل ٿي وئي، اھڙي طرح تنزانيه جي ريپبلڪ وجود آئي[5].

  1. Kendall, David. "Zanzibar". nationalanthems.info. حاصل ڪيل 29 Jan 2015. 
  2. MWACHANG`A, DEVOTA (23 May 2014). "Kikwete to grace launch of 2012 statistics report". IPP Media. http://www.ippmedia.com/frontend/?l=68141. 
  3. "Gross Domestic Product (GDP) in Zanzibar". www.ushnirs.org. وقت 16 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 July 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 3 December 2018. 
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -
  6. Harper, Douglas. "zanzibar". Online Etymology Dictionary. 
  7. Richard F. Burton (2010). The Lake Regions of Central Africa. New York: Cosimo, Inc.. p. 38. ISBN 978-1-61640-179-5. https://books.google.com/books?id=D-ph9_ibicUC&pg=PA38. 
  8. Mehrdad Shokoohy (2013). Muslim Architecture of South India: The Sultanate of Ma'bar and the Traditions of Maritime Settlers on the Malabar and Coromandel Coasts (Tamil Nadu, Kerala and Goa). New York: Routledge. p. 137. ISBN 978-1-136-49977-7. https://books.google.com/books?id=kqhddUCZ_BQC&pg=PA137. 
  9. "Exotic Zanzibar and its seafood". حاصل ڪيل 11 June 2011. 
  10. Li, Joanna (2018-06-07). "Zanzibar Leopard Captured on Camera, Despite Being Declared Extinct". Inside Edition. https://www.insideedition.com/zanzibar-leopard-captured-camera-despite-being-declared-extinct-43962. 
  11. Seaburn, Paul (2018-06-12). "Extinct 'Evil' Zanzibar Leopard Seen Alive in Tanzania". Mysterious Universe. https://mysteriousuniverse.org/2018/06/extinct-evil-zanzibar-leopard-seen-alive-in-tanzania/. 
  12. Hashim, Nadra O. (2009). Language and Collective Mobilization: The Story of Zanzibar. Lexington Books. p. xi. ISBN 978-0-7391-3708-6. https://books.google.com/books?id=LVFYmNO7BeEC&pg=PAxi. 
  13. Kusimba, Chapurukha, and Walz, Jonathan. (2018.) "When did the Swahili become Maritime?: A Reply to Fleisher et al. (2015), and to the Resurgence in Maritime Myopia in the Archaeology of the East African Coast", American Anthropologist 120(3).
  14. Ingrams, W. H. (1 June 1967). Zanzibar: Its History and Its People. Psychology Press. ISBN 9780714611020. https://books.google.com/books?id=oYhrCkGaxyUC&printsec=frontcover#v=onepage&q&f=false. Retrieved 12 March 2018. 
  15. Sir Charles Eliot, K.C.M.G., The East Africa Protectorate, London: Edward Arnold, 1905, digitized by the Internet Archive in 2008 (PDF format).
  16. N. S. Kharusi, "The ethnic label Zinjibari: Politics and language choice implications among Swahili speakers in Oman", Ethnicities, 12(3) 335–353, 2012.
  17. "The Harem and Tower Harbour of Zanzibar". Chronicles of the London Missionary Society. 1890. https://archive.org/details/chroniclelondon00unkngoog. Retrieved 2 November 2015. 
  18. United States Department of State 1975, p. 986
  19. Ayany 1970, p. 122
  20. "The forgotten genocide of the Zanzibar revolution - Speak Magazine". Speak Magazine. حاصل ڪيل 2016-01-04.