مڪلي---- مڪلي جو قديم قبرستان---Makli Necropolis: مڪلي ھڪ قديم قبرستان جو نالو آهي، جيڪو مڪليا شھر ۾ ٺٽي شھر کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي.

مڪلي
Makli
شھر
مڪلي جتي سنڌ جو قديم قبرستان واقع آهي
مڪلي جتي سنڌ جو قديم قبرستان واقع آهي
مڪلي is located in سنڌ
مڪلي
مڪلي
سنڌ جي نقشي ۾
جاگرافي بيهڪ: 24°43′42″N 67°53′32″E / 24.72833°N 67.89222°E / 24.72833; 67.89222
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ٺٽو ضلعو

نالي جو پسمنظر

سنواريو

انهيءَ ٽڪر تي مڪليءَ جو نالو هن ڪري پيو. جو قديم وقت ۾ هڪڙو وڏو بزرگ حج ڪرڻ لاءِ ٿي ويو، اتي اچي لٿو، رات جو خواب ڏٺائين جنهن جي اثرکان جاڳندي هن کي جذبو اچي ويو ۽ بار بار چوڻ لڳو ته هذا مڪه لي هــٰــذا مَڪه لِي يعني هيءُ پنهنجي لاءِ مڪو آهي. مَڪه لِي وري وري چيائين. تنهن تان انهيءَ هنڌ تي مڪلي نالو پئجي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته هڪڙي اولياءَ بي بي مڪلي واري مسجد جي محراب جي پٺيان دفن ٿيل آهي ۽ انهيءَ مسجد تي مڪليءَ يا ننڍي مڪي جو نالو شيخ حماد رکيو، جنهن جو مٿي ذڪر آهي. پوءِ انهيءَ مسجد تان ساري ٽڪريءَ تي نالو پيو.[1] ==

مڪليءَ جي ٽڪري پَٻ ۽ هاڙهي جبل جي شاخ آهي ۽ رني جي ڪوٽ واري ٽُڪرن جي قطار مان آهي. پير پٺي کان نڪري اتر ڏي برابر پنج ڪوهه وڃي ٺٽي کي ويجهو الهندي ڏي بيهي ٿي. سمن ڄامن جو مکيه شهر ساموئي ٽڪريءَ جي اتر واري ڇيڙي جي هيٺان آهي، جتي ڄام تماچي ۽ نورڀينءَ جون قبرون آهن. ترخانن کان وٺي ٺٽو گاديءَ جو هنڌ ٿيو. انهن مان گهڻن جون قبرون ۽ قبا مڪليءَ تي آهن. انهن ٺٽي شهر ۾ به ڪيتريون عمديون مسجدون جوڙايون. انهن کان سواءِ مڪليءَ تي تمام گهڻن اوليائين ۽ بزرگن جا مقبرا آهن. مشهور آهي ته سوا لک اولياءَ اتي آهن. [1]

فن تعمير

سنواريو

انهيءَ ٽڪريءَ تي هيٺين حاڪمن جا قبا ۽ قبرون آهن. رستي تي پهرين (1) مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ جو قبو آهي. اڪبر بادشاهه جي وقت ۾ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو پونيون ترخان حاڪم هو، سندس مرڻ تي غازي بيگ حاڪم ٿيو. جنهن کي ماري وڌائون. انهيءَ جو ا قبي جو سال سنه 1613ع آهي. (2) نواب مرزا عيسيٰ ترخان- مرزا عيسيٰ ترخان پهريون ئي شخص هو، جو جهانگير بادشاهه جي وقت ۾ نواب مقرر ٿيو، انهيءَ جو قبو هن پهرئين قبي جي اتر ڏي آهي. قبي جو سال سنه 1644ع آهي. (3) مرزا طغرل بيگ جو قبو مٿين ٻن قبن جي وچ ۾ آهي. ڪلان ڪوٽ تي هن جو نالو پيل هو ۽ طغرل آباد سڏبو هو، جو ڪي چون ٿا ته تغلق آباد آهي. اهوقبو ٻارهن پيلپاون تي بيٺل آهي. (4) ديوان شريف خان ارغون. جو دهليءَ مان وزير مقرر ٿي ٺٽي جي هڪڙي نواب وٽ آيو. قبي جو سال سنه 1638ع آهي. اهو قبو هن پنهنجي جيئري جوڙايو. (5) نواب امير خليل خان- هن جي وصيت موجب هن جي لاش قبي کان ٻاهر دفن ڪئي ويئي، جو قبي ۾ ست وڏا بزرگ رکيل هئا. قبر جو سال سنه 1585ع آهي.

(6) مرزا عيسيٰ ترخان- پهريون ترخان حاڪم هو. هن جي قبي جي آسپاس ٻيون به گهڻيون قبرون آهن. قبي جو سال سنه 1573ع آهي.

 
عيسيٰ خان ترخان II جو مقبرو جيڪو مڪلي ۾ فن تعمير جو شاهڪار آهي

(7) ڄام نظام الدين سمو ڄام، جو زبردست حاڪم ٿي گذريو. قبي جو سال سنه 1508ع آهي.

 
ڄام نظام الدين سمي جي مقبري جو جھروڪو گجراتي طرز تعمير ڏيکاري ٿو.

(8) سيد علي شيرازيءَ جو قبو مٿئين قبي جي اتر ڏي ۽ ماٿريءَ جي هن پاسي آهي. هيءُ سيد ٺٽي جي ماڻهن جي طرفان تحفا کڻي همايون بادشاهه وٽ عمرڪوٽ ۾ ويو هو.

  1. 1.0 1.1 قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
 
ڪجھ مقبرا اڪريل گلڪاري سان سينگاريل آهن
 
ڪجھ مقبرن جا ورانڊا ڇت سان ڍڪيل آهن ۽ خوبصورتيءَ سان اڪريل آهن.
 
کوڙ خالي مقبرا cenotaphs خوبصورتيءَ سان اڪريل آهن
 
ڪجھ مقبرا وچ ايشيا طرزِ وارو فن تعمير ظاهر ڪن ٿا.
 
مرزا باقي ازبڪ جو مقبرو وچ ايشيائي فن تعمير ڏيکاري ٿو.