شيخ عبدالمجيد سنڌي

سنڌي سياستدان

شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جو اهو مقتدر ۽ نامور قومي سياستدان هو، جنهن ننڍي کنڊ ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي پنهنجي علم، دانائيءَ ۽ بصيرت جا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ سندس خدمتون سنڌي قوم صدين تائين وساري نه ٿي سگهي. سائين جي. ايم. سيد، پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ شيخ صاحب لاءِ لکيو آهي ته مرحوم غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي وفات کانپوءِ سنڌ جي زميندار ۽ وڪيل طبقي جي اڪثر سياستدانن لالچ ۽ خودغرضيءَ ۾ وڪامجي، ظالم جي رعب، دٻدٻي ۽ دڙڪي کان هيسجي، قوم کي وساري ڇڏيو هو. ان وقت هي (شيخ عبدالمجيد سنڌي) واحد فرد هو، جو گذريل ڪيترن سالن جي سياسي عرصي ۾ نه ڪنهن طاغوتي طاقت کان ڊڄي حق گوئيءَ کان ڪناره ڪش ٿيو ۽ نه وري عهدن جي لالچ، پئسي جي حرص، عزت جي بک ۽ فاقاڪشيءَ جي تڪليف کيس گمراهه ڪري سگهيا. هي صاحب گذر جي تنگي، عوام جي بي قدري ۽ حڪومت جي مخالفت جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪندو رهيو. سنڌ جي اڪثر سياستدانن جا عمدا ڪارناما تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبا ۽ شيخ صاحب جا ٻئي پڙ ۾، ته شيخ صاحب جو پاسو سوايو ٿي ويندو.“[1]

خانداني پس منظر

سنواريو

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جا وڏا اصل سيوهڻ کان لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺا هئا. هو قانون گو، عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هو. سندس والد ديوان ليلارام، روينيو کاتي ۾ ملازم هو. سندس والده جو نالو ليلان هو. سندن گهر ٺٽي شهر جي تندسر محلي ۾ هو، جتي ليلارام ۽ سندس ٻه ڀائر ڪٽنب سميت رهندا هئا.

اصل نالو

سنواريو

شيخ عبدالمجيد جو اصل نالو ڄيٺانند هو ۽ پاڻ تاريخ 7 جولاءِ 1889ع مطابق 8 ذوالقعد 1306ھ، آچر ڏينهن جنم ورتو. شيخ صاحب پنهنجي والدين جو چوٿون ٻار هو. سندس وڏي ڀيڻ اڳ ئي گذاري وئي هئي، ٻي وڏي ڀيڻ جو نالو ڪرشنا هو، جڏهن ته سندس وڏي ڀاءُ جو نالو گيانچند هو.

شيخ صاحب کي ٺٽي جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو ويو، ستت ئي ديوان ليلارام کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ديوان ٽلو مل سان گڏ ڪراچيءَ وڃڻو پيو، ڇاڪاڻ ته روينيو کاتي جي ملازمت مان رٽائر ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ تپيداري ڏني وئي هئي. ڪراچيءَ ۾ سندن رهائش کاريدر جي علائقي ۾ هئي. ڪراچيءَ ۾ شيخ صاحب کي بولٽن مارڪيٽ جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. شيخ صاحب اسڪول ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ تمام هوشيار، محنتي ۽ پابند شاگرد هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جي بيماري منهن ڪڍيو، جنهنڪري ڪيترا موت ٿيا. ان حالت ۾ ماڻهن ڪراچيءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. شيخ صاحب جا ٻه سئوٽ به ان وبا جو شڪار ٿي گذاري ويا. سندس خاندان کاريدر واري جاءِ ڇڏي باٿ آئلينڊ واري جڳهه ۾ منتقل ٿي ويو. ان وقت ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ٺٽي جي عاملن جو وڏو اثر رسوخ هو. انهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي جدا ڪالوني جوڙائي، جيڪا اڄ به ٺٽائي ڪمپائونڊ جي نالي سان مشهور آهي. پليگ جي وبا وقت ديوان ليلارام پنهنجن ٻنهي فرزندن- گيانچند ۽ ڄيٺانند کي پنهنجي ڀيڻويي ايسرداس وٽ ميرپور ساڪري موڪلي ڇڏيو، جيڪو ان وقت اتان جو مختيارڪار هو. ميرپور ساڪري ۾ ٻئي ڀائر ڪجهه عرصي تائين تعليم حاصل ڪندا رهيا، جتان وري کين ٺٽي ۾ اچڻو پيو ۽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. ديوان ليلارام 1905ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري سندس ڪٽنب جي پالنا جو بار سندس ڀائرن ۽ ڀيڻويي جي ڪلهن تي پيو. 1905ع ۾ شيخ صاحب جي وڏي ڀاءُ کي ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري ملي وئي، جنهنڪري شيخ صاحب کي پڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ وڃڻو پيو، جتي کيس اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ ڇهين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو.

سندس طبيعت جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي حق جي ڳولا طرف رهندو هو. هميشه پنڊتن ۽ بزرگن جي مجلسن ۽ صحبتن جو خواهشمند هوندو هو. سندس اسلام ڏانهن راغب ٿيڻ جو پسمنظر بيان ڪندي جي. ايم. سيد شيخ صاحب جي زباني ٻُڌل هيٺيان ٽي واقعا بيان ڪيا آهن:

  • (1) ننڍي هوندي اسڪول ويندي مسڪين شاهه رح جي مقبري جي ڀر ۾ بنا سمجهه ۽ ويچار جي بيهي، ان طرف ڏسي پوءِ اڳتي ويندو هو.
  • (2) هڪ ڀيري هندن جي ٻن فرقن، سناتن ڌرم ۽ آريا سماج جي وچ ۾ مذهبي بحث لاءِ سميلن ڪٺو ٿيو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ هي به ويو، اتي ڏٺائين ته ٻئي هڪٻئي تي سخت نقطه چيني ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه کيس پسند نه آئي ۽ غمگين ٿي گهر پهتو. ڀيڻ جي پڇا تي غمگينيءَ جو ڪارڻ اهو ٻڌايائين ته مذهبي ڳالهين ۾ هڪٻئي کان جدا راءِ رکڻ تي حملا ڪرڻ ٺيڪ ڪم ناهي. مسلمان جيڪڏهن ڌار مذهب رکن ٿا ته انهن کي برو ڀلو چوڻ نه گهرجي. سندس ڀيڻ کيس جواب ڏنو ته توهان ٺيڪ چئو ٿا، هر مذهب ۾ خوبيون آهن، مسلمانن ۾ به عمديون ڳالهيون آهن. کيس ڀيڻ جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي.
  • (3) هڪ ڀيري کيس ٻه ڪتاب مليا، بائبل ۽ قرآن، جيڪي هن ميز تي رکي پڙهڻ شروع ڪيا. هندو ڇوڪرا قرآن ڏسي مٿس کلون ڪرڻ لڳا ته تون مسلمان آهين ڇا، جو اهو ڪتاب پڙهين پيو. سندن اهڙي بيجا روش هن جي دل ۾ سخت ردعمل پيدا ڪيو.

شيخ صاحب ننڍپڻ کان وٺي حق ۽ سچ جو ڳولائو هو. سندس خاندان جيتوڻيڪ مذهبي قسم جو هو، پر ٻارن کي ڪا باقاعدي مذهبي تعليم نه ڏني ويندي هئي، سندس خاندان اصل سناتن ڌرم جو پوئلڳ هو، پر عملي طور سڀئي آريا سماج جا پوئلڳ هئا. بهرحال مذهبي تعليم نه هئڻ جي باوجود شيخ صاحب پنهنجن دوستن سان گڏجي مندرن ۾ پوڄا پاٺ لاءِ ويندو هو، سندس طبيعت ۾ اسلام ڏانهن لاڙو اسڪول جي زماني کان ئي ٿيو.

مسلمان ٿيڻ

سنواريو

جڏهن شيخ صاحب مئٽرڪ پاس ڪئي ته مسٽر ڏيپچند اوجها وڪيل وٽ وڃي ڪلرڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان زماني ۾ منجهس مذهبي تعصب جي خلاف ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو. سنڌ مذهبي رواداريءَ جو ملڪ هو، پر ان دور ۾ سياسي اثرن هيٺ آريا سماجي هڪ طرف هندو مذهب کي زور وٺائڻ لاءِ پرچار ڪرڻ لڳا هئا ته ڪن مسلمان مولوين وري سندن رد ۾ تبليغ شروع ڪئي هئي. شيخ صاحب جيئن ته هڪ هندو گهر ۾ پيدا ٿيو هو، ان ڪري سندس دل ۾ اهڙي ماحول خلاف ردعمل پيدا ٿيو. ان دور ۾ ميونسپل آڪٽراءِ جي ڪلارڪ تاج محمد مير محمد بلوچ سان سندس وڏي ڀاءُ گيانچند جي معرفت واقفيت ٿي، جنهن سان هن اسلام جي خلاف هندن جو نقطه نظر پيش ڪيو، جنهن تي هن شيخ صاحب کي اسلام جي خوبين کان واقف ڪرڻ شروع ڪيو. سندس دل دنيائي خيال ۾ ڪو انقلابي قدم کڻڻ لاءِ تيار بيٺي هئي، رڳو ان کي عملي جامو پارائڻ جي دير هئي. 10 فبروري 1908ع تي هن اوچتو فيصلو ڪيو ته هو مسلمان ٿيندو. نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي مليل پگهار جا پئسا وهاڻي هيٺان رکي، چٺي رکي، حيدرآباد ۾ مرحوم شيخ عبدالرحيم وٽ وڃي نڪتو. پئسا ان ڪري گهر ڇڏي ويو ته متان ڪو سمجهي ته پئسن جي لالچ تي مسلمان ٿيو آهي. شيخ عبدالرحيم انهن ڏينهن ۾ نوجوان تعليم يافته هندن کي مسلمان بنائڻ جي مهم ۾ رڌل هو، هن کيس مسلمان ڪري سندس نالو عبدالمجيد رکيو ۽ کيس مهيني ٻن لاءِ لُڌياني طرف موڪلي ڇڏيو، جتان شيخ صاحب موٽي ڪراچي آيو، پر اتي حالتون سازگار نه ڏسي حيدرآباد ۾ اچي رهڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ ’الامين‘ اخبار جاري ڪئي هئي، هن شيخ عبدالمجيد کي ايڊيٽر ڪري رکيو. اڳتي هلي رئيس غلام محمد خان کيس پنهنجو سياسي ڪمن لاءِ سيڪريٽري مقرر ڪيو ۽ 1914ع کان 1916ع تائين شيخ صاحب انهن ڪمن کي سنڀاليندو رهيو.

ان کان اڳ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ملڪ جي آزاديءَ خاطر جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جنگ شروع ٿيڻ بعد انگريزن کيس گرفتار ڪرڻ چاهيو ته هو چند دوستن سان گڏ سرحد ٽپي افغانستان وڃي پهتو، جتان هندستان جي سياسي ڪارڪنن سان رابطي قائم رکڻ خاطر وقت بوقت خط و ڪتابت پيو ڪندو هو. ان وقت مولانا سنڌيءَ هڪ خط ريشمي رومال تي لکي، قميص جي اندران سبي، هندستان موڪليو، جيڪو پڪڙجي پيو. اُهو بعد ۾ ’سلڪ ليٽر منصوبي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، اُن ۾ ڄاڻايل ڪارڪنن يا واسطي رکندڙ ماڻهن مان شيخ عبدالمجيد کي به هڪ سمجهي، ڪيس هلائي، 1916ع ۾ گرفتار ڪري رتناگري جيل ۾ رکيو ويو. جيل دوران ئي کيس نياڻي ڄائي، پر سندس گهر واري گذاري وئي. اها خبر جڏهن شيخ صاحب کي جيل ۾ پهچائي کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو پيرول تي آزاد ٿي جيل کان ٻاهر اچي پنهنجي رفيقه حيات جو آخري ديدار ڪرڻ پسند ڪندو ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته اسلام جي هڪ سچي سپاهيءَ جو پهريون رشتو الله جي خوشنودي آهي ۽ جيڪڏهن الله کي اهو منظور هو ته منهنجي پياري بيگم مون کي جدائيءَ جو داغ ڏئي آخرت جو سفر اختيار ڪري ته ان لاءِ رب جي رضا تي قائم ۽ شاڪر رهڻ مناسب آهي. شيخ صاحب جيل ۾ ٽي سال رهيو، جتان فبروري 1919ع ۾ آزاد ٿيو، پر سگهو ئي مٿس ٻيو ڪيس احمدآباد ستياگرهه جي ڏينهن ملهائڻ ڪري، مکي ڄيٺانند، ڊاڪٽر چوئٿرام، سوامي گووند آنند ۽ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ داخل ڪيو ويو، جو بعد ۾ ٽن مهينن کانپوءِ سرڪار تنبيهه ڏيڻ بعد ڪڍائي ورتو.

شيخ صاحب 7 کان 9 فبروري 1920ع واري لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جتي سندس جي. ايم. سيد سان واقفيت ٿي ۽ سن ۾ 17 مارچ 1920ع تي سڏايل خلافت ڪانفرنس ۾ هن به ٻين ڪيترن سياستدانن سان گڏ شرڪت ڪري پرجوش تقرير ڪئي، ان کانپوءِ سگهو ئي، خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ مٿس ڪيس هلائي، 1121 پ. ق هيٺ کيس ٻن سالن جي سزا ڏني وئي، جيڪا ڪاٽي، 23 جون 1923ع تي آزاد ٿي وري اچي خلافت ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. حڪومت ناراض ٿي کانئس 12 مهينن لاءِ سياسي سرگرمين کان پري رهڻ جي ضمانت گهري، جيڪا نه ڏيڻ ڪري وري به کيس 12 مهينن لاءِ جيل اماڻيو ويو، جتان ڊسمبر 1924ع ۾ آزاد ٿيو. ان وچ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي سول نافرماني تحريڪ بند ڪرڻ، هندو مسلم اختلاف پيدا ٿيڻ ۽ ترڪن جي خلافت کي ختم ڪرڻ سبب ملڪي فضا بدلجي چڪي هئي ۽ سياسي ڪارڪنن پنهنجو ڌيان سماجي ڪمن طرف موڙي ڇڏيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ به زياده تر وقت هيٺين ٽن ڪمن ۾ صرف ڪيو:

  • ’الوحيد‘ اخبار جي ذريعي عوامي بيداري ۽ مسلمانن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ پرچار ڪندو رهيو.
  • هڪ تنظيمي پروگرام تيار ڪري سنڌ ۾ ورهايائين ۽ الوحيد ذريعي مسلمانن کي ان تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪيائين.
  • سنڌ اندر جيڪي نوجوان پڙهيل هندو مسلمان ٿي چڪا هئا، تن لاءِ روزگار جي وسيلن مهيا ڪرڻ، تعليم ڏيارڻ، آباد ڪرڻ، تنظيم هيٺ آڻڻ ۽ کين صحيح اسلامي تعليمات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ، 1926ع ۾ هڪ نومسلم ڪانفرنس سڏايائين.

شيخ صاحب الوحيد کي مسلمانن جي بيداري ۽ تنظيم لاءِ هڪ ادارو بنائي ڇڏيو. سنڌ مان ڪيترا نوجوان ڪارڪن ان ۾ اچي گڏ ڪيائين. شيخ عبدالسلام، مير الهبخش خان ٽالپر، قاضي خدابخش (موري وارو)، قاضي عبدالرحمان، دين محمد عليگ، مولانا دين محمد وفائي سڀ هن اداري جا سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳا.

عملي سياست

سنواريو

خلافت تحريڪ جي وقت ۾ شيخ صاحب جي مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت عليءَ سان واقفيت پيدا ٿي هئي، ان ڪري کيس ٻاهر هندستان جي وڏن سياسي جلسن ۾ گهرائڻ جي ڇڪ ٿيڻ لڳي. ان ڏس ۾ شيخ صاحب جن مکيه اجلاسن ۾ حصو ورتو يا نمائندگي ڪئي، تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا.

  • آل انڊيا آل پارٽيز ڪانفرنس، 16 نومبر 1929ع، الهه آباد ۾ مسلم پارٽيز جي نمائندي طور شريڪ ٿيو.
  • آل پارٽيز مسلم يونٽي ڪانفرنس جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪيائين ۽ ٻئي ۾ شريڪ رهيو، جنهن جي صدارت راجا آف سليمپور ڪئي هئي.
  • آل انڊيا خلافت ڪانفرنس، اجمير جي صدارت ڪيائين،
  • ڪراچيءَ ۾ 18 اپريل 1930ع تي، ’آزاد سنڌ ڪانفرنس‘ ٿي، جنهن جي صدارت ڪيائين.
  • الوحيد دوران ۽ آل انڊيا جماعتن ۾ ٺهرائن پيش ڪرڻ وسيلي، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوشش ڪيائين.
  • 10 سيپٽمبر 1930ع تي، بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ۾ مسلمان ووٽرن شيخ صاحب کي ڪراچي ضلعي جو نمائندو ڪري موڪليو. 1933ع ۾ غازي عبدالقيوم نالي هڪ پٺاڻ، نٿورام نالي هڪ هندوءَ کي پيغمبر صلعم خلاف توهين آميز ڪتاب لکڻ ڪري چيف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي، قتل ڪري ڇڏيو. مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي.
  • مسلمانن ڦاسيءَ کانپوءِ قبرستان مان سندس جنازو ڪڍي جلوس ڪڍيو، حڪومت کي خطرو ٿيو ته متان هندو مسلم فساد ٿي پوي، ان ڪري جلوس تي بندش وڌي وئي، جوشيلن مسلمانن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، نتيجي ۾ پوليس جلوس تي گولي هلائي، جنهن ۾ 64 مسلمان شهيد ٿي ويا. اهو ڪم هڪ خر دماغ انگريز ڪمشنر گبسن ڪرايو هو، مسلمانن انڪوائري ڪاميٽي ويهارڻ جي گهر ڪئي هئي، پر سرڪار ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾، بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي مسلمان عيوضين مان ڪنهن کي به صدمو نه آيو، پر اهو صرف شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جنهن سرڪار جي لاپرواهيءَ تي احتجاج طور 1933ع ۾ استعيفا ڏني ۽ مسلمانن کيس بنا مخالفت جي ٻيهر اسيمبليءَ ۾ چونڊي موڪليو.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ تائين شيخ صاحب بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ سنڌ جا اڪثر ميمبر شخصي غرضن، عهدن ۽ لالچن خاطر قومي سوالن ۾ اکيون پوري سرڪار جو ساٿ ڏيندا آيا. سنڌي مسلمانن جي ليڊر سر شاهنواز ڀُٽي بمبئيءَ کان سنڌ کي جدا ڪرڻ جي سوال تي صوبائي رفارمس ڪميٽيءَ آڏو ان جي خلاف ووٽ ڏنو. صرف ميران محمد شاهه اختلافي نوٽ ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي حمايت ڪئي. آخر 1937ع ۾، جڏهن 1935ع واري آئين مطابق سنڌ کي ڌار صوبو تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون پهريون چونڊون ٿيون ته سر شاهنواز ڀُٽي کي سندس گهر واري تڪ ۾ گورنر جي صلاحڪار هئڻ جي باوجود شيخ عبدالمجيد سنڌي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هو سنڌ آزاد پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو هو، جنهن پارٽيءَ جا ٽي ميمبر چونڊجي آيا. هڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ٻيو محمد يوسف چانڊيو ۽ ٽيون پير غلام حيدر شاهه بلڙيءَ وارو. پر چونڊن کانپوءِ اهي ڦري وڃي سرڪار جي طرف ٿيا، شيخ صاحب سر غلام حسين هدايت الله کان مسلم ليگ ۾ اچڻ جو واعدو وٺي سندس طرفدار ٿيو، ان کانپوءِ هو سمورو وقت مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهندو آيو. 1938ع ۾ مسلم ليگ جي ڪراچيءَ ۾ شاندار ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي سڏائڻ ۾ شيخ صاحب جو وڏو هٿ هو. هيءَ ڪانفرنس جناح صاحب جي صدارت هيٺ ٿي هئي، جنهن ۾ سر سڪندر حيات، فضل الحق، سردار اورنگزيب، سر سعدالله خان، نواب اسماعيل خان، چوڌري خليق الزمان وغيره شريڪ ٿيا هئا. شيخ صاحب هن ڪانفرنس ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو ’پاڪستان‘ لاءِ پهريون ٺهراءُ چئجي ته بجا آهي. ان کانپوءِ مسلم ليگ مخالفت ۾ رهي. جڏهن 1969ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاهه تان فساد ٿيا ته هندن مصلحت سمجهي مسلم ليگ کي وزارت ۾ آندو، جنهن ۾ مير بنده علي خان، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر کهڙو ۽ جي. ايم. سيد مسلمان وزير هئا. شيخ صاحب جي هٿ ۾ مالي کاتو ۽ بعد ۾ تعليم کاتو رهيو. ان وقت پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي هڪ سال لاءِ ميمبر هو. پوءِ جي حالتن هيٺ جڏهن هن ڏٺو ته مسلم ليگ انگريزن جي نمڪ پرورده ۽ خودمطلب، سرمائيدارن جي خودغرضيءَ جو آکاڙو بڻجي چڪي آهي، تڏهن ان مان استعيفا ڏئي ڌار ٿي ويو. سائين جي. ايم. سيد وارا به سگهو ئي مسلم ليگ مان ٻاهر نڪري آيا، پوءِ مسلم ليگ کان ٻاهر سمورين مسلمان پارٽين کي گڏڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ٿي، شيخ صاحب ان جي اڳواڻن سان ڪجهه وقت شامل رهيو. اڳتي هلي آل انڊيا آئيني مسئلن تي هڪ تجويز پيش ڪيائين، جنهن تي ان وقت جي اختلافن سبب ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. جيڪڏهن ان کي قبوليو وڃي ها ته برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ به ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ موجوده اختلاف نه رهن ها. اها تجويز هيءَ هئي ته هڪجيترن ووٽن تي ٻئي يونينون هڪ ڪنفيڊريشن ۾ رهن. پاڪستان بنجڻ کانپوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي حڪومت سان بنا لالچ جي سهڪار ڪرڻ جو جي. ايم. سيد سان گڏجي اعلان ڪيو، پر حڪومت جي صاحبن طاقت جي نشي ۾ ان جو ڪو به جواب نه ڏنو. 1949ع ۾ آل پاڪستان عوامي جماعت، خان عبدالغفار خان جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺهي، سنڌ ۾ ان جي شاخ جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي ٿيو، پوءِ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وقت عوامي محاذ جماعت ٺهي ته شيخ صاحب ان جو به صدر رهيو. اڳتي هلي جڏهن سنڌ کي پنجاب سان گڏي ونيونٽ قائم ڪيو ويو، تڏهن شيخ صاحب هڪ ڪتاب لکيو ۽ ’اينٽي ونيونٽ ڪانفرنس‘ گهرائي، جنهن جي سنڌ برانچ جو صدر به شيخ صاحب هو. بعد ۾ لاهور ۾، پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي قائم ٿي، جنهن جو خان عبدالغفار خان صدر ٿيو ۽ ان جي سنڌ شاخ جو شيخ صاحب صدر چونڊيو ويو. آخر ۾ جڏهن مولانا عبدالحميد ڀاشاني عوامي ليگ کان ڌار ٿيو ۽ ان جي مشوري سان ڊاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي ٺاهي وئي، تڏهن شيخ صاحب ان جو مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ شاخ جو صدر ٿيو. خان عبدالغفار خان ۽ مولانا ڀاشاني براعظم هند پاڪ جا بهترين سياسي اڳواڻ، سڀ کان گهڻي قرباني ڏيڻ وارا ۽ محبوب عوامي ليڊر هئا، جن جي فهم ۽ فراست جو هرڪو قائل هو، پر اهي به شيخ صاحب جي صلاح کي هر سياسي مسئلي لاءِ ضروري سمجهندا هئا. جي. ايم. سيد شيخ صاحب بابت لکي ٿو ته، ”منهنجي حالت اها هئي جيڪا حضرت عمر رضه، حضرت علي عليه السلام بابت ظاهر ڪئي هئي ته علي عه نه هجي ها ته عمر رضه گمراهه ٿي وڃي ها. جيڪڏهن شيخ صاحب جي صلاح ۽ رهبري مونکي نصيب نه ٿئي ها ته مون کان ڪيتريون وڏيون غلطيون ٿي وڃن ها، جن جو ازالو ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ها.“ جڏهن 1958ع ڌاري شريف ڪميشن سنڌي ٻوليءَ کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ته ان خلاف سنڌ جي اديبن، قومي ڪارڪنن، شاگردن ۽ استادن وڏي جدوجهد هلائي. ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي هڪ پريس بيان تيار ڪيو، جنهن ۾ گهر ڪيل هئي ته ”سنڌي زبان جي اصلوڪي حيثيت بحال ڪئي وڃي.“ حيدرآباد جي مختلف شخصيتن کان ان بيان تي صحيحن وٺڻ جو ڪم تنوير عباسيءَ تي رکيو ويو ۽ ڪراچيءَ جي اڳواڻن کان صحيحن وٺڻ جو ڪم غلام رباني آگري تي رکيو ويو. ڪراچيءَ ۾ سڀ کان اڳ جن ماڻهن ان بيان تي صحيحون ڪيون، تن ۾ سيد امير حيدر شاهه ولد جي. ايم. سيد (ميمبر قومي اسيمبلي)، رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پيرزادو عبدالستار شامل هئا. اڳتي هلي سنڌ دوستن جي اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ ايوب خان کي آڪٽوبر 1962ع ۾ پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. شيخ صاحب ونيونٽ واري زماني ۾ صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح جي مدد ڪئي ۽ مٿس پاڪستان جي مکيه اڳواڻن سان گڏ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو. باوجود ان جي هو ونيونٽ کي ٽوڙائي، سنڌ جي صوبائي خودمختياري وٺي ڏيڻ، جمهوري آئين بحال ڪرڻ ۽ بنيادي انساني حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. هن جا سنڌ جي سياستدانن ۾ سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ٻين سان بهترين تعلقات هئا. هو زندگيءَ جي آخري لمحن تائين ونيونٽ جو سخت مخالف رهيو. 1969ع ۾ سڪرنڊ هاري ڪانفرنس ۾ بيماريءَ جي باوجود شرڪت ڪئي هئائين. بهرحال شيخ انهن خوشنصيب سياستدانن مان هو، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ونيونٽ کي ٽٽندي ڏٺو. زندگيءَ جي آخر لمحن ۾ شيخ صاحب، پنهنجن جي بيقدري ۽ زماني جي ناسازگاريءَ سبب ذهني طرح پريشان رهيو ۽ سندس ڪجهه وقت ذهني توازن به ٺيڪ نه رهيو. جڏهن به ڪي نوجوان ساڻس مـلـڻ ويندا هئا، ته کـين چوندو هو ته اسان کي جيڪي ڪرڻو هو سو ڪري چڪا سين، هاڻي اسان جون سموريون اميدون اوهان نوجوانن جي نسل سان وابسته آهن. ابا، مان نااميد ناهيان، منهنجون اوهان ۾ ئي اميدون آهن. باوجود ان جي سندس موجودگي سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ رهي. سائين جي. ايم. سيد آخري وقت تائين سندس ساٿي رهيو. خان محمد پنهور، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ بابت سنڌي پبليڪيشن جي شيخ عبدالمجيد سنڌي نمبر کانسواءِ سندس زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ’ٻري جن ٻاري‘ ۽ شيخ صاحب جي الوحيد ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ’نعره مستانه‘ پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو.

تصنيفون

سنواريو

شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي زندگيءَ ۾ سياسي مصروفيتن سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به جاري رکيو. سندس ڇپيل تصنيفون هن ريت آهن:

  • (1) تاريخ جواهر
  • (2) مسلمان حڪمران
  • (3) مسلمانان سنڌ لاءِ تنظيمي پروگرام
  • (4) فتح اندلس
  • (5) حضرت عمر بن عبدالعزيز
  • (6) المرتضيٰ، علماءِ سوء
  • (7) ڪراچي سنڌ کي ملڻ گهرجي (ڪتابڙو)
  • (8) نعره مستانه.

24 مئي 1978ع تي، اربعا جي ڏينهن صبح جو پوڻين ستين بجي سول اسپتال حيدرآباد جي پرائيويٽ وارڊ جي 14 نمبر ڪمري ۾ برصغير جي 90 سالا تاريخ جي هڪ باب جي پڄاڻي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي هن فاني دنيا مان لاڏاڻي سان ٿي ۽ هي سياست ۽ صحافت جو سورج هن دنيا مان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. سندس وفات تي ملڪ ۽ سنڌ جي پريس اداريا لکيا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي دوست سائين جي. ايم. سيد ڪوشش ڪئي ته کيس مڪليءَ تي مخدوم معين ٺٽويءَ جي ڀرسان دفن ڪيو وڃي، پر مقامي انتظاميا اهڙي اجازت نه ڏني ۽ شيخ صاحب کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مزار جي ڀرسان مڪليءَ ۾ دفن ڪيو ويو. شيخ صاحب جي تربت ڪاشيءَ جي سرن سان، شيخ عبدالمجيد اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري خان محمد پنهور جوڙائي، جنهن جو ڪتبو هن ريت لکيل آهي: الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن (لطيف) هتي سنڌ جو سڄاڻ ۽ سورهيه سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌي دفن آهي، جيڪو ايندڙ سمورن نسلن لاءِ حق ۽ اصول، دانائيءَ ۽ دليري، جدوجهد ۽ قربانيءَ جو اهڃاڻ رهندو.

شيخ صاحب کي ٽي پٽ هئا: محمد انور، محمد خالد ۽ محمد طارق. محمد انور شيخ، ڪراچيءَ ۾ ايس. ڊي. ايم هو ۽ حڪومت طرفان جيڪي 303 آفيسر ڪڍيا ويا هئا، تن ۾ انور شيخ کي به ڪڍيو ويو ۽ بعد ۾ هو ملڪ ڇڏي آمريڪا هليو ويو، جتي نيويارڪ ۾ سالسيٽر (وڪيل) رهيو. جڏهن ته ٻيو پٽ ميجر خالد شيخ سنڌ جو ڊي. آءِ. جي رهيو ۽ سنڌ رائيس ڪارپوريشن جو چيئرمئن ٿي رٽائر ٿيو. ٻئي ڪافي عرصو ٿيو ته گذاري ويا آهن، جڏهن ته شيخ صاحب جو ٽيون نمبر فرزند طارق شيخ ڪجهه وقت سرڪاري ملازم رهيو ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. شيخ صاحب کي ٻن نياڻين جو اولاد هو، جن مان هڪ ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ جي گهر واري هئي.[2]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي