پاڪستان جون هاء ڪورٽون

پاڪستان جو ھاء ڪورٽون:(انگريزي: High Courts in Pakistan ) پاڪستان ۾ ھن وقت پنج ھاء ڪورٽون ڪم ڪري رھيون آھن جن جو اختيار سماعت 1973 جي آئين تحت آھي. انھن مان ٽي ھاء ڪورٽون برٽش انڊيا واري دؤر ۾ قائم ٿيون ھيون جن ۾ لاھور ھاء ڪورٽ، جنھن جي اختيار وارو علائقو پنجاب، سنڌ ھاء ڪورٽ جنھن جي جي اختيار وارو علائقو سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پشاور ھاء ڪورٽ جنھن جي اختيار وارو علائقو اتر اولھ سرحد صوبو ھيو، شامل آھن. 1956 جي آئين ۾ انھن سڀني کي ختم ڪري ويسٽ پاڪستان ھاء ڪورٽ قائم ڪئي وئي جنھن جي مکيہ سيٽ لاھور ۾ رکي وئي ۽ ان جو ٻڌڻ جو اختيار پوري ويسٽ پاڪستان اندر ھيو. 1970 ۾ ون يونٽ جي خاتمي بعد پراڻين ٽنھي ھاء ڪورٽن جي حيثيت بحال ڪئي وئي ۽ اڳتي ھلي پھرين ڊسمبر 1976 ۾ بلوچستان ھاء ڪورٽ قائم ڪئي وئي جنھن جي ٻڌڻ جو اختيار پوري بلوچستان ۾ ڏنو ويو. 2010 ۾ اسلام آباد ھاء ڪورٽ جو قيام عمل ۾ آيو جنھن جو ٻڌڻ جو اختيار اسلام آباد جي وفاقي ٽيريٽري تائين ڏنو ويو. ھڪ آزاد جمون ڪشمير ھاء ڪورٽ آزاد ڪشمیر ۾ پڻ آھي. اھڙي طرح ھڪڙي ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ بہ ڪم ڪري پئي.

حوالا سنواريو