ميسوپوٽيميا:Mesopotamia: ٻن دريائن دجلا (Tigris) ۽ فرات (Euphrates ) جي وچ واري علائقي جو نالو آهي جيڪو ھن وقت لڳ ڀڳ سموري عراق، ڪويت، اتر سعودي عرب، شام جو اوڀر وارو حصي، ترڪي جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۽ ايران عراق واري سرحدي علائقن ۾ واقع آهي.[1] دجلا۽ فرات جي ھي تھذيب پنج ھزار سال پھريان اڀري۽ ڏسندي ڏسندي پوري قريبي اوڀر ۾ ڦھلجي ويئي ۽ اھا انسانن جي پھرين منظم تھذيب ھئي جنھڻ جو سڪو اڍائي ھزار سال رومي سمنڊ کان عربي سمنڊ تائين ھليو.دنيا جا سڀ کان پراڻا ڳوٺ ھن علائقي ۾ آباد ٿيا. زراعت جو آغاز به ھن علائقي ۾ ٿيو. شھري رياستون سڀ کان پھريون ھن وادي ۾ برپا ٿيون ۽ قانون جو سڀ کان پھريون ضابطو بہ اتي مرتب ٿيو. لکڻ جي فن جي به ابتدا ھن وادي جي دريائن جي ڪنارن تي دنيا جا سڀ کان پھريان اسڪول کليا، دنيا جو پراڻيون لائبريريون به ھتي کليون ۽ دنيا جا قديم قصا به ھن علائقي ۾ لکيا ويا[2]وادي دجلا ۽ فرات جو موجوده نالو عراق آھي پر قديم دؤر ۾ اھو علائقو ٽن حصن ۾ ورھايل ھو: اتر وارو علائقو جيڪو موجوده موصول وارو علائقو آهي اشور سڏبو ھو جتي سڀ کان قديم انساني آباديون مليون آهن؛ وچون علائقو جتي ھاڻي موجوده بغداد واقع آهي اھو عقاد سڏبو ھيو؛ ۽ ٽيون موجوده بغداد جي ڏکڻ ۾ ڊيلٽائي علائقو سومير سڏبو ھيو.[3]

ميسوپوٽيميا جو نقشو جنھن ۾ نينوا، اشور، بابل، سمير ۽ ار وغيرہ ڏيکاريل

حوالا سنواريو

  1. "BBC - History - Ancient History in depth: Mesopotamia". حاصل ڪيل 2017-07-21. 
  2. {کتاب: ماضی کے مزار؛از:سبط حسن؛پبلشرز؛ مکتبہ دانیال؛ صہ 12}
  3. {کتاب: ماضی کے مزار؛از:سبط حسن؛پبلشرز؛ مکتبہ دانیال؛ صہ 12}
 
نقشي ۾ دجله ۽ فرات ندين وارو ميسوپوٽيميا جو علائقو پيلي رنگ سان ڏيکاريل