سنڌي عورتون شلوار قميص ۽ ساڙهي پائينديون آهن ۽ اجرڪ يا چادر کي مٿي ڍڪڻ لاءِ استعمال ڪنديو آهن. جڏهن ته سنڌي مرد شلوار قميص ۽ ڪڙتا پائيندا آهن. ان کان علاوه اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي به سنڌي لباس جو حصو آهن.

پس منظر سنواريو

 
سنڌي لهنگو، چولي ۽ سنڌي روايتي پتلون شلوار (1845)

1840 ع تائين سنڌي عورتون لهنگو ۽ چولي، ۽ مرد لنگي يا روايتي سنڌي شلوار سوٿڻ پهريندا رهيا. 1930 ع بعد عورتن سوٿڻ ۽ چولو پائڻ شروع ڪيو جيڪو عورتن جي عام لباس رهيو.

ماضي ۾ نوجوان عورتون گهر ۽ ٻاهر ويلويٽ يا امبر پجامو (سوٿڻ) پائينديون رهيون. انهي کان علاوه مٿئين حصي تي هڪ ڊگهو اسڪرٽ (جبلو) پهرينديون رهيون ۽ هڪ ٿلهي ڪوٽي واري قميص اڇي رئي تي پائينديون رهيون. نوجوان ڇوڪريون چوڙي دار پجامو پائينديو هيون، جڏهن ته بزرگ عورتون اڇي چادر سان پنهنجو مٿو ڍڪينديون هيون.  

سنڌي مردن جو اصل لباس ڌوتي ۽ اڇي پڳ رهيو. سنڌ جا روايتي ڪپڙا اڃا تائين مردن ۽ عورتن کي پهريل ڏسي سگهجن ٿا. 

روايتي لباس سنواريو

مغل حڪمراني جي دوران، سنڌ جي ماڻهن جو لباس عراق ۽ ٻين عرب ملڪن جهڙو رهيو. اهو لباس ملتان ۽ گجرات ۾ پڻ پهريو ويو. البت، سنڌ ۾ اهڙن عراقي ڪپڙن جو استعمال منصوره تائين محدود هو. ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻيا لباس به پهريندا رهيا.

روايتي سنڌي سوٿڻ سنواريو

 
سنڌي- بلوچ مرد سنڌي روايتي پتلون ۾.