موسيقي عربي مان اخذ ٿيل آهي. انگريري: Music) فن جي هڪ شڪل آهي، جنهن ۾ آواز ۽ خاموشي کي وقت ۾ اهڙي ترتيب ڏني ويندي آهي ته جيئن اُن سان سُر پيدا ٿيندا.[1] سرن ۽ سازن جي اهڙي سنگم کي موسيقي سڏجي ٿو ، جيڪا ٻڌندڙ جي ذهن ۽ دل کي موهي. ان کي هڪ لطيف احساس ۽ اڻ ڏٺي يا عجيب غريب خوشي محسوس ٿئي. مؤسيقي جي سازن ۽ آوازن سان گڏ ٻڌندڙ جهومن ۽ انگ جهومڻ لڳن. شاعريءَ جو هڪ بنيادي جز موسيقي به آهي، جيڪا لفظن جي آوازن جي صورت ۾ هوندي آهي. شيڪسپيئر چيو هو ته ”موسيقي روح جي غذا آهي[2].“ گانو وڄائڻ جي علم کي به موسيقي چيو ويندو آهي .ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:آواز مان نغمو پئدا ٿيو جيڪو لازمي طرح محبت سان لاڳاپيل آهي. (جيتوڻيڪ مذهب ۽ جنگ ان کي ڪي قدر چورايو آهي) نغمي مان ناچ پئدا ٿيو جيڪو محبت جي هڪ رسم آهي ۽ نغمي ۽ ناچ موسيقيءَ مان جنم ورتو. ان عشق واري ابتدا جي ڪري موسيقي تمام پري تائين پهتي ۽ موسيقيءَ، جنهن عشق مان جنم ورتو آهي اها ان سان اڃا تائين لاڳاپيل آهي ۽ ڪابه ڇوڪري ان کانسواءِ محبت ڪري نٿي سگهي. اها ڇوڪري جيڪا موسيقيءَ جي ذريعي محبت جو اظهار ڪندي آهي شاديءَ کانپوءِ ٻه ٽي سال پيانو جي ويجهو نه ويندي آهي، جڏهن هڪ حيوان قبضي ۾ اچي چڪو هجي ته ان کي وڌيڪ مسحور ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مرد پنهنجي محبوبه آڏو وڏي آواز ۾ گيت ڳائيندو هو. شاديءَ جي سخت ذميوارين جي بار هيٺان دٻجي هو موسيقيءَ جون صلاحيتون وڃائي ڇڏيندو آهي، ۽ رڳو مجبوريءَ جي ڪري اسٽراونسڪي، شوئن برگ ۽ رچرڊ اسٽراؤس جي سنگت ۾ ويهندو آهي. پر رڳو محبت ٻڌڻ واري حسن جي انهن پاسن جي تشريح ڪري نٿي سگهي. مٺي آواز جو مزو هڪ خودمختيار جزو آهي. ساهه جو اچڻ وڃڻ، دل جو دهڪو، ايستائين جو جسم جو ٻه طرفو توازن اسان کي آواز جي ترنم جي هيٺاهين مٿاهين ڏانهن ڇڪي ٿو ۽ رڳو محبت جو جذبو ئي نه پر سمورو روح ان مان تسڪين حاصل ڪري ٿو. اسان گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ ۽ قدمن جي باقاعدي آواز ۾ ترنم ڳولهي لهندا آهيون، اسان جهولڻ، شعر، ناچ ۾ اُبتي چڪر، تضادن ۽ انتهائن کي پسند ڪندا آهيون.[3]موسيقي پنهنجي ترنم سان اسان کي آٿت ڏيندي آهي ۽ پنهنجي لورين سان اسان کي انهن دنيائن ۾ وٺي ويندي آهي جيڪي هن دنيا کان گهٽ ظالم آهن. موسيقي ڏک ختم ڪري سگهي ٿي. هاضمي کي بهتر ڪري سگهي ٿي، محبت لاءِ تحرڪ پئدا ڪري سگهي ٿي ۽ ڀڄي ويل چرين کي جهلڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي. موسيقيءَ وسيلي پيراگوئي جي عيسائين انڊين غلامن ۾ ڪم وڌارو ۽ ڪم جي تڪليف کي گهٽايو. هن جي ذريعي هڪ سپاهي سريلي تسڪين سان موت جي منهن ۾ وڃي سگهي ٿو. هائيڊين ڪنهن جرنيل کان وڌيڪ هيلپس برگ خاندان جي خدمت ڪئي ۽ ان جي ڪنهن کي خبر ڪانهي ته روس جي زار جي فوجن جي همت روس جي عظيم قومي تراني ڪيئن وڌائي. ٿُورو جو خيال هو ته موسيقي کان وڌيڪ انقلاب پئدا ڪرڻ واري ڪا شيءِ ڪانهي. هو حيران هو ته اسان جا ٻيا ادارا ان کان اثرانداز ڇو نٿا ٿين، ٿورو هڪ انقلابي هو. موسيقي اسان کي بي عملي ۾ آڻي سگهي ٿي ته اسان ۾ عمل جو جذبو به پئدا ڪري سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ گورڪيءَ کي چيو هو. تون جتي غلام رکڻ چاهين اُتي توکي وڌ کان وڌ موسيقي پهچائڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو موسيقي ذهن کي مڏو ڪري ڇڏيندي آهي. هي پوڙهو روسي پيوريٽن، افلاطون سان اتفاق ڪري ها، جنهن جي زميني تصوراتي جنت ۾ ڪوبه شخص سورهن ورهين جي عمر کان پوءِ موسيقيءَ مان مزو وٺي نه ٿي سگهيو.[3]

موسيقي

510 ق.م.جو قديم يوناني گلدان جنھن تي رڱيل تصوير ۾ موسيقي جو ڪلاس ڏيکاريل آهي
فن جو اظھاري ذريعو آواز، خاموشي، وقت
جنم ڏيندڙ ثقافت کوڙ تھذيبون
جنم جو دؤر پٿر جو دؤر


موسيقي جي صنعت موسيقي جي تخليق ۽ وڪرو سان سلهاڙيل آهي۔

موسيقيت ۽ ترنم

سنواريو

(Music and Melody):موسقيت ۽ ترنم جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم خوبي آهي. ترنم ۽ موسيقي شاعريءَ جو روح ٿيندا آھن، ڪو زمانو ھو جڏھن شاعري ۽ موسيقي روحاني اظھار جي ھڪ ئي فڪري چشمي جون پر اثر ڌارائون ھيون. ھڪ ئي وقت شاعر سرجڻھار بہ ھو تہ موسيقار ۽ فنڪار بھ. ان لاءِ اوائلي لوڪ گيت (سھرا، جمالا، کيچ ۽ ھمرچا) شاعري، موسيقي ۽ گائڪيءَ جي فن جو خوبصورت امتزاج آھن. مثال طور نياز ھمايونيءَ جي ھيءَ مصرع ڏسو: تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول، مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ الا ! تنھنجي دنيا چيٽ جا ميلا، منھنجي دنيا ھيکل ويا ڪل! [2]

  1. Music | Definition of Music by Merriam-Webster
  2. 2.0 2.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. 3.0 3.1 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو