ابو الحسن مسعودي

ابو الحسن مسعودي
(عربي ۾: المسعودي خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 896  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
بغداد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 956 (59–60 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
قاھرہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت عباسيہ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مؤرخ،ليکڪ[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي عربي ٻولي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي تاريخ،جاگرافي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

مسعودي جو نالو علي بن حسين بن علي، ڪنيت ابو الحسن ۽ وطن بغداد ھو ۽ جيئن تہ مشھور اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود رضہ سان سندس خانداني سلسلو ملي ٿو، انھيءَ نسبت سان مسعودي چوائيندو ھو. ھيءُ ھڪ بلند پايي جو مورخ، جاگرافي نويس ۽ سياح جي حيثيت سان مشھور آھي. ھن پنھنجي عمر جا 55 سال سير و سياحت ۾ گذاريا. ھن پنھنجي وطن بغداد کان سفر شروع ڪيو ۽ عراق، شام، آرمينيا، روم، (ايشيائي ڪوچڪ) آفريڪا، سوڊان ۽ حبش کان سواءِ چين، تبت، ھندستان ۽ سريلنڪا به آيو ۽ اتان ڪن ملڪن جي درياھن جو به سير ڪيو. هن جيڪي ڪم تاريخي ۽ جاگرافيائي معلومات لاءِ تحرير ڪيا آھن، اھي ھن کان پھريائين جاگرافيائي نويسن جي لکڻين ۾ نٿا ملن. ھن جي متعدد ۽ ضخيم ڪتابن مان فقط ٻہ تاريخي ڪتاب موجود آھن. ”مروج الذھب“ و ”معادن الجواھر“ ۽ ”التنبيھ والا شراف“. مروج الذھب نھايت معلوماتي ۽ مفيد تصنيف آھي. اگرچہ اھو اسلامي تاريخ جو ڪتاب آھي مگر ھن جي مقدمي ۾ دنيا جي سڀني قومن جي تاريخ آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھندستان جو ذڪر ۽ ھتان جي شھرن ۽ درياھن جي متعلق ھن ۾ مفيد معلومات موجود آھي. مسعوديءَ اھو ڪتاب سير و سياحت ختم ڪري سنہ 332ھ مطابق 943ع ۾ لکيو ۽ اھو ڪتاب مصر مان گھڻائي دفعا ۽ پيرس مان 9 جلدن ۾ 1871ع ۾ فرينچ ترجمي سان شايع ٿيو آھي. ٻئي ڪتاب ۾ بہ ھندستان متعلق ڪجهه جغرافيائي معلومات آھي ۽ اھو لنڊن مان 1894ع ۾ شايع ٿيو آھي(Earrade Vaux) انھيءَ جو فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪيو آھي. آخري عمر ۾ مسعوديءَ مصر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي سنہ 345ھ ۾ فسطاط آيو ۽ 346ھ ۾ اتي وفات ڪيائين.[5]

مسعودي 25 سال دنيا جي مختلف ملڪن جو سيروسفر ڪيو سنڌ ۽ هند ۾ به آيو. سيرو سياحت ختم ڪرڻ کان پوءِ 332ھ ۾ ”مروج الذهب“ نالي ڪتاب لکيائين. ان جو سڄو نالو ”مروج الذهب ومعاون الجٰواهر“ آهي ان کان سواءِ ٻيا ڪتاب به لکيائين، جن مان فقط ”التشبيهه الاشراق“ هن وقت موجود آهي.[6]

حوالا سنواريو

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12015979m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. full work available at URL: https://www.google.fr/books/edition/Histoire_de_la_philosophie_en_Islam/I0ANAAAAIAAJ?hl=fr&gbpv=0&kptab=overview — مصنف: Abdel Rahman Badawi — عنوان : Histoire de la philosophie en Islam — جلد: 60 — صفحہ: 472 — ناشر: Librairie philosophique J. Vrin — شائع شدہ از: Études de Philosophie Médiévale
  3. full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
  4. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12015979m — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  5. ابو الحسن مسعودي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  6. سنڌ - سياحن جي نظر ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط-1)؛ رسالو: مهراڻ، 1991ع، جلد،:1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.