وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/جُولاءِ
چونڊ ڏينهن – سڀ ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جُونِ – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
چونڊ ڏينهن ۾ ڪيل تازيون تبديلون – چونڊ ڏينهن ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 17:35 ڏينهن آهي سومر، ڊسمبر 23، 2024 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
- 1991ع ــ پراگ ۾ ٿيل ھڪ گڏجاڻي ۾ وارسا معاھدي (تصوير: نشان) کي ختم ڪيو ويو.
- 2013ع ــ ڪروشيا يورپي اتحاد جو 28ھون رڪن بڻيو.
احمد علي خان (پ. 1924ع)
- 1972ع ــ سنڌي ٽائپ رائٽر مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندو ويو، ان کان اڳ سنڏي ۾ ٽائپ رائٽنگ نہ ٿي سگھندي ھئي.
- 1940ع ــ سڀاش چندر بوس (تصوير) کي گرفتار ڪري ڪولڪتا ۾ قيد ڪيو ويو.
- 1997ع ــ ڏاکڻ اوڀرايشيائي گهوٽالي جي شروعات ٿي، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ ۾ آڻي ڇڏيو.
بدر سميجو (پ. 1971ع) · عالم چنا (و. 1998ع) · ھارون رند (پ. 2007ع)
مرزا قليچ بيگ (و. 1927ع) · نادر بيگ مرزا (پ. 1929ع) · جوليان اسانج (پ. 1971ع)
- 1946ع ــ مسلسل 381 سالن تائين مختلف ملڪن جي غلامي ھيٺ رھندڙ فلپائن آمريڪا کان آزادي ورتي.
- 1947ع ــ ھندوستان جي آزاديءَ جو بل هائوس آف ڪامنز سامھون پيش ڪيو ويو، بل ۾ برطانوي ھندوستان جي پرڳڻن ۽ صوبن کي ڀارت ۽ پاڪستان جي آزاد رياستن وچ ۾ ورھائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.
- 1997ع ــ ناسا جو خلائي مشن پاٿ فائينڊر (تصوير) مريخ تي پھتو.
عبدالستار پيرزادو (پ. 1907ع) · شوڪت شورو (پ. 1947ع) · علڻ فقير (و. 2000ع)
- 1954ع ــ بي بي سي روزاني ٽي وي خبرن جي نشريات شروع ڪئي.
- 1970ع ــ آيئر ڪينيڊا جو جھاز اونٽاريو ۾ ڪري تباھ ٿي ويو، سمورا 109 مسافر اجل جو شڪار ٿيا.
- 1975ع ــ ڪيپ ورڊي پورچوگال کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1977ع ــ محمد ضیا الحق پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو ختم ڪري فوجي راڄ لاڳو ڪيو.
- 1994ع ــ جيف بيزوس (تصوير) اي ڪامرس جي ڪمپني ايميزون جو بنياد رکيو.
سرٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس (پ. 1781ع)
- 1947ع ــ سوويت يونين ۾ اي ڪي 47 ھٿيار ٺاھڻ جي شروعات ٿي.
- 1964ع ــ ملاوي آزادي جو اعلان ڪيو، اڳ ھي گڏيل بادشاھت جي زير اثر ھئي.
- 1975ع ــ ڪوموروس فرانس کان آزاد جو اعلان ڪيو.
- 2018ع ــ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف (تصوير) کي اپت کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي ڏوهہ ۾ 10 سال سزا ڏني وئي.
ٿامس مور (و. 1535ع) · ڄيٺمل پرسرام (و. 1948ع) · ڌيرو ڀائي امباڻي (و. 2002ع) ·
- 1972ع ــ سنڌي ٻولي جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيو.
- 1978ع ــ سولومن آئلينڊز برطانيہ کان آزادي حاصل ڪئي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي (پ. 1889ع) · ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي (و. 1950ع) · مائي ڀاڳي (و. 1986ع) ·
- 1972ع — سنڌي ٻولي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ ھنگاما تيز ٿي ويا، فوج طلب ڪئي وئي ۽ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.
حفيظ قريشي (پ. 1859ع) · سندري اتمچنداڻي (و. 2013ع) · عبدالستار ايڌي (و. 2016ع) ·
- 1816ع — ارجنٽائن اسپين کان آزادي جو اعلان ڪيو.
- 1850ع — ايراني نبي ۽ بابيت جي باني علي محمد باب کي تبريز، ايران ۾ قتل ڪيو ويو.
- 1972ع — ٻولي وارن ھنگامن ۾ وڌيڪ 2 ماڻھو مارجي ويا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجھہ علائقن تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.
- 2002ع— اٿوپيا جي گادي واري شھر اديس ابابا ۾ آفريڪي اتحاد جو بنياد پيو.
- 2011ع — ڏکڻ سوڊان، ريپبلڪ آف سوڊان کان آزادي حاصل ڪئي.
لارڊ منٽو (پ. 1845ع) · جهان خان کوسو (پ. 1909ع) · فاطمہ جناح (و. 1967ع)
- 1947ع — برطانيہ جي وزيراعظم ڪليمنٽ ايٽلي (تصوير) محمد علي جناح کي گورنر جنرل بنائڻ جي سفارش ڪئي.
- 1973ع — بهاماس گڏيل بادشاھت کان آزادي ورتي.
- 1991ع — بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم کي نسلي متڀيد واري راڄ جي خاتمي تي ٻيھر رڪنيت ڏني.
زبيده (و. 831ع) · محمد نواز محزون (پ. 1933ع) · راجناٿ سنگھ (پ. 1951ع)
- 1950ع – پاڪستان بين الاقوامي مالياتي فنڊ ۽ عالمي بينڪ جي رڪنيت اختيار ڪئي.
- 1957ع – پرنس ڪريم حسيني (تصوير)، ٽئين آغا خان جي وفات بعد اسماعيلي شيعہ جماعت جو 49ھون امام مقرر ٿيو.
- 1969ع – انسٽيٽويٽ فار اسلامڪ ريسرچ پاڪستان، جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فضل الرحمان پاران اسلام تي لکيل ڪتاب تي پابندي هئي وئي.
- 1972ع – ٻولي وارن فسادن سبب ٺٽو پڻ سخت متاثر ٿيو، اتي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو.
- 1991ع – برطانيا ۾ ليبر پارٽي جي ميمبر ٽيري فيلڊس کي، ٽيڪس جمع نه ڪرڻ سبب 60 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو.
ايشور چندر (پ. 1937ع) · آغا صوفي (و. 1938ع) · پرنس آغا خان (و. 1957ع)
- 1588ع — آرميڊا ٻيڙين جو جٿو (تصوير) انگلستان سان جنگ لاءِ اسپين مان روانو ٿيو.
- 1965ع — آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد، پاڪ – ڀارت جنگ کان ڪجهه مهينا اڳ ئي بند ڪري ڇڏي.
- 1990ع — بورس يلسن سوويت ڪميونسٽ پارٽي تان استعفي ڏئي ڇڏي.
- 2022ع — حيدرآباد ۾ افغان هوٽل مالڪ طرفان سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پرتشدد واقعا شروع ٿي ويا.
آسڪو پارپولا (پ. 1941ع) · عبدالجبار جوڻيجو (و. 2011) · دادا جشن واسواڻي (و. 2018)
- 1843ع — چارلس نيپئر سنڌ تي پورو قبضو ڪري ورتو.
- 1923ع — هالي ووڊ جي جبلن تي 50 فوٽن جو هالي ووڊ نشان لڳايو ويو.
- 1930ع — يوراگوائي ۾ پهرين فٽبال ورلڊ ڪپ جو آغاز ٿيو.
- 1955ع — روٿ ايلس (تصوير) کي لنڊن ۾ ڦاسي ڏني وئي، هي برطانيا جي آخري عورت هئي جنهن کي موت جي سزا ملي.
- 2011ع — گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراداد 1999 تحت ڏکڻ سوڊان گڏيل قومن جي اداري جو 193ھون رڪن بڻيو.
- عائشہ (و. 678)
- بابا صلاح الدين (و. 1963)
- روبينا قريشي (و. 2022)
- 1867ع — سويڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبل (تصوير) پهرين دفعا ڊائنا مائيٽ جي ڌماڪي جو مظاهرو ڪيو.
- 1942ع — ھندوستاني شھر ورڌا ۾ ٿيل انڊين نيشنل ڪانگريس جي گڏجاڻي ۾ ھندوستان ڇڏي وڃو تحريڪ بابت قرارداد منظور ڪري، گانڌي کي برطانيہ کان آزادي لاءِ تحريڪ ھلائڻ جي اجازت ڏني وئي.
- 1949ع — سوويت يونين پهريون ايٽمي ڌماڪو ڪيو.
- 1987ع — تائيوان ۾ 37 سالن کان جاري مارشل لا ختم ٿي.
- 2016ع — نيس، فرانس ۾ دهشتگرد ڪاروائي ۾ 86 شهري قتل ۽ 400 کان مٿي زخمي ٿي پيا.
- آخوند الهه بچايو (پ. 1919)
- مريم ميرزاخاني (و. 2017)
- انب جوڳي (و. 2022)
- 1962ع — الجيريا عرب ليگ جو رُڪن ٿيو.
- 1996ع — شهزادي چارلس ۽ شهزادي ڊائينا جي وچ ۾ طلاق ٿي.
- 2002ع — پاڪستان جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت ڊينئل پرل (تصوير) جي قاتل احمد عمر سعيد شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي.
- 2006ع — سماجي رابطن جي ويبسائيٽ ٽوئيٽر جو بنياد پيو.
- 2018ع — فٽبال ورلڊ ڪپ ڪروئيشيا کان فرانس کٽي ورتي.
- انٽون چيخوف (و. 1904)
- اختر حميد خان (پ. 1914)
- شيلا راماڻي (و. 2015)
- 622ع — محمد مڪي کان مديني حجرت ڪئي، انهي تاريخ کان هجري سال جو آغاز ٿيو.
- 1790ع — واشنگٽن ڊي سي (تصوير) کي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو گادي وارو شھر بڻايو ويو.
- 1945ع — آمريڪا پهرين ائٽم بم جو تجربو ڪيو.
- 1967ع — گل ياسمين (چنبيلي) کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو.
- آيت الله خامنائي (پ. 1939)
- ليري سينگر (پ. 1968)
- ڪترينہ ڪيف (پ. 1983)
- 1821ع — اسپين فلوريڊا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.
- 1976ع — اوڀر تيمور مٿان انڊونيشيا حملو ڪيو ۽ ان کي پنھنجو 27ھون صوبو قرار ڏنو.
- 1976ع — نيوزيلنڊ کي اولمپڪ راندين ۾ شامل ڪرڻ سبب 25 آفريڪي ملڪن اولمپڪ راندين جي بائيڪاٽ ڪيو، ڇو تہ نيوزيلنڊ ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي متڀيد واري راڄ دوران اتي راندين ۾ شرڪت ڪئي.
- 1990ع — پي ٽي وي نئين چئنل پي ٽي وي 2 جو آغاز ڪيو.
- 2014ع — ملائيشيا جي جهاز ايم ايڇ 17 (تصوير) کي يوڪرين ۾ مزائيل هڻي ڪيرايو ويو. جنهن ۾ سوار 298 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- شاهه اسماعيل (پ. 1487)
- هاسارام پمناڻي (و. 1940)
- سوڍل فقير (و. 2024)
اڄ نيلسن منڊيلا جو عالمي ڏينهن آهي
- 1925ع —ايڊولف هٽلر آتم ڪٿائي منشور جو ڪتاب مائن ڪيمف (منھنجي جدوجهد)، شايع ڪيو.
- 1963ع — شام ۾ فوجي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
- 1955ع — برايوني ڪانفرنس (تصوير) يوگو سلاويا جي ٻيٽ برايوني ۾ منعقد ٿي.
- 1977ع — ويٽنام گڏيل قومن جو رُڪن ٿيو.
- 1980ع — هندوستان پهريون مواصلاتي سيارو روهني اول خلا ڏانهن روانو ڪيو.
- محمد بن قاسم (و. 715)
- نيلسن منڊيلا (پ. 1918)
- ون ڊيزل (پ. 1967)
- 1269 — علاوالدين خلجي دهلي جي تخت تي ويٺو.
- 1870 — فرانس، پروشيا سان جنگ جو اعلان ڪيو.
- 1980 — روس ۾ ٿيندڙ گرمين وارين اوليمپڪ راندين جو ڪيترن ئي ملڪن بائيڪاٽ ڪيو، سبب افغانستان مٿان روس جو قبضو ڄاڻايو ويو.
- 1920 — سنڌي مهاجرن جو قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو. 47ع جي لڏپلاڻ کان پوءِ سنڌين جي لڏپلاڻ کي هندوستان جي تاريخ ۾ بدترين لڏپلاڻ تصور ڪيو وڃي ٿو.
- 1958 — پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيو ويو.
ڪولمبيا ۾، آزادي جو ڏينهن
- 1940 — دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سريماوو بندرانائڪي (تصوير) سريلنڪا ۾ عهدو جو قسم کنيو.
- 1944 — حڪومتي انگ اکرن مطابق ممئبي ۾ مليريا وگھي 3 مهينن ۾ 34 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 1947 — سرحد صوبي جي ماڻهن ريفرينڊم جي ذريعي پاڪستان سان الحاق جي حمايت ڪئي.
- 1949ع — اسرائيل ۽ شام 19 مهينن جي جنگ کان پوءِ جنگ ختم ڪرڻ جي مهادي تي صحيون ڪيون.
- 1969ع — پهريون دفعو ڪنهن ماڻهو چنڊ تي قدم رکيو، اهو اعزاز آمريڪي خلاباز نيل آرمسٽرانگ کي حاصل آهي.
- 1774 — سلطنت روس ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ معاهدو ڪوچڪ ڪناري طئي ٿيو (تصوير:معاهدي واري جڳهه).
- 1831 — بيلجيم، هالينڊ کان آزادي ورتي.
- 1946 — سنڌ جي قانونساز اسيمبلي جي چونڊ نتيجن موجب مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21 ۽ جي ايم سيد گروپ پارٽي مخالفت باوجود 4 سيٽون کٽيون.
- 1950 — سورهيه بادشاهه جا ٻه پٽ پرڏيهه مان سنڌ واپس آيا. انهن کي انگريزن پاران جلاوطن ڪيو ويو هو.
- 1964 — ايران، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو علائقائي تعاون براءِ ترقي طئي ٿيو.
- 1970 — مصر ۾ يارنهن سالن بعد اسوان ڊيم جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو.
- 1989 — سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا. حيدرآباد ۾ 10 ۽ دادو ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو.
- 1948 — ڪراچي (تصوير) جو سڄو علائقو وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏني وئي. قائد اعظم بيماري سبب زيارت هو ۽ اهڙو نوٽيفڪشن قائم مقام گورنر جرنل لياقت علي خان جاري ڪيو.
- 1949 — سر شاهنواز ڀٽو جي ممبئي ۾ موجود ملڪيت کي ضبط ڪيو ويو.
- 1994 — گميبيا ۾ فوج حڪومت جو تختو انڌو ڪري ڇڏيو.
- 2002 — اسرائيلي فوج پاران حماس اڳواڻ صلاح شاحده جي گھر تي بم حملي جي نتيجي ۾ پاڻ ۽ سندس خاندان قتل ٿي ويو.
- 2004 — استنبول کان انقره ويندڙ ريل جي حادثي ۾ 140 ماڻهو فوت ٿي ويا.
- 1829 — ٽائپو گرافر نالي مشين جا حق ۽ واسطا وليم آسٽن برڊ جي نالي محفوظ ٿيا، اها مشين اڳتي هلي ٽائپ رائٽر (تصوير) جي نالي سان مشهور ٿي.
- 1927 — انڊين برادڪاسٽنگ جو پهريون اسٽيشن ممبئي ۾ قائم ٿيو.
- 1936 — عبدالله هارون جي رهائشگاهه ۾ سر شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، غلام حسين ھدايت الله، ميران محمد شاهه ۽ محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو.
- 1939 — اسڪندرون ۽ انطاڪيه علائقن ترڪي سان الحاق جو فيصلو ڪيو.
- 1952 — جمال عبد الناصر جي قيادت ۾ مصري فوج شاهه فاروق جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو.
- 1988 — ايم آر ڊي جنرل ضياءُ الحق جي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ واري اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.
- 1206 — قطب الدين ايبڪ جي لاهور ۾ تاج پوشي ٿي. (تصوير: لاهور ۾ سندس مقبرو)
- 1823 — چلي ۾ غلامي جو قانون ختم ڪيو ويو.
- 1954 — پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو.
- 1957 — مولانا ڀاشاني نيشنل عوامي ليگ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
- 1965 — پاڪستان فوج طرفان آپريشن جبرالٽر جو آغاز ٿيو، مقصد، سرينگر جي آس پاس هندوستان جي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻو هو، هي آپريشن ناڪام ويو.
- 1972 — ڪراچي ۾ وڳوڙ شروع ٿيا ۽ حڪومت کي ڪرفيون فافظ ڪرڻو پيو.
- 1854 – چارلس نيپئر بگٽي قبيلي خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو.
- 1907 – ڪوريا جاپان جي قبضي هيٺ آيو.
- 1957 – پاڪستان نيشنل پارٽي جو قيام ٿيو، جيڪا اڳتي هلي نيشنل عوامي پارٽي ٿي.
- 1978 – دنيا جو پهريون ٽيسٽ ٽيوب ٻار پيدا ٿيو.
- 1990 – موهن جو دڙو هوائي اڏي کي عالمي هوائي رستن سان ڳنڍيو ويو، ۽ باضابطه اڏامون شروع ٿيون.
- 1994 – اسرائيل ۽ اردن جي وچ ۾ جنگبندي معاهدي واشگٽن ڊڪليئرشن (تصوير) تي دستخط ڪيا ويا.
- 2007 – پرتيڀا پٽيل هندوستان جي پهرين عورت صدر ٿي.
- 2010 – وڪي ليڪس آمريڪا ۽ افغانستان متعلق فوجي دستاويز پڌرا ڪيا.
- 1788 – نيو يارڪ آمريڪا جي يارهين رياست ٿي وئي.
- 1947 – پاڪستان جي قانون ساز اسمبلي قيام ۾ آئي.
- 1949 – پاڪستان ۽ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سيزفائز تي اتفاق ڪري ورتو.
- 1967 – لاهور ۾ مينار پاڪستان (تصوير) جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو.
- 1965 – مالديپ برطانيا کان آزادي ورتي.
- 1976 – چين ۾ زلزلي سبب 2 لک 40 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2005 – ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 90 سينٽي ميٽر بارش ٿي.
- 2008 – احمد آباد ۾ 21 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 56 ماڻهو قتل ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
- 1866 – ٻه دفعا ناڪامي کان پوءِ سائرس فيلڊ ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ وڇايل ڪيبل جي مدد سان دنيا جو پهريون ٽيليگراف موڪليو.
- 1921 – ٽورانٽو يونيورسٽي (ڪينيڊا) جي ماهرن انسولين ايجاد ڪئي.
- 1963 – جنرل امين الحفيظ (تصوير) شام جو صدر ٿيو.
- 1973 – جماعت اسلامي بنگلاديش کي تسليم نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
- 2002 – يوڪرين ۾ هوائي ڪرتب دوران جهاز تماشين مٿان ڪرڻ سبب 78 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2005 – ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران ريڪارڊ 944 ملي ميٽر مينهن سبب 786 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 2012 – لنڊن اولمپڪس جو افتتاح ٿيو.
- 1914 – آسٽريا ۽ هنگري طرفان سربيا تي حملو ڪيو ويو ۽ پهرين مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي.
- 1943 – اٽلي جي حڪمران مسوليني (تصوير) استيعفا ڏئي ڇڏي.
- 1969 – سوات، دير ۽ چترال وارن علائقن کي اولھ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.
- 2005 – آئرش ريپبلڪن آرمي (آئي آر اي) طرفان 30 سالن کان هلندڙ هٿياربند جهدوجهد جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
- 2010 – پاڪستان جي هڪ نجي هوائي ڪمپني ايئر بليو جو هڪ مسافر جهاز اسلام آباد ويجهو مرگلا جبل تي ڪري تباهه ٿي ويو. هن ۾ سوار 152 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ هن حادثي کي پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين هوائي حادثو قرار ڏنو ويو.
- 1946 – مسلم ليگ پاران ڪيبنٽ پلان منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.
- 1958 – آمريڪي صدر آئرن هاور ناسا اسپيس ايڪٽ 1958ع تي صحيحون ڪيون.
- 1962 – اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، جسٽس محمد اڪرام چيئرمين نامزد ٿيو.
- 1981 – شهزادي چارلس ليڊي ڊائنا (تصوير) سان شادي ڪئي.
- 1629 – نيپلز اٽلي ۾ زلزلي سبب 10 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1930 – يوراگوائي، ارجنٽائن کي ٻن جي مقابلي ۾ چار گولن تان هارائي، فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ کٽي ورتي.
- 1947 – ميرپورخاص جي ڪانگريس پارٽي فيصلو ڪيو ته نهرو ۽ گانڌي سان رابطو ڪري اهو چيو ويندو ته ٿرپارڪر (تصوير: نقشو) کي سنڌ کان ڌار ڪري هندوستان ۾ شامل ڪيو وڃي.
- 1973 – فورسز مري ۽ مينگل قبيلن جي علائقن تي چڙهائي ڪري ڏني، پهرين ڏينهن تي 8 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
- 1658 – اورنگزيب (تصوير) هندستان جي شهنشاهه هجڻ جو اعلان ڪيو.
- 1954 – دنيا جي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو (K2) کي اٽلي جي جبل چاڙهو پروفيسر ڊيسو سر ڪري ورتو.
- 1956 – جم ليڪر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون کلاڙي ٿيو، جنهن هڪ اننگ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيو.
- 1958 – مالي سال جي شروعاتي پنج مهينن دوران پاڪستان ۾ مالياتي خسارو 20 ملين رپين تائين پهچي ويو.
- 1960 – صدر ايوب خان، مزار قائد جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو.
- 1977 – احمد رضا قصوري جي درخواست سندس والد نواب قصوري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي.
- 1992 – ٿائيلينڊ ۾ مسافر جهاز جي حادثي ۾ 113 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.