12 جُولاءِ
(جُولاءِ 12 کان چوريل)
12 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 12)، عيسوي سال جو 193 هون (ليپ سال 194 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 172 ڏينهن (ليپ سال 173 ڏينهن) باقي آهن.
واقعا
سنواريو- 1588ع — آرميڊا ٻيڙين جو جٿو (تصوير) انگلستان سان جنگ لاءِ اسپين مان روانو ٿيو.
- 1965ع — آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد، پاڪ – ڀارت جنگ کان ڪجهه مهينا اڳ ئي بند ڪري ڇڏي.
- 1990ع — بورس يلسن سوويت ڪميونسٽ پارٽي تان استعفي ڏئي ڇڏي.
- 2022ع — حيدرآباد ۾ افغان هوٽل مالڪ طرفان سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پرتشدد واقعا شروع ٿي ويا.
پيدائش
سنواريو- 1941ع — آسڪو پارپولا، فن لينڊ جو انڊولاجسٽ ۽ سنڌالاجسٽ
فوتگيون
سنواريو- 2018ع — دادا جشن واسواڻي، ناميارو روحاني عالم
- 2011ع — عبدالجبار جوڻيجو، سنڌ جو ناميارو محقق، مؤرخ، اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار