بابيت، اوڻيهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ ايران ۾ جيڪي تحريڪون پيدا ٿيون، تن ۾ مذهبي ۽ سياسي ردعمل جي لحاظ سان بابي تحريڪ قابل ذڪر سمجهي ويندي آهي.[1]

ان جو باني سيد علي محمد شيرازي ”باب“ هو، جنهن جي دعويٰ هئي ته الله تعاليٰ ساڻس هم ڪلام ٿئي ٿو ۽ ان تي وحي نازل ٿئي ٿي. ”باب“ پنهنجي وفات کان اڳ ميرزا يحيٰ صبح ازل کي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ۽ سڄي جماعت ان جي سرڪردگيءَ ۾ اچي وئي. صبح ازل حڪومت سان الجهڻ نٿي چاهيو، مگر جيڪا باهه ٻري چڪي هئي، سا وسامڻ کان مٿي چڙهي چڪي هئي. حڪومت سان اُن جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو، جڏهن 28 شوال 1268ھ/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاھ ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون. شاھ ايران تي بابين جي حملي، تحريڪ کي بدنام ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت بابين جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيل بابين کي، جن ۾ ميرزا علي حسن نوري (بهاءُ الله) به شامل هو، هٿڪڙيون پارائي، تهران موڪليو ويو. تحريڪ جو سربراھ صبح ازل ڀڄي بغداد پهتو ۽ بابين بغداد کي تحريڪ جو مرڪز بنايو. انهيءَ دوران صبح ازل ۽ بهاءُ الله ۾ اختلاف پيدا ٿيو، تنهنڪري بابين ۾ فتنو فساد پيدا ٿيو.[1]

شيخ احمد بن زين الدين الاحسابيءَ جو خيال هو ته تخليق ڪائنات علت غائي آهي ۽ ان جو اصل باعث ٻارهن امام آهن، اُهي مشيت ايزديءَ جا مظهر ۽ الاهي منشا جا ترجمان آهن. الله تعاليٰ جا سڀ ڪم انهن جي وسيلي پورا ٿين ٿا. الله تعاليٰ جي ذات فهم کان بالاتر آهي ۽ اسين ان جو ادراڪ مادي وجود جي ذريعي ئي ڪري سگهون ٿا.

”باب“ پاڻ کي ”شجر حقيقت“ قرار ڏنو هو. هو پاڻ کي ”مؤرد وحي ۽ الهام“ ۽ شريعت جو حامل بہ چوندو هو. هن جي دعويٰ هئي تہ سندس مرتبو (نعوذ بالله) گذريل نبين کان مٿي آهي. بابين جو عقيدو آهي ته ”هزار سالن کان پوءِ شريعت بدلجي وڃي ٿي“. ”باب“ جا اخلاقي فقه متعلق هيٺيان احڪام آهن:

ڏوهن جون هلڪيون سزائون ڏنڊ وغيره تائين محدود آهن، سڀ کان وڏي سزا قتل جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. قاتلُ، مقتول جي وارثن کي 11 هزار مثقال سون ادا ڪندو. آمدني ٽئڪس فقط سرمايي تي مقرر ٿيندي. تماڪ ڇڪڻ ۽ وڪڻڻ تي منع هوندي. ”باب“ هڪڙي پيشنگوئي بہ ڪئي، جنهن کي هن ”يُظهره الله“ جي لفظن سان بيان ڪيو آهي تہ ان جو ظهور ”غياث“ جي عددي قيمت 1511ع يا زياده کان زياده مستغاث جي عددي قيمت 2000ع کان اڳ ۾ ٿيندو.[1]
  1. 1.0 1.1 1.2 بابي تحريڪ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع