اورنگزيب عالمگير

محي الدين محمد(انگريزي: Muhi-ud-Din Muhammad) [3] اورنگزيب عالمگير(انگريزي: Aurangzeb Alamgir) تاريخ 3 نومبر 1618 ۾ پيدا ٿيو ۽ 3 مارچ 1707 ۾ وفات ڪيائين. [2] کيس عام طور تي اورنگزيب جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ سندس لقب عالمگير جي معني آھي دنيا جو فاتح. [4] پاڻ ڇھون نمبر مغل شھنشاھ ھيو ۽ کيس آخري طاقتور مغل بادشاه سمجھيو ويندو آھي جنھن 49 سال حڪومت ڪئي ۽ 1707 ۾ پنھنجي وفات تائين بادشاھ رھيو.[5][6]ھن پنھنجي ايمپائر جي سرحدن ۾ وڏو اضافو ڪيو تقريبن پوري ڏکڻ ايشيا تي سندس حڪومت ھئي .[7] ھن جي سلطنت 40 لک چورس ڪلوميٽرن جي لڳ ڀڳ ھئي.[8] جنھن جي آبادي اٽڪل 15,80،00,000 ھئي. [7] 45 سلطنت جي سالياني آمدني 45 ڪروڙ ڊالر ھئي جيڪا ان وقت جي فرانس جي لوئي چوڏهين جي بادشاھت کان ڏھوڻي ھئي ,[9] [10] ھن جي دؤر ۾ مغل ايمپائر چين جي معيشت کان بہ وڏي معيشت رکندڙ ھئي .[11]اورنگزيب جي شخصيت تاريخ ۾ تڪراري رھي آھي .[12][13][lower-alpha 1] ھن جي خلاف مندرن کي ڊاھرائڻ واريون ڳالهيون تاريخ ۾ تڪراري آھن . ڪن مؤرخن جو خيال آهي تہ اھي تہ اھو تاريخ ۾ حقيقت جي برعڪس وڌاء ڪيو ويو آهي [14] ڇوتہ ھن مندر ٺھرايا ۽ انھن جي مرمت پڻ ڪرائي ھئي. [15]رياست جي ڪامورا شاھي ۾ اڳين بادشاهن جي ڀيٽ ۾ کوڙ ھندو وڌيڪ ڀرتي ڪيا ھيا ۽ شيعن يا ھندن جي خلاف دشمني جي مخالفت ڪئي ھئائين [16]

اورنگزيب عالمگير
محي الدين

شھنشاھ اورنگزيب درٻار ۾ تخت تي ويٺل
ڇھون مغل بادشاه
31 جولائي 1658 – 3 مارچ 1707
پيشرو * شاھجھان
جانشين محمد اعظم شاھ (نالي ۾ بادشاھ رھيو)
بھادر شاھ پھريون
Consort دلرس بانو بيگم[1]
زالون نواب بائي[1]
اورنگ آبادي محل
نسل
پورو نالو
محي الدين محمد
Regnal name
عالمگير
گهراڻو تيموري
شاھي گھراڻو تيموري مغل
پيءُ شاھجھان
ماءُ ممتاز محل
جنم محي الدين محمد [2]
3 نومبر 1618(1618-11-03) (N.S.)
داھود، مغل ايمپائر موجوده گجرات رياست، ڀارت
لاڏاڻو 3 مارچ 1707 (N.S.) (aged 88)
احمد نگر، مغل ايمپائر موجوده مھاراشٽرا
تدفين اورنگزيب جو مقبرو،خلد آباد
مذھب اسلام

ننڍپڻ ۽ تعليم

سنواريو
 کيس پيءُ شاهجهان، اورنگزيب جو خطاب ڏنو هو. اورنگزيب 3 نومبر 1618ع تي مالوه جي سرحد ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ارجمند بانو  هو. جيڪا ’ممتاز محل‘ جي نالي سان مشهور آهي. 

جڏهن اورنگزيب جي ڄمار 2 سال هئي، تڏهن سندس ڏاڏو جهانگير -بادشاهه- هو، جنهن خلاف شاهجهان -بغاوت- ڪئي. هو ٻارن سميت -بنگال- آيو، -جتي- چار سال رهڻ کان پوءِ هن معافي ورتي. پوءِ اورنگزيب جي پرورش نورجهان ڪئي. اورنگزيب جي ھڪ ڀاءُ جو نالو دارا شڪوه هو. اورنگزيب -ان- وقت جي مشهور عالمن وٽ -تعليم- حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف به حفظ ڪيائين. ساڳئي وقت فن ۽ ادب سان چاهه به هئس. هن فارسيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا.

شاھجھان جي انتظاميه ۾ خدمتون

سنواريو

1636ع کان هن باقاعدي فوج جي ڪمان سنڀالڻ شروع ڪئي. پهرين دکن ۾ هو، -جتي- هن بغاوتون ختم ڪيون ۽ ٻيا به ڪارناما سرانجام ڏنا.1 ذوالحج 1059ھ کان 12 رمضان 1061ھ شاهه جهان لاهور ۾ هجڻ وقت کيس ٺٽي جو صوبيدار ڪيو ۽ ملتان ۽ بکر جاگير ۾ ڏنائينس، پاڻ ٺٽي ۾ نه آيو پر پنهنجا نائب موڪليائين، 12 رمضان 1062ھ تي کيس دڪن جي صوبيداري مليس.[17].

تخت لاءِ ويڙھ

سنواريو
جڏهن شاهجهان بيمار ٿي پيو ته داره شڪوهُ حڪومت جو انتظام سنڀاليو، جنهنڪري مختلف هنڌن تي الڳ بادشاهتون قائم ٿيون. پر اورنگزيب به ماٺ ڪري نه ويٺو هن پنهنجي ننڍي -ڀاءُ-، مراد کي ساڻ ڪري حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1957ع ۾ شاهه جهان بيمار ٿيو، ته سن 1658ع ۾ اورنگزيب کيس هڪ محل ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ -تخت- تي ويهي رهيو. 1659ع ۾ اجين وٽ اورنگزيب ۽ داراشڪوه وچ ۾ -جنگ- لڳي، جنهن ۾ اورنگزيب کي فتح حاصل ٿي. 

تخت نشيني ۽ حڪومت

سنواريو
داراشڪوه صوفي خيال رکندڙ هو. تنهنڪري هن کي سلطنت جي سياست ۽ حرفت سان ڪوبه چاهه نه هو. جڏهن ته اورنگزيب ظاهر ۾ عالم ۽ روزي نماز جو پابند هوندو هو، پر -ان- سان گڏ هر قسم جي حرفتن، ۽ کيڏن جو به ماهر هو. هن پهريائين ته پنهنجن وڏن ڀائرن، يعني داراشڪوه ۽ شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهايو. -ان- وقت تائين پنهنجي ننڍي -ڀاءُ- مراد کي پنهنجي ساٿ ۾ رکيائين، جڏهن سندس ٻئي وڏا ڀائر فوت ٿيا، ته پوءِ ننڍي -ڀاءُ- مراد کي به قيد ڪري ما. رائي ڇڏيائين اورنگزيب ظاهري طرح فنون لطيفه ۽ ادب کي اڀاريو، پر دلي طرح فنون لطيفه جو دشمن هو. صوفين جو مخالف هو. کيس ڌيءَ زيب النساءِ ’مخفي‘ جي شاعري ڪرڻ به پسند نه هئي، هن -تصوف- جا ڪتاب ساڙايا. خوشحال خان خٽڪ پشتو شاعر سندس سخت مخالف هو. ملڪ مان مختلف برايون ختم ڪرايائين.

جنگي فتحون

سنواريو
1665ع ڌاري آسام، چٽانگ ۽ -بهار- جا علائقا فتح ڪيائين. -ان- کان سواءِ ڪيتريون بغاتون به ڪچليائين، -تان- جو 1687ع تائين سموري هندستان تي مغل بادشاهت قائم ٿي وئي.

خدمتون

سنواريو
هن کي ادب سان به لڳاءُ هو. درٻاري مورخن پاران سندس لاءِ عام طرح مشهور آهي ته سرڪاري خزاني مان ذاتي خرچ نه ڪندو هو، پرهيزگار ۽ نيڪ هو. سندس خط ”رقعات عالمگير“ جي نالي سان ترتيب ڏنا ويا، جيڪو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”فتاويٰ عالمگيري“ به وڏي مشهوري ماڻي. 

اورنگزيب عالمگير- 3 مارچ 1707ع تي وفات ڪئي.

  1. 1.0 1.1 Sarkar, Sir Jadunath (1912). History of Aurangzib Vol. I. Calcutta: M.C. Sarkar & Sons. p. 61. https://jambudveep.files.wordpress.com/2010/08/history-of-aurangzeb-vol-1.pdf. 
  2. 2.0 2.1 Spear, Percival. "Aurangzeb". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 6 April 2016. 
  3. Thackeray, Frank W.; editors, John E. Findling, (2012). Events that formed the modern world : from the European Renaissance through the War on Terror. Santa Barbara, Calif.: ABC-CLIO. p. 248. ISBN 9781598849011. 
  4. Dictionary of Wars. Hoboken: Taylor and Francis. 2013. p. 387. ISBN 9781135954949. 
  5. Chapra, Muhammad Umer (2014) (en ۾). Morality and Justice in Islamic Economics and Finance. Edward Elgar Publishing. pp. 62–63. ISBN 9781783475728. 
  6. Bayly, C.A. (1990). Indian society and the making of the British Empire (1st pbk. ed.). Cambridge [England]: Cambridge University Press. p. 7. ISBN 9780521386500. 
  7. 7.0 7.1 József Böröcz (2009-09-10). The European Union and Global Social Change. Routledge. p. 21. ISBN 9781135255800. https://books.google.com/books?id=d0SPAgAAQBAJ&pg=PA21. Retrieved 26 June 2017. 
  8. Rein Taagepera (September 1997). "Expansion and Contraction Patterns of Large Polities: Context for Russia". International Studies Quarterly 41 (3): 500. doi:10.1111/0020-8833.00053. http://www.escholarship.org/uc/item/3cn68807. 
  9. Lawrence E. Harrison, Peter L. Berger (2006). Developing cultures: case studies. Routledge. p. 158. ISBN 9780415952798. https://books.google.co.uk/books?id=RB0oAQAAIAAJ. 
  10. Connections, A World History, Volume 1: World history, World history by CTI Reviews
  11. Maddison, Angus (2003): Development Centre Studies The World Economy Historical Statistics: Historical Statistics, OECD Publishing, ISBN 9264104143, pages 259–261
  12. Ayalon, David (1986). Studies in Islamic History and Civilisation. Brill. ISBN 965-264-014-X. 
  13. Abraham Eraly (2000), Emperors of the Peacock Throne: The Saga of the Great Mughals, Penguin Books, ISBN 978-0141001432, pages 398–399. According to Abraham Eraly, "in 1670, all temples around Ujjain were destroyed" and later "300 temples were destroyed in and around Chitor, Udaipur and Jaipur" among other Hindu temples destroyed elsewhere in campaigns through 1705.
    اواري لکي ٿو تہ اورنگزيب جي مذھبي پاليسي سندس ۽ سکن جي نائين گرو تيغ بھادر جي وچ ۾ ٽڪراء کي جنم ڏنو جنھن ڪشمير ۽ پنجاب ۾ اورنگزيب جي خلاف آواز اٿاريو. کيس گرفتار ڪري دھلي پھچايو ويو جتي کيس مسلمان ٿيڻ لاءِ چيو ويو پر ھن انڪار ڪيو. کيس پنج ڏينھن تائين تشدد ڪيو ويو ۽ نومبر 1675 ۾ سندس سر قلم ڪيو ويو. اھڙي طرح اھو سکن جو ٻيون گرو ھو جيڪو مغلن قتل ڪيو ھيو.(Avari (2013), page 155)
  14. Avari 2013115: citing a 2000 study, writes "Aurangzeb was perhaps no more culpable than most of the sultans before him; they desecrated the temples associated with Hindu power, not all temples. It is worth noting that, in contrast to the traditional claim of hundreds of Hindu temples having been destroyed by Aurangzeb, a recent study suggests a modest figure of just fifteen destructions."
  15. B. N. Pande (1996). Aurangzeb and Tipu Sultan: Evaluation of Their Religious Policies. University of Michigan. ISBN 9788185220383. https://books.google.co.uk/books/about/Aurangzeb_and_Tipu_Sultan.html?id=FgbXAAAAMAAJ. 
  16. Audrey Truschke (2017). Aurangzeb: The Life and Legacy of India's Most Controversial King. Stanford University Press. pp. 50–51. ISBN 9781503602595. https://books.google.co.uk/books?id=oUUkDwAAQBAJ&pg=PT50. 
  17. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو