وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/آڪٽوبر
چونڊ ڏينهن – سڀ ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جُونِ – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
چونڊ ڏينهن ۾ ڪيل تازيون تبديلون – چونڊ ڏينهن ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 07:54 ڏينهن آهي اربع، ڊسمبر 18، 2024 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
- 1960ع – نائيجيريا برطانيا کان آزادي ورتي
- 1982ع – تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ هيمٽ شميٿ جي جاءِ تي هيمٽ ڪوهئي (تصوير) جرمني جو چانسلر مقرر ٿيو.
- 1985ع – اسرائيل پاران تيونسيا ۾ موجود پي ايل او جي صدر دفتر تي حملا شروع ڪيا ويا.
- 2017ع – اسپين جي ڪورٽ، ڪاٽالونيا ۾ ٿيل آزادي لاءِ ريفرينڊم کي غير قانوني قرار ڏنو.
2 آڪٽوبر اڄ اهنسا جو ڏينهن آهي.
- 1934ع – پارلياماني ڪاميٽي سفارش ڪئي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊينسي کان ڌار ڪيو وڃي.
- 1988ع – حيدرآباد (تصوير پڪو قلعو) ۾ لساني جهيڙن سبب اٽڪل 160 ماڻهو مارجي ويا، شهر ۾ هنگامن کي پوليس روڪڻ ۾ ناڪام رهي.
- 1932ع – عراق برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1952ع – برطانيا ايٽمي ڌماڪو ڪري دنيا جو ٽيون ايٽمي طاقت بڻجي ويو.
- 1991ع – ناڊينگور ڊيمر (تصوير) پهرين ڏکڻ آفريڪا جي شهري هئي جنهن امن جو نوبل انعام ماڻيو.
- 1958ع – فرانس جو موجوده آئين منظور ٿيو.
- 1962ع – نيشنل عوامي ڊيموڪريٽڪ فرنٽ وجود ۾ آئي، هن اتحاد ۾ جماعت اسلامي، عوامي ليگ، نيپ، ڪائونسل مسلم ليگ، ڪشڪ سرمڪ پارٽي، ريپبلڪن پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون شامل هيون.
- 2006ع – وڪي ليڪس (تصوير: وڪي ليڪس جو نشان) جو بنياد پيو.
5 آڪٽوبر اڄ استادن جو عالمي ڏينهن آهي.
- 1948ع – اشڪ آباد زلزلي ۾ 1 کان 1 لک 10 هزار تائين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1984ع – مارڪ گيرنو (تصوير) پهريون ڪينيڊي شهري هو جيڪو خلا ۾ ويو.
- 1986ع – برطانوي اخبار دي سڊني ٽائيمز مورڊڪائي ونونو جي ڪهاڻي شايع ڪئي جنهن ۾ اسرائيل جي خفيا ايٽمي منصوبي تان پردو کنيو ويو.
6 آڪٽوبر اڄ جرمن آمريڪي ڏينهن آهي.
- 1762ع – برطانيه پاران منيلا تي قبضو ڪيو ويو، ان جنگ کان اڳ منيلا اسپين جي قبضي ۾ هو.
- 1981ع – مصري صدر انور سادات (تصوير) کي مذهبي انتهاپسند قتل ڪري ڇڏيو.
- 2010ع – انسٽا گرام ايپ آئي او ايس ڊوائيسن لاءِ پهريون ڀيرو جاري ڪيو ويو.
- 1958ع – پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو.
- 2008ع – خلائي پٿر ٽي سي 3 سوڊان جي مٿان اچي ڪريو.
- 2016ع – هيريڪن ميٿيو سبب 800 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
حيدر بخش جتوئي (پ. 1901ع) · محمد پريل ڪلھوڙو (و. 1946) · ولاديمير پيوتن (پ. 1952)
- 1967ع – گوريلا اڳواڻ چي گويرا (تصوير) ۽ سندس ساٿي بوليويا ۾ گرفتار ٿيا.
- 1972ع – اسرائيل پاران شام ۽ مصر تي حملا ڪيا ويا.
- 2005ع – 7.6 جي شدت سان ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۾ 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
ايڇ. ايم. خواجہ (پ. 1908) · جسٽس عبدالرزاق ٿهيم (پ. 1927) · پير الاھي بخش (و. 1975ع)
9 آڪٽوبر آمريڪا ۾ليف ايريڪسن ڏينهن آهي.
- 1981ع – فرانس ۾ موت جي سزا ختم ڪئي وئي.
- 2006ع – اتر ڪوريا پهريون ايٽمي تجربو ڪيو.
- 2012ع – ملالا يوسفزئي (تصوير) کي قتل ڪرڻ جي طالبانن جي ڪوشش ناڪام وئي.
چي گويرا (و. 1967) · استاد بخاري (و. 1992ع)
- 1990ع – آصف علي زرداري کي غلام حسين انڙ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
- 2002ع – پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿي گذريون.
- 2015ع – ترڪي جي گادي واري هند انقره ۾ مرڪزي ريلوي اسٽيشن ويجهو ڌماڪي سبب 102 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
امام حسين (و. 680ع) · آغا تاج محمد خان (و. 1959ع) · جگجيت سنگهه (و. 2011ع)
11 آڪٽوبر اڄ ٻاهر نڪرڻ جو قومي ڏينهن آهي.
- 1851ع – بمبئي حڪومت ڪيپٽن اسٽيڪ طرفان ڏنل عربي اکر، سنڌي رسم الخط ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.
- 1947ع – خيرپور رياست (تصوير: فيض محل) کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.
اظھر گيلاني (پ. 1915ع) · امداد علي اعواڻ (پ. 1944ع) · عبدالواحد آريسر (پ. 1949ع)
- 1960ع – جاپاني سوشلسٽ پارٽي جي اڳواڻ انيزرو اسانوما (تصوير) کي لائيو ٽي وي پروگرام ۾ قتل ڪيو ويو.
- 1999ع – سوويت يونين جي اڳوڻي خودمختيار رياست ابخازيه جارجيا کان آزادي جو اعلان ڪيو.
- 1999ع – پرويز مشرف پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو.
- 2017ع – آمريڪا يونيسڪو مان ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ اسرائيل پڻ ان اداري مان نڪري ويو.
ٻڍل فقير (و. 1939ع) · حميد سنڌي (پ. 1939ع) · اعجاز منگي (پ. 1965ع)
- 1923ع – انقره (تصوير) ترڪي جو گادي واري هنڌ بڻايو ويو.
- 2016ع – مالديپ دولت مشترڪه مان نڪري ويو.
امام ترمذي (و. 892ع) · ايلسا قاضي (پ. 1884ع) · نصرت فتح علي خان (پ. 1948ع)
14 آڪٽوبر اڄ يوڪرين جي دفاع جو ڏينهن آهي.
- 1958ع – سنڌ هاري ڪاميٽي کي ختم ڪري عوامي نيشنل پارٽي ۾ ضم ڪيو ويو.
- 1977ع – پاڪستان جي پهرين عورت ڊبٽي اسپيڪر بيگم اشرف عباسي (تصوير) کي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو.
- 2015ع – تونسا شريف ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 13 زخمي ٿي پيا.
نظام الملڪ (و. 1092ع) · آئزن هاور (پ. 1890ع) · گوتم گنڀير (پ. 1981ع)
- 1931ع – ٽاٽا ايئر لائين (جنهن کي بعد ۾ ايئر انڊيا سڏيو ويو) پهرين اڏام ڪئي.
- 1956ع – فورٽران، ڪمپيوٽر جي پهرين جديد ٻولي کي پهرين دفعي پروگرامرز لاءِ جاري ڪيو ويو.
- 1990ع – سوويت يونين جي صدر ميخائيل گوربا چوف (تصوير) کي سرد جنگ جي خاتمي لاءِ سندس خدمتن عيوض امن جو نوبل انعام ڏنو ويو.
جلال الدين اڪبر (پ. 1542ع) · آخوند حافظ ولي محمد (پ. 1867ع)
- 1951ع – پاڪستاني وزير اعظم لياقت علي خان کي راولپنڊي ۾ قتل ڪيو ويو.
- 1964ع – چائينا پهرين دفعي ائٽم بم جو تجربو (تصوير) ڪيو.
- 1995ع – آمريڪا ۾ ملين مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي.
آخوند عزيزالله ميمڻ (پ. 1747ع) · فادر ڪوٽواڻي (پ. 1944ع) · هيما مالهني (پ. 1948ع)
- 1956ع – ڪوئيٽا ۾ ريڊيو پاڪستان جي تجرباتي نشريات شروع ڪئي وئي.
- 1978ع – پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، جنهن تحت سرڪار کي ڪنهن به پارٽي تي ملڪ دشمني جو الزام هڻي پابندي هڻڻ جو اختيار ملي ويو.
- 1984ع – ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعو پيش آيو، جتي 5 شاگردن کي فوج فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
سيد احمد خان (پ. 1817ع) · الھه آندو شاھ (پ. 1857ع)
18 آڪٽوبر اڄ آذربائيجان جي آزادي جو ڏينهن آهي.
- 1898ع – آمريڪا اسپين کان پورٽو ريڪو جو ڪنٽرول حاصل ڪيو.
- 1957ع – آءِ آءِ چندريگر (تصوير) پاڪستان جو ڇهون وزير اعظم مقرر ٿيو.
- 2007ع – ڪارساز سانحي ۾ 139 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 450 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
اوم پوري (پ. 1950ع) · بخشڻ مهراڻوي (پ. 1964ع) · ذاڪر نائيڪ (پ. 1965ع)
- 1988ع – برطانيوي حڪومت آئرش ريپبلڪ جي ڪيترن ئي نمائندن جي ٽي وي ۽ ريڊيو انٽرويو تي پابندي مڙي ڇڏي.
- 1993ع – بينظير ڀٽو (تصوير) 121 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان چونڊجي وئي، جڏهن نواز شريف 72 ووٽ کنيا.
الھه آندو شاھ (و. 1919ع) · آغا عبدالنبي عليگ (و. 1976ع)
- 1820ع – اسپين فلوريڊا جو ڪجھ حصو آمريڪا کي پنج ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪيو.
- 1947ع – پاڪستان ۽ آمريڪا پهرين دفعي سفارتي لاڳاپن جي شروعات ڪئي.
زين العابدين (و. 713ع) · مير احمد يار خان (و. 1977ع) · اختر حسين جدون (پ. 1970ع)
- 1947ع – حڪومت اعلان ڪيو ته 69 هزار مهاجر پاڪستان اچي چڪا آهن.
- 1967ع – ويٽنام جنگ جي خلاف هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن واشنگٽن ڊي سي ۾ احتجاج ڪيو، ساڳي قسم جا احتجاج يورپ ۽ جاپان ۾ پڻ ڪيا ويا.
حسين هارون (پ. 1950ع)
- 1953ع – پاڪستان مسلم ليگ پارلياماني پارٽي ٺهراءُ منظور ڪيو ته پاڪستان جو رياستي سربراهه مسلمان هندو.
- 1964ع – فرانسيسي فلسفي ۽ اديب زان پال سارتر (تصوير) ادب جو نوبل انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
- 1990ع – الذوالفقار تنظيم جا 68 ڪارڪن دهشتگردي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيا ويا.
محمد ايوب کھڙو (و. 1980ع) · سرويچ سجاولي (و. 2007ع)
- 1942ع – هيمون ڪالاڻي (تصوير) ۽ سندس ساٿين انگريزن جي گولابارود سان ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي هيمون گرفتار ٿيو.
- 1990ع – ڄام صادق علي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ويو.
سھراب فقير (و. 2009ع) · نصرت ڀٽو (و. 2011ع) · حامد علي مرزا (و. 2017ع)
- 1953ع – سنڌ حڪومت ڀٽ شاھ تي داراللطيف ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
- 1954ع – گورنر جنرل ملڪ غلام محمد (تصوير) آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، محمد علي بوگرا کي پاڪستان جو نئون وزير اعظم مقرر ڪيو ويو.
نور محمد لاشاري (پ. 1931ع) · اعجاز علي خواجه (پ. 1950ع) · زخمي چانڊيو (و. 2000ع)
- 2000ع – نيب بينظير ڀٽو، ۽ آصف علي زرداري جا 1.5 ارب ڊالرن جا اثاثا ظاهر ڪيا.
- 2002ع – پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ آرڊيننس نمبر 85 تحت قلم 489F شامل ڪيو ويو، جنهن تحت بي ايماني سان ڏيتي ليتيءَ يا قرض عيوض جاري ٿيل چيڪ جي بينڪ مان پاس نہ ٿيڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو.
زرينه بلوچ (و. 2005ع)
- 1979ع – ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ چنگ هي (تصوير) کي ڳجهي ايجنسي جي چيف قتل ڪري ڇڏيو.
- 2015ع – افغانستان جي اترين علائقن ۾ هندوڪش جبل وٽ 7.5 شدت سان آيل زلزلي ۾ 398 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 2536 زخمي ٿي پيا.
امين محمد ثالث (پ. 1838ع) · ابراهيم جليس (و. 1977ع) · بردو سنڌي (و. 1988ع)
- 1958ع – صدر اسڪندر مرزا پنهنجا سمورا اختيار جنرل محمد ايوب خان جي حوالي ڪري ڇڏيا، ايوب هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ ملڪ تي حڪمراني ڪئي.
- 1959ع – ايوب خان اقتدار تي پنهنجي قبضي جي پهرين سالگره جي موقعي تي ملڪ ۾ بنيادي جمهوريتن جي نظام جو اعلان ڪيو۔ ان نظام جي تحت ملڪ کي 80,000 انتخابي حلقن ۾ ورهايو ويو۔
- 1991ع – ترڪمانستان (تصوير: جهنڊو) سويت يونين کان آزادي حاصل ڪئي.
- 2000ع – احتسابي عدالت بينظير ڀٽو خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا.
جلال الدين اڪبر (و. 1605ع) · اختر ھالائي (و. 1959ع)
- 1886ع – آزادي جي مجسمي (تصوير) کي آمريڪي صدر گرور ڪليولينڊ پاران سرڪاري طور مخصوص ڪيو ويو، هي مجسمو فرانس جي ماڻهن طرفان تحفي ۾ ڏنو ويو هو.
- 1998ع – وزيراعظم نواز شريف ايم ڪيو ايم کان حڪيم محمد سعيد جي قتل ۾ ملوث مبينا ملزمن کي حڪومت حوالي پيش ڪرڻ جي گھر ڪئي.
- 2001ع – بهاولپور چرچ تي حملي جي نتيجي ۾ 18 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 2009ع – پشاور بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 137 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 213 زخمي ٿيا.
جوليا رابرٽس (پ. 1967ع) · اديتي رائو حيدري (پ. 1976ع) · تاج صحرائي (و. 2002ع)
- 2005ع – هندوستاني شهر دهلي ۾ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 60 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 2015ع – چين هر خاندان هڪ ٻار واري پاليسي 35 سالن کان پوءِ ختم ڪري ڇڏي.
انور الدين شيخ (و. 2005ع)
- 1996ع – چار فوجي آفيسرن جنرل ظهير الاسلام (تصوير)، برگيڊيئر مستنشر، ڪرنل محمد آزاد مهانس ۽ ڪرنل عنايت الله کي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ سخت سزائون ٻڌايو ويون.
- 1998ع – سنڌ ۾ نواز شريف صوبائي حڪومت کي ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو.
الياس ابڙو (و. 1994ع) · قربان جيلاني (و. 1996ع)
- 1984ع – هندوستاني وزيراعظم اندرا گانڌي (تصوير) کي سندس ئي محافظ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
- 2011ع – دنيا جي آبادي ست ارب کان وڌي وئي. هن ڏينهن کي گڏيل قومن جي اداري ست ارب جو ڏينهن طور مقرر ڪيو آهي.
جان ڪيٽس (پ. 1795ع) · ڄام ساقي (پ. 1944ع) · اي جي چانڊيو (پ. 1966ع)