افغانستان
افغانستان وچ ايشيا جو هڪ ملڪ آهي. پاڪستان جي -اتر- اولهه ۾ ”افغان“ قوم جو ملڪ. قديم سلطنت، جنهن جو نالو ”آريانه“ هو. هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪابل آهي. هن جي -اتر- ۾ روس، الهندي ۾ ايران، ڏکڻ ۽ -اوڀر- ۾ -پاڪستان- آهن. هي گهڻو ڪري جابلو علائقو آهي. هندوڪش -جبل- جون شاخون هِن سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن. هن جي وادين ۾ ڪڻڪ، چانور ۽ ميوو ٿيندو آهي. هتي جو وڏو درياهه هلمند آهي. -آمو- دريا (جيحون) جو ڪجهه حصو، روس ۽ -افغانستان- جي وچ ۾ آهي. هن ملڪ جو مذهب -اسلام- آهي. مکيه ٻوليون پشتو ۽ دري (فارسي) آهن.
اسلامي امارت افغانستان
| |
---|---|
![]() جھنڊو | |
شُعار: 'لا إله إلا الله، محمد رسول الله "Lā ʾilāha ʾillā llāh, Muhammadun rasūlu llāh" "ناھي ڪو به معبود سواءِ الله جي؛ محمد الله جو رسول آهي | |
![]() | |
![]() | |
گادي جو هنڌ | ڪابل 34°32′N 69°08′E / 34.533°N 69.133°E |
سڀ کان وڏو شهر | ڪابل |
سرڪاري ٻوليون | |
نسلي گروھ | پختون تاجڪ, ھزارا, ازبڪ، ۽ ٻيا |
مذهب | اسلام |
مقامي آبادي | افغاني ۽ افغانستاني |
حڪومت | وحداني صدارتي اسلامي ريپبلڪ |
• صدر |
اشرف غني |
عبداللہ عبداللہ | |
مقننه | قومي اسيمبلي |
ھائوس آف ايلڊرس (مشيرانو جرگہ) | |
ھائوس آف پيپل (مجلس نمائندگان | |
افغانستان جي قيام جي تاريخ | |
April 1709 | |
October 1747 | |
• امارت |
1823 |
اينگلو-افغان معاھدو | |
9 June 1926 | |
17 July 1973 | |
26 جنوري 2004 | |
پکيڙ | |
• جملي |
652٬864 km2 (252٬072 sq mi) (40th) |
• پاڻي (%) |
نہ جھڙو |
• گھاٽائي |
49.88 /km2 (129.2 /sq mi) (150th) |
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ |
• ڪل |
$70 ارب يو ايس ڊالر[1] |
• في سيڪڙو |
$1,888[1] |
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ |
• ڪل |
$21 ارب يو ايس ڊالر |
تاريخسنواريو
هن علائقي تي پهريائين دارا -اول- 516 ق. م ۾ قبضو ڪيو. سن 326 ق. م ۾ سڪندراعظم هندستان ۾ آيو ۽ هن ملڪ کي فتح ڪيائين. -باختر- جي دور ۾ هي ملڪ پارٿين جي قبضي ۾ رهيو. ستين صدي عيسويءَ ۾ مسلمانن جي قبضي کان پوءِ -اسلام- هتي جو مستقل مذهب بڻجي ويو. هتي مستحڪم -اسلامي حڪومت- محمود غزنويءَ جي هئي، جنهن يارهين صديءَ ۾ -ايران- ۽ هندستان جا ڪي علائقا فتح ڪيا. آخر هن علائقي تي پهريائين چنگيزخان ۽ پوءِ تيمور قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ ۾ -بابر بادشاهه- ڪابل کي مرڪز بنائي، هندستان تي حملو ڪيو. -افغانستان- جي هڪ متحده سلطنت ارڙهين صديءَ ۾ -احمد شاهه- ابداليءَ قائم ڪئي. -احمد شاهه- ابداليءَ جي -پاڻيپٽ- واريءَ -جنگ- (1761ع) جو اثر سنڌ تي به پيو، -ان- کان پوءِ وري دوست محمد ۽ شاهه شجاع واري دور ۾، مدد خان -پٺاڻ- ڪلهوڙن کان ڏن وٺڻ جي بهاني سان، سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تاراج ڪري ڇڏيائين. ٽالپرن جي دور ۾ انگريزن -افغانستان- تي، سنڌ جي رستي ڪاهه ڪئي. -احمد شاهه- ابدالي، مدد خان -پٺاڻ- ۽ ٻين افغان حڪمرانن جي طرفان مختلف وقتن تي سنڌ کي نقصان پهچڻ ڪري اهو پهاڪو مشهور ٿيو ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي تو کي قنڌارئون جوکو.“ 1919ع ۾ غازي امان -الله- سان هڪ مختصر -جنگ- ٿي، پوءِ هڪ صلحنامو ٿيو، جنهن جي بنياد تي ”امير“ جي بدران هُن ”شاهه“ جو لقب اختيار ڪيو. 1929ع ۾ شاهه امان -الله- جي خلاف -بغاوت- ٿي. جنرل نادر خان -بغاوت- جو باني هو ۽ پوءِ اُهوئي -بادشاهه- ٿيو. سنه 1933ع ۾ نادرشاهه جي قتل کان پوءِ، -ان- جو پٽ محمد ظاهر شاهه -بادشاهه- ٿيو. 17 -جولاءِ- 1973ع تي جنرل سردار دائود خان، ظاهر شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندو، ۽ 18 -جولاءِ- تي پاڻ صدر ۽ وزيراعظم هجڻ جو اعلان ڪيائين. 1973ع ۾ سردار دائود جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 30 -جنوري- 1977ع تي -افغانستان- جي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو. 27 -اپريل- 1978ع تي خونريز -انقلاب- کان پوءِ، 1992ع ۾ سردار دائود جو تختو اونڌو ڪيو ويو. آخرڪار -افغانستان- ۾ روسي فوجن جي مخالفت ۾ افغان عوام جي جدوجهد جو طويل سلسلو شروع ٿيو ۽ -افغانستان- جي عوام جي فتح ٿي. 1970ع جي آخر ۾ افغان حڪومت کي وڌندڙ سماجي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو. 1979ع ۾ طالبان جو زور وڌڻ لڳو، -جن- کي سوويت يونين جي پٺڀرائي حاصل هئي. افغان حڪومت کي اندروني توڙي ٻاهرين طاقتن سان هڪ ئي وقت مهاڏو اٽڪائڻو پيو. 1986ع ۾ بيرڪ ڪارمل کي هٽائي محمد نجيب -الله- کي -افغانستان- جو صدر منتخب ڪيو ويو. 1997ع کان 1989ع تائين ملڪ -جنگ- جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي معاشي طور زري گهٽ تباهه ٿي ويو. سوويت يونين جي هٽي وڃڻ کان پوءِ ملڪ کي گوريلا ويڙهه سان منهن ڏيڻو پيو. 1992ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪابل تي سندن قبضو ٿي ويو ۽ هڪ 50 ميمبرن جي ڪائونسل قائم ڪري حڪومتي ڪاروبار هلايو ويو، جنهن جو مولانا برهان الدين رباني صدر هو، پر اهي پاڻ کي منظم ثابت ڪري نه سگهيا ۽ -ترت- گلبدن حڪمت يار حملو ڪري مولانا ربانيءَ جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو، نتيجي طور -افغانستان- ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر -ٽڪري- تي الڳ حڪمران حڪومت ڪرڻ لڳا. 1994ع جي شروعات ۾ مذهبي بنياد پرست پشتون شاگرد طاقتور ٿي اڀريا. 1996ع جي شروعات ۾ طالبان جي حيثيت ۾ انهن -افغانستان- تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ 1996ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ طالبان جي حامين ڪابل تي قبضو ڪري ورتو، توڙي جو حڪمت يار ۽ رباني هڪ ٻئي سان حڪومتي الحاق ڪيو هو پر طالبان -افغانستان- کي اسلامي مملڪت قرار ڏئي اسلامي قانوني نافذ ڪري ڇڏيا ۽ ٻه ڀاڱي ٽي ملڪ جي حصي تي باقاعدي سندن قبضو ٿي ويو. 1998ع کان طالبان جو ملڪ تي مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ -آمريڪا- جي فوجي اداري رپورٽ ڏني ته اسامه -بن- لادن ڪابل جي ڀرسان -آمريڪا- سان وڙهڻ لاءِ هٿياربند ماڻهو وڏي پئماني تي تيار ڪري رهيو آهي. -ترت- سعودي عرب ڄائي اسامه -بن- لادن ڪينيا ۾ آمريڪي خاني تي بمباري ڪرائي ڪافي دهشتگرد پکيڙي نومبر 1995ع ۾ -تنزانيا- جي اداري -افغانستان- جي مٿان معاشي پابنديون مڙهي ڇڏيون. گڏيل قومن جي اداري ڊسمبر 2000ع ۾ طالبان حڪومت تي اڃا گهڻو سختي ڪندي هٿيارن ڏيڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي. سال 2000ع تائين طالبان جو 90 سيڪڙو ملڪ تي مڪمل قبضو ٿي ويو. 2001ع ۾ طالبان شدت پسندن گوتم -ٻڌ- جا ٻه عظيم مجسما باميا ۾ -ٽوڙي- ڇڏيا. جنهن جي سڄي دنيا شديد مذمت ڪئي. اهي مجسما انتها پسند مذهبي اڳواڻن جي چوڻ تي تباهه ڪيا ويا هئا، -جن- عوام کي اهو تاثر ڏنو ته -اسلام- ۾ -بت- پرستيءَ جي منع ٿيل آهي. جڏهن ته -اسلام- ۾ ٻين مذهبن جي مڃيندڙن کي سندن عقيدن تي عمل ڪرڻ جي -آزادي- ڏيڻ جي ڳالهه موجود آهي ۽ سندن عبادتگاهن جو تحفظ به مسلمان حڪومتن جي ذميواري آهي. مجسما ٽوڙڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ -آمريڪا- جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي حملو ڪري ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي تباهه ڪيو ويو. -آمريڪا- -افغانستان- کان اسامه جي -ٻانهن- گهري، -ان- حملي جي اسامه القاعده جي نالي ۾ ذميواري آهي، پر -افغانستان- القاعده جي اڳواڻ اسامه -بن- لادن جي -ٻانهن- ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انڪار تي آمريڪي حڪومت -آڪٽوبر- 2001ع تي طالبان ۽ القاعده تي حملو ڪري ڏنو، -ان- سان گڏ اترين علائقن جي اتحادين ۽ ٻين القاعده مخالف قوتن جي زبردست مدد شروع ڪري ڏني. هوائي حملن کان سواءِ هزارن جي تعداد ۾ فوجي -افغانستان- ۾ داخل ٿي ويا ۽ طالبان جي اڳواڻ ملان عمر ۽ اسامه جي ڳولا شروع ڪري ڏنائون. ڊسمبر 2001ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ۾ -افغانستان- بابت هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ حامد ڪرزئيءَ کي مولانا ربانيءَ جي جاءِ تي صدر مقرر ڪيو ويو. 2002ع جي شروعات ۾ طالبان ۽ القاعده کي زبردست شڪست ڏني وئي، سندن ڪيترائي اڳواڻ مارجي ويا، پر القاعده جي ميمبرن ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. ائين نئين ليڊر شپ به وڌي. آخر 2002ع ۾ گرديز وٽ حقيقي -جنگ- لڳي، جنهن ۾ حڪومتي طاقت نيٽو (NETO) جي طرفان برطانيا، ڪيناڊا ۽ ٻين نيٽو جي ميمبر ملڪن جي هٿ اچي وئي، -جن- پنهنجا فوجي -افغانستان- موڪليا هئا. اصل اها امن جي نالي ۾ -جنگ- هئي. -ان- ۾ انساني همدرديءَ طور ٻين ملڪن به -افغانستان- کي معاشي مدد ڏني. گڏيل قومن جي اداري اندازو لڳايو ته هتي ايتري تباهي ٿي آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ 15 بلين ڊالرن جي لاڳت سان بحاليءَ جو ڪم ٿي ويو. 2002ع ۾ اڳوڻي -بادشاهه- ظاهر شاهه طرفان لويا -جرڳو- ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وري به ڪرزئيءَ کي ٻن سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو. اهي ٻئي سال ڪرزئيءَ لاءِ وڏا صبر آزما ۽ ڪڙي امتحان جا هئا. هڪ ڀيرو ته مٿس -جاني- حملو به ٿيو. 2002ع جي پڇاڙي وارن مهينن ۾ ملڪ کي مڙوئي -ٿورو- گهڻو استحڪام مليو، پر شدت پسندن جا حملا -جاري- رهيا ۽ طالبان هڪ ٻن ضلعن تي قبضو به ڪري ورتو. -آگسٽ- 2003ع ۾ نيٽو ڪابل واري ايراضيءَ ۾ نئون -بين- الاقوامي سيڪيورٽي فورس قائم ڪري ورتو. -جنوري- 2004ع ۾ نئون -آئين- لويا جرڳي وسيلي بنايو ويو، جنهن ۾ صدر جي اختيارن ۾ ڪافي اضافو ڪيو ويو ۽ اقليتن کي حق ڏنا ويا. 2004ع جي شروعاتي مهينن ۾ -آمريڪا- ۽ نيٽو جي ملڪن اعلان ڪيو ته اهي -افغانستان- ۾ فوجي طاقت وڌائي طالبان ۽ القاعده خلاف وڏو آپريشن ڪندا. 2005ع ۾ 9000 فوجي -افغانستان- ۾ نيٽو جي ملڪن موڪليا، طالبان ۽ سندن واسطيدار قوتن تي زبرا حملا ڪيا ويا. ماڻهن جي وڏي تعداد کي -آمريڪا- جي جيل گوانٽانامو ۾ موڪلي مٿن تشدد ڪيو ويو، آمريڪي ساک دنيا ۾ متاثر ٿي. 2005ع جي سيپٽمبر مهيني ۾صوبائي ۽ مرڪزي چونڊيون رٿيون ويون، انهن چونڊن لاءِ -بين- الاقوامي راءِ عامه اها جڙي ته اهي وڏو فراڊ هيون. انهن چونڊن ۾ پهريون دفعو مرڪز توڙي صوبي ۾ عورتون ميمبرن طور چونڊجي آيون. -افغانستان- جي -پاڪستان- سان ڇڪتاڻ 2006ع کان شروع ٿي وئي، جو -افغانستان- الزام هنيو ته افغان بارڊر سان لڳ افغانين جي ڪيمپن ۾ رهندڙ مهاجر -افغانستان- جو امن تباهه ڪري رهيا آهن، -جن- کي بقول سندن هٿيار -پاڪستان- ڏئي ٿو، صدر ڪرزئي اهو به الزام هنيو ته -پاڪستان- جا ڪجهه اڳواڻ ۽ ادارا القاعده سان مليل آهن. 2007ع ۾ پاڪستان، -افغانستان- سان ملندڙ سرحدون -بند- ڪري ڇڏيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جا آثار وڌي ويا، ڇو ته -افغانستان- نيون سرحدون مڃڻ لاءِ تيار نه هو. مئي 2007ع ۾ نيٽو فورسز طالبان جي ڪمانڊر ملا داد -الله- کي ماري وڌو ته طالبان جبلن تي چڙهي ويا ۽ نيٽو فورسز جي خلاف گوريلا -جنگ- باقاعدي شروع ڪئي وئي. انهيءَ جو اثر -پاڪستان- تي ٿيو، جو هتي به خودڪش حملا شروع ٿي ويا، جيڪي اڃا -جاري- آهن. آمريڪي ۽ انهن جا اتحادي تاحال -افغانستان- ۾ آهن.[4]
ملڪ جي انتظامي ورھاستسنواريو
افغانستان 34 صوبن ۾ ورھايل آھي. صوبي کي اتي ولايت چوندا آهن.[5] ھر ولايت جو ھڪ گاديءَ جو هنڌ ۽ گورنر ھوندو آھي. 34 ولايتون وري 400 صوبائي ضلعن ۾ ورھايل آھن. ھر ضلعي جو وري علحده گورنر ھوندو آھي.صوبائي گورنرن جي مقرري ملڪ جو صدر ڪندو آهي جيڪي صوبي م ڪابل جا نمائندا ھوندا آھن ۽ ضلعي گورنرن جي مقرري صوبائي گورنر ڪندو آهي.[6] ھر صوبي جي ھڪ صوبائي ڪائونسل ھوندي آھي جنھن جا رڪن ھر چئن سالن لاء عام ووٽرن ذريعي چونڊجي ايندا آهن. [7]
حوالاسنواريو
- ↑ 1.0 1.1 1.2 "Afghanistan". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 1 October 2017.
- ↑ "Gini Index". World Bank. وقت 11 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 March 2011.
- ↑ "2015 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. صفحو. 18. حاصل ڪيل 14 December 2015.
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=افغانستان
- ↑ "Afghanistan Provinces". Ariana News. حاصل ڪيل 4 July 2019.
- ↑ Ahmed, Azam (8 December 2012). "For Afghan Officials, Prospect of Death Comes With Territory". The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2012/12/09/world/asia/for-afghan-officials-prospect-of-death-comes-with-territory.html.
- ↑ "Explaining Elections, Independent Election Commission of Afghanistan". Iec.org.af. وقت 27 August 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2012.
سارڪ | |
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سريلنڪا | نيپال | مالديپ |
افغانستان جي 34 صوبن يا ولايتن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت | صوبو/ولايت |
---|---|---|---|
1. بدخشان صوبو | 2. بادغيس صوبو | 3. بغلان صوبو | 4. بلخ صوبو |
5. باميان صوبو | 6.دايڪندي صوبو | 7. فرا صوبو | 8. فارياب صوبو |
9. غزني صوبو | 10. غور صوبو | 11. ھيلمند صوبو | 12. ھرات صوبو |
13. جوزجان صوبو | 14. ڪابل صوبو | 15. قنڌار صوبو | 16. ڪاپيسا صوبو |
17. خوست صوبو | 18. ڪونر صوبو | 19. قندوز صوبو | 20. لغمان صوبو |
21. لوگر صوبو | 22. ننگرھار صوبو | 23. نيمروز صوبو | 24نورستان صوبو |
25.اروزگان صوبو | 26. پڪتيا صوبو | 27.پڪتيڪا صوبو | 28.پنجشير صوبو |
29. پروان صوبو | 30.سمنگان صوبو | 31. سرپل صوبو | 32. تخار صوبو |
33. ميدان وردڪ صوبو | 34. زابل صوبو |
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |