2022ع سنڌي—افغان مھاڏو
12 جولاءِ تي حيدرآباد ۾ افغان هوٽل مالڪ طرفان سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پرتشدد واقعا شروع ٿي ويا. [1] سنڌ جي مختلف شھرن مان ماڻهن غير قانوني افغان مھاجرن جي دڪانن تي چڙهائي ڪري کين ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. بعد ۾ ماڻهن سوشل ميڊيا تي #JusticeForBilalKaka هيش ٽيگ هلائي مقتول لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين ۽ پختونن سنڌين کي بلوچستان وڃڻ کان روڪيو ۽ کين زبردستي عوامي بسن ۽ وينن مان ڪڍي ڇڏيو. هنن 14 جولاءِ تي ايم 9 موٽر وي تي چڙهائي ڪري گاڏين کي نقصان پهچايو ۽ کين باھ ڏئي ڇڏي. [2] پشتونن ٽوئيٽر تي هيش ٽيگ #پشتون_کوجينےدیں (پشتون کي جيئڻ ڏيو) پڻ هلايو.
پس منظر
سنواريوسوويت يونين خلاف افغان جھاد کان پوءِ لکين افغان پناهگير پاڪستان ۾ اچي آباد ٿيا. انھن مان ڪيترائي ڪڏهن بہ پنھنجي ملڪ واپس نہ ويا. مبينا طور تي اهي ماڻهو ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جي سمگلنگ پاڪستان ۾ کڻي آيا جنھن ملڪ ۾ انتھاپسندي ۽ فرقيواريت کي جنم ڏنو. انھن پناهگيرن جو تعداد 9/11 جي واقعي ۽ افغانستان ۾ دهشت گردي خلاف جنگ کان پوءِ وڌي ويو. سنڌ جا ماڻهو ان وڌندڙ آمد و رفت تي پريشان ٿي ويا ۽ سنڌ ۾ مھاجرن جي وڌيڪ اچڻ خلاف احتجاج ڪيو. [3] فيبروري 2019ع ۾، قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي ڪراچيءَ ۾ پشتون نسل رحيم شاھ هٿان قتل ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ افغانين خلاف احتجاج شروع ٿي ويو. [4] ان کان پوءِ جولاءِ 2021ع ۾ سنڌي ڳائڻي شمن علي ميرالي جي ڀائٽي کي پشتونن پاران ڪراچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنھن تي بہ سنڌين ۾ ڪاوڙ وڌي وئي. [5]
- ↑ "Restaurant owner kills youth". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2022-07-15.
- ↑ "قوم پرست جماعت کے کارکن بلال کاکا کا قتل: حیدرآباد کے بعد کراچی میں بھی لسانی کشیدگی، ہنگامہ آرائی" (ur ۾). BBC News اردو. https://www.bbc.com/urdu/pakistan-62168499.
- ↑ "No more Afghan refugees: MPAs". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2022-07-15.
- ↑ "Main accused in Sindhi nationalist leader’s murder arrested". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2022-07-15.
- ↑ "Sindh CM, PPP leaders patronising land grabbers: Haleem Adil Sheikh". Latest News - The Nation. حاصل ڪيل 2022-07-15.