آخوند الهه بچايو
آخوند الهه بچايو ولد آخوند غلام علي، 14 جولاءِ 1919ء ڌاري ڳوٺ مٽياريءَ ۾ ڄائو، سندس تعلق صديقي خاندان سان هو. سندس وڏا گهڻو وقت اڳ مغلن سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. ٻن ڀائرن مان هڪ درس تدريس جي عمل سان واڳيل رهيو، هڪ مدرسو قائم ڪيائين، جنهنڪري اهي آخوند سڏجڻ لڳا. آخوند الهه بچايو اڃان پنجن سالن جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن معصوم جي پالنا ۽ پڙهائيءَ جي فرض ادائي سندس امڙ ۽ مامي محمدصديق سنڀالي. چار درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ آخوند الهه بچائي کي انگريزي پڙهڻ لاءِ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ وڃڻو پيو. بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي امتحان لاءِ تياري ڪيائين پنهنجي پڙهائيءَ ۽ رهائش جي خرچ لاءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستريءَ جي ملازمت اختيار ڪيائين. 1940ء ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري، حيدرآباد ۾ اچي وڪالت شروع ڪيائين، ۽ ان سان گڏ سماجي خدمتن ۾ به بهرو وٺندو رهيو. حيدرآباد ۾ مسلم هاءِ اسڪول قائم ڪيائين. جلد ئي وڪالت ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. حيدرآباد لا ڪاليج جو ڪجهه عرصو پرنسپال به رهيو ۽ سنڌ جي مشهور قانوندانن ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو. 1943ء ڌاري علامه دائودپوٽي جي وڏيءَ نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. 1966ء ۾ آخوند الهه بچايي کي اولهه پاڪستان ۾ قانون واري وزارت ۾ وزير طور کنيو ويو. آخوند الهه بچايي جي وفات 1972ء ۾، روڊ جي هڪ دردناڪ حادثي ۾ ٿي، کيس مٽيارين جي آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت سنڌ، آخوند عبدالحميد سندس فرزند آهي.[1]