مک مينيو کوليو

محمد ايوب کھڙو

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پاڪستان جو اڳوڻو دفاع جو وزير

محمد ايوب کھڙو (انگريزي: Muhammad Ayub Khuhro ) سنڌ جو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاهه محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين.[1].هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ پڙهي، سيڪنڊري تعليم لاءِ لاڙڪاڻي جي واحد انگريزي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان ڇهه درجا پاس ڪري پوءِ سنڌ ۾ مئٽرڪ لاءِ اهل حيثيت صاحبن جي اولاد لاءِ واحد اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتان اٽڪل 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ دخلا ورتائين. پاڻ اڃان ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو ته سندس والد ميان شاهه محمد 1920ع ۾ وفات ڪئي. نيٺ کهڙو صاحب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي. گهر ۾ وڏي پٽ هئڻ سبب پنهنجي والد جي ڇڏيل زمينداري سنڀالڻ شروع ڪئي. جڏهن محمد ايوب کهڙو صاحب ڪٽنب ۽ جائداد جي ذميواري سنڀالي. ان وقت سندس عمر صرف 19 سال هئي.[2].

محمد ايوب کهڙو
خانبهادر
وزير اعلي سنڌ
ذاتي تفصيل
پيدائش 14 آگسٽ 1901
ڳوٺ عاقل ، لاڙڪاڻو ضلعو، برٽش انڊيا
وفات 20 آڪٽوبر 1980
سياسي جماعت آل انڊيا مسلم ليگ، پاڪستان مسلم ليگ،

خاندانسنواريو

سندس والد وڏيرو ميان شاهه محمد خان کهڙو لاڙڪاڻي تعلقي جي عاقل ڳوٺ جو ويٺل هو، جنهن پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاريءَ ۽ سٺي انتظام ذريعي زمينداري وڌائي ۽ سڌاري، چڱو پيسو ورثي ۾ ڇڏيو. زميندار طبقي وٽ، باوجود وڏين ملڪيتن ۽ گهڻي پيدائش جي به پيسي جي اڪثر بچت ڪانه رهندي آهي. ليڪن ميان شاهه محمد جهڙا ڇٽا زميندار ملن ٿا، جي ملڪيت به وڌائين ۽ پوين لاءِ پئسو به ڇڏي وڃن. ميان شاهه محمد 2 شاديون ڪيون هيون جن مان چار فرزند ٿيس: (1) ميان محمد ايوب(2) حاجي محمد مراد خان، (3) محمد نواز خان ۽ (4) ميان علي گوهر خان.[3] ميان شاهه محمد کهڙي کي ٻه زالون هيون، جن مان چار پٽ هيس پهريون پٽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حاجي محمد مراد، ميان محمد نواز ۽ ميان علي گوهر کهڙو شامل آهن[2]

سياسي زندگيسنواريو

پاڪستان جي قيام کان اڳسنواريو

سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو.[2]خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا.[2]. هو 1926ع کان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو، ڪو آپريٽو تحريڪ ۾ خان بهادر عظيم سان گڏ چڱو بهرو ورتائين. 1928ع ۾ پنهنجي ضلعي ۾ زمينداري بئنڪ کولائي، ان جو چيئرمين ٿيو: جنهن تي اڃان تائين چونڊيو اچي. هي گهڻي وقت تائين اسان سان پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهندو آيو. "سنڌ زميندار" اخبار، سکر جو هي مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو، آغا نظر علي ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي ان جا ايڊيٽر ٿي رهيا.[3].سال 1928ع ۾ سنڌ زمينداري بئنڪ لاڙڪاڻو قائم ڪئي وئي. جنهن جو کهڙو صاحب اٽڪل چاليهه سالن تائين چيئرمين هيو. هي بينڪ به زميندارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيندي هئي. هڪ وقت اهڙو به هيو ته هر ٻيو زميندار ۽ وڏيرو سنڌ زميندار بينڪ جو قرضي هوندو هيو. بينڪ جي عاليشان بلڊنگ پير قائم شاهه بخاري جي سامهون هوندي هئي. جنهن کي هاڻي ڊاهي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ بڻايو وڃي پيو. خانبهادر سکر مان سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ پڻ جاري ڪئي جنهن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کهڙو صاحب پاڻ هيو. جڏهن ته اخبار جو ايڊيٽر آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي هيا. هن اخبار ۾ معروف محقق پير حسام الدين راشدي به گهڻي عرصي تائين ڪم ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ نڪرندڙ ڪل ٻه سنڌي مسلمانن جي ترجمان سنڌي اخبارون هيون. هڪ ”الوحيد“ ۽ ٻي اخبار ”سنڌ زميندار“ هئي.[2].هيءُ گهڻي وقت تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر ٿي رهندو آيو سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ ڪاليج بورڊ جو پڻ ڪيتري وقت تائين ميمبر چونڊيو آيو. بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي سيليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين. انهي عرصي ۾ سٺي تقرير ڪرڻ سکي ويو جنهن ڪري هي هوشيار پارليامينٽرين شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي بمبئي کان جدائي بابت جڏهن تحريڪ شروع ٿي، ته هن ان لاءِ هڪ ڪتاب"اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ" لکائي، ڇپائي ورهائي علي محمد شاهه راشديءَ جهڙو هوشيار ڪارڪن هن جو ڪيترو وقت سيڪريٽري ٿي رهيو.[3] 1929ع ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانس انڪوائري ڪميشن اڳيان ڀرپور دليل پيش ڪيا. جولائي 1933ع ۾ کهڙي صاحب مسئلن کي نبيرڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم ايف، ايل، برائين جي سربراهي ۾ سڏايل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بمبئي سرڪار جي ڏاڍاين جا ثبوت پيش ڪيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحده صوبي لاءِ 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت آرڊر نڪتو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پهرين اپريل 1936ع تي جڏهن سنڌ هڪ آزاد صوبي جي حيثيت ماڻي پوءِ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي جنهن ۾ کهڙي صاحب کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال 1936ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان لاءِ 60 سيٽن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻن وڏين ڌرين يا گروپن جو پاڻ ۾ سياسي دنگل ٿيو. 31آڪٽومبر 1936ع تي ٻن اتحادن جو وجود عمل ۾ آيو هڪ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون ۽ محترم جي ايم سيد خاص اڳواڻ هيا. هن جماعت جو پروگرام سنڌ ۾ رهندڙ تمام مذهبن ۽ قومن وچ ۾ ڀائيچارو پئدا ڪرڻ هيو. ٻي ”مسلم ڪانفرنس“ هئي جنهن جا اڳواڻ سر غلام حسين هدايت اللہ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو هيا. هن جماعت جو پروگرام سڌو سنئون مسلمانن جي حاڪميت ۽ حقن جي ڳالهه کان علاوه هندو مخالفت هئي.[2]. 1923ع ۾ -بمبئي- ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1928ع ۾ سندس ملاقات محمد علي جناح سان سکر ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ -ايوب کهڙو- سائمن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ يادداشت نامو پيش ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ، -بمبئي- پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ -ايوب کهڙو- 1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو.[1]1939ع ۾ خانبهادر مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر چونڊيو جنهن تي مسلسل 1942ع تائين فائز رهيو. هو سندس سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ باني اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو.[2] .مسلم ليگ طرفان جڏهن منزل گاهه مسجد واپس وٺن جي هلچل شروع ٿي ته ان ۾ مکيه بهرو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس سندس ڳوٺ عاقل ۾ ڪجهه وقت لاءِ نظر بند ڪيو ويو هو. مارچ 1940ع ۾ الهه بخش وزارت کي شڪست اچڻ بعد مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. ان ۾ هيءُ اسان سان گڏ وزير هو. مسجد جي واپس ڏيارڻ جي ڪميٽيءَ اڳيان ثابتين پيش ڪرائڻ ۽ فسادن جي وقت ۾ ناحق ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي آزادي لاءِ هن سڀني کان زياده دلچسپي ورتي.[3].27 اپريل 1942ع تي سر حاجي عبدالله هارون جي وفات بعد يوسف هارون کي ان جي جاءِ تي چونڊائڻ ۾، هن گهڻي سر جوشي ڏيکاري. آخر(خان بهادر) الهه بخش مرحوم ڀاءُ کي هٿ کڻائي يوسف کي بنا مقابلي اسيمبلي ۾ وڃڻ ڏنو.[3].جولاءِ 1942ع ۾ هي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي تي نامزد ٿيو مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي بمبئي ۾ آگسٽ 1942ع ۾ ڪٺي ٿي. ان ۾ هن ۽ مون ٻين مکيه مسلم ليگ ڪارڪنن سان گڏ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سمجهوتي لاءِ ڪوشش ڪئي پر جناح صاحب ان تجويز کي قبول نه ڪيو. سيپٽمبر 1942ع ۾ مرحوم الهه بخش برٽش سرڪار طرفان آزاديءَ لاءِ لڙندڙ ماڻهن تي ٿيندڙ سختي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجا لقب واپس ڪيا، جنهن تي گورنر هن جي وزارت کي ڊسمس ڪري سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو جنهن کان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو وٺي هيءُ ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر وزارت ۾ شريڪ ٿيا.[3]. 1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي.[1]،26 سيپٽمبر 1944ع تي کهڙي صاحب کي ان جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. ڪيس يارنهن مهينا کن هليو ۽ خان بهادر ڪيس مان 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ٿيو. ماڻهن طرفان وڏي آڌر ڀاءُ مليس. آڪٽوبر 1945ع ڌاري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جا اختلاف پيدا ٿيا. 21 جنوري 1946ع تي نيون چونڊون ٿيون. ان بعد گورنر سر غلام حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. ان وزارت ۾ وري خان بهادر کي وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي سپليمينٽري گرانٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي، ليڪن وزارت کي ميجارٽي نه ٿي جنهن گورنر کي اسيمبلي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ان تي گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو. نيون چونڊون 9 ڊسمبر 1946ع تي ٿيون.[3] .

پاڪستان جي قيام کان پوءِسنواريو

قيام پاڪستان کان پوءِ غلام حسين هدايت -الله- سنڌ جو پهريون گورنر ۽ -ايوب کهڙو- پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا -ائڪٽ- هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو..[1] جي ايم سيد ان واقعي جو تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:6 جنوري 1948ع تي ڪراچي شهر ۾ هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ٿي، جنهن ۾ هن نهايت دليري سان ان تي قبضو ڪري ورتو. ان ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ ٿيون ان ۽ ٻين ڳالهين تان نوابزاده لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان ۽ هن جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي پئي. سگهوئي ڪراچي شهر کي سنڌ کان عليحده ڪري مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکڻ جي تجويز رٿي ويئي، جنهن جي هن مخالفت ڪئي. ان سموري ڪارروائي لاءِ مرڪزي سرڪار هن کي جوابدار ٺهرائي هن کي اپريل 1948ع ۾ ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعظم مقرر ڪيو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري ان کان پوءِ کهڙي صاحب کي هيسائڻ لاءِ مٿس پروڊا هيٺ ڪيس هلائي هن کي سياست کان خارج ڪيو ويو. ان کان سواءِ مٿس هڪ ڪيس ڪرائي کيس سزا ڏني ويئي جنهن مان پوءِ هيءُ آزاد ٿيو ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت وزارت کان ٻاهر رهيو .[3] ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن ته مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمه جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو.[1].آڪٽومبر 1955ع جي آخر ۾ ون يونٽ قائم ٿيو جنهن ۾ کهڙو صاهب وزير مقرر ٿيو. جڏهن مسلم ليگ ٽٽي وئي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي حڪومت وجود ۾ آئي ته کهڙو صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ 1956ع کان 1957ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ سرڪار وٽ موجود 22 ڪروڙ رپيا ناڻو به وفاق حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اسيمبلي جي جدا حيثيت به ختم ٿي وئي هئي. [2] 1958ع جي آغاز ۾ سر فيروز خان نون مرڪز ۾ وزارت ٺاهي ۽ کهڙي صاحب کي وزير دفاع مقرر ڪيو پر وري 7 ۽ 8 آڪٽومبر 1958ع واري رات جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳايو ۽ 14 آڪٽومبر 1958ع تي وزير دفاع خانبهادر کهڙي کي گرفتار ڪري سي ڪلاس جيل ۾ داخل ڪيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو ته هن هڪ مرسڊيز ڪار جي پرمٽ وڪڻي پنج هزار رپيا ڪمايا. ان ڪيس ۾ کيس ٻه سال سزا ملي.[2]. 1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. -ان- کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو .محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، -ان- ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهه اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي به روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميده کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي.[1]. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي -تاريخ- جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي[1]جي ايم سيد لکيو آهي ته:مارچ 1951ع ۾ وري هي سنڌ جو چيف منسٽر ٿي ڪم هلائڻ لڳو، انهيءَ عرصي ۾ هن ۽ سندس طرفدار وزير قاضي فضل الله ضمني چونڊن جي دور ۾ نامناسب قدم کنيا جنهن ڪري ملڪ ۾ ڪافي چميگويون اٿيون. دادو ۾ پير الاهي بخش جي ڊسڪواليفاءِ ٿيڻ ڪري ضمني چونڊ ۾ آخوند شفيع محمد کي کهڙي صاحب جي سالي ميان عبداللطيف پنوهر جي سامهون بيهڻ کان منع ڪئي ويئي هن سندن چيو نه مڃيو ته کيس راتو واهه جيل ۾ موڪليو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀرڻ پئي ويو ته ڪليڪٽر جي دروازي وٽان کيس گرفتار ڪري لاري ۾ پوليس کان کڻائي وڃي ويهه ميلن جي مفاصلي تي کيس ڇڏيو ويو. پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هوندي سول سرجن کان سرٽيفڪيٽ وٺرائي نابالغ قرار ڏنو ويو. مسٽر تاج محمد صحرائيءَ جو فارم رد ڪرائي ميان عبداللطيف کي بنا مخالفت جي، ميمبر ٿيڻ جو اعلان ضلعي جي ڪليڪٽر هٿان ڪرايو ويو ان کان پوءِ لاڙڪاڻي طرف مير محمد خان چانڊيي جي وفاتيءَ ڪري خالي ٿيل اسيمبليءَ جي تڪ مان ان جي نابالغ فرزند سلطان احمد کي بالغ قرار ڏياري ميان حيدر بخش جتوئي اميدوار جي هاري ورڪرن کي مارون ڏياري موٽر جا ٽائر ڦاڙائي چونڊايائين.[3].

اولادسنواريو

هن کي چار فرزند آهن:(1) شاهه محمد، جيڪو زمينداري ڌنڌي ۾ رڌل رھيو. (2) شاهه زمان ايل. ايل. بي پڙهيو. (3) مسعود احمد آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهيو. ۽ (4) خالد محمود، جنهن بي اي آنرس پاس ڪئي.[3].کيس اولاد ۾ شاهه محمد پاشا کهڙو، شاهه زمان، مسعود احمد ۽ خالد محمود پٽ آهن. سندس نياڻي محترمه رشيده کهڙو قومي اسيمبلي ميمبر رهي.[2]


وفاتسنواريو

پاڻ روزن واري عيد جي رات 9 وڳي تاريخ 20 آڪٽومبر 1980ع تي انتقال ڪري ويو. انتقال وقت سندس عمر 79 سال هئي.[2].

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 الهه بخش سومرو شهيد : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 3.9 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005