برايوني ڪانفرنس

برايوني ڪانفرنس (Brioni Conference) عالمي طاقتن جي دٻاءَ کان وانجهيل ٽين دنيا جي آزاد قومن جي هيءَ ڪانفرنس يوگو سلاويا جي ٻيٽ برايوني ۾ 18-19 جولاءِ 1955ع تي ٿي، جنهن ۾ ڀارتي وزيراعظم جواهر لعل نهرو (Jawaharlal Nehru)، مصر جي صدر جمال عبدالناصر ۽ يوگو سلاويا جي صدر مارشل ٽيٽو شرڪت ڪئي . اِن ڪانفرنس جو وڏو مقصد اڻ- ڌري تحريڪ جي تصور يا خيال کي اڳتي وڌائڻ، بنڊونگ (انڊونيشيا) ۾ اڻ ڌُري تحريڪ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيل فيصلن جي حمايت ڪرڻ ۽ اڻ- ڌُرين قومن جي طرفان مستقبل (ايندڙ وقت) ۾ سهڪار لاءِ رٿابنديءَ بابت ويچار ڪرڻ هو.[1]

حوالا سنواريو