سوويت يونين

سال 1922کان1991 يورپ ۽ ايشيا ۾ ملڪ

سوويت يونين (سوويت اتحاد) روسي سوشلسٽ رياستن جو مجموعو (مختصر USSR) جنهن کي عام طور سوويت يونين جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. هي آئيني لحاظ کان اشتراڪي رياست هُئي جيڪا يوريشيا ۾ 1922 کان 1991 تائين قائم رهي.[8] هينئر ان کي عام طور روس (Russia) پڻ چيو ويندو آهي، جيڪو درست ناهي. روس يعني رشيا ان اتحاد (يونين) جي رياستن منجهان سڀ کان وڌيڪ سگهاري (طاقتور) رياست جو نالو آهي. سال 1945 کان وٺي سال 1991 تائين ان کي آمريڪا سان ڀيٽ ۾ دنيا جي هڪ عظيم طاقت ( سُپر پاور Super Power) مڃيو ويندو هيو. سوويت يونين دور ۾ معاشي ترقي جي نتيجي ۾ معياري زندگي خاص ڪري شهري علائقن ۾ بهتري آئي.[9]

Union of Soviet Socialist Republics
  • Сою́з Сове́тских Социалисти́ческих Респу́блик
    Soyúz Sovétskikh Sotsialistícheskikh Respúblik
Life span?
جهنڊو (1955–1991) نشاني (1956–1991)
شعار

Пролетарии всех стран, соединяйтесь!
("Workers of the world, unite!")
ترانو
1945–کان–91 ۾ سوويت يونين
گادي جو هنڌ ماسڪو
مذهب سيڪيولر رياست (ڊي جيور)[1][2]


ناستڪي رياست (ڊي فيڪٽو)

حڪومت
اڳواڻ
 - 1922–1924 لينن
 - 1924–1953 اسٽالن
 - 1953 جورجي مالينڪوف
 - 1953–1964 نڪتيا خروشچيف
 - 1964–1982 ليونڊ بريزنيف
 - 1982–1984 يوري اندروپوف
رياست جا سربراهه
 - 1922–1938 ميخائل ڪلينن (پهريائين)
 - 1988–1991 ميخائل گورباچوف (آخري)
هيڊ آف گورنمينٽ
 - 1922–1924 ولاديمير لينن (پهريائين)
 - 1991 اوان سليئف (آخري)
مقننه ڪانگريس آف سوويئتس
(1922–1938)
سپريم سوويت
(1938–1991)
 - ايوان بالا سوويت آف نيشنلٽيز
 - ايوان زيرين سوويت آف دَ يونين
تاريخي دور 20هين صدي
 - يو ايس ايس آر ٺاهڻ جو معاهد تي دستخط ڊسمبر 30، 1922 Enter start year
 - جرمن
چڙهائي
جون 22، 1941
 - ٻئي مهاڀاري جنگ
سوڀَ
مئي 9، 1945
 - ايڊمٽيڊ
ڏانهن يو اين
آڪٽوبر 24، 1945
 - آخري آئين
هنج ورتل
آڪٽوبر 9، 1977
 - اثرائتو
معاهدو (اڪارڊز)
ڊسمبر 26، 1991 Enter end year
سڪو سوويت روبل (руб)
بلند ترين اسمِ ساحو .su[1]
ڪالنگ ڪوڊ نوٽ ++7
جانشين
پيشرو
بخاران پيپلز سوشلسٽ ريپبلڪ
بيلاروسي سوويت اشتراڪي جمهوريا
اسٽونيا
فن لينڊ
خوارزم پي ايس آر
رومانيا جي بادشاهت
لاتويا
لٿووينيا
روسي سوويت وفاقي اشتراڪي جهموريا
سيڪنڊ پولش ريپبلڪ
آرپار قفقازي اشتراڪي وفاقي سوويت جمهوريا
تووائي عوامي جمهوريا
يوڪرينين سوويت سوشلسٽ جمهوريت
آرمينيا
آذربائيجان
بيلاروس
ايسٽونيا
جارجيا (ملڪ)
قزاقستان
ڪرغزستان
لاتويا
ليٿووينيا
مالڊووا
روس
تاجڪستان
ترڪمانستان
يوڪرائن
ازبڪستان
Notes
  1. ^ Declaration № 142-Н of the Soviet of the Republics of the Supreme Soviet of the Soviet Union, formally establishing the dissolution of the Soviet Union as a state and subject of international law. سانچو:In lang
  2. ^ Original lyrics used from 1944 to 1956. No lyrics from 1956 to 1977. Revised lyrics from 1977 to 1991.
  3. ^ All-union official since 1990, constituent republics had the right to declare their own official languages.
  4. ^ Assigned on 19 September 1990, existing onwards.
Warning: Value not specified for "continent"


خُلاصوسنواريو

سوويت اتحاد کي سال 1917 جي روسي انقلاب دوران ٺهندڙ رياستي علائقن ۾ قائم ڪيو ويو. وقت سان گڏوگڏ ان جون جاگرافيائي سرحدون مٽجنديون (تبديل ٿينديون) رهيون آهن، پر آخري وڏي ٽوڙڦوڙ (ٽُٽڻَ) کانپوءِ، جيڪو بالٽڪ رياستون، اُڀرندو پولينڊ، اوڀر يورپ جو ڪُجھ حصو ۽ ڪُجھ ٻين رياستن جي واڌاري (اضافي) ۽ فن لينڊ ۽ پولينڊ جي عليحدگيءَ کانپوءِ سال 1945 کان وٺِي انت (ڇيهه ٿيڻ، خاتمي) تائين شاهي دور واري روس جهڙي ئي رهي.

سوويت يونين واري دور ۾ دنيا اندر ٻِه قُطبي سرشتو يا باءِ پولر سسٽم هيو، جيڪو سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ يگانو قُطبي سرشتو (يوني پولر) بڻجي ويو ۽ آمريڪا جي سموري دنيا ۾ هڪ هٽي قائم ٿي وئي.

سوويت حڪومت ۽ سياسي تنظيمن جي نگراني ۽ سارَسنڀالَ جو ڪم ڏيهه (مُلڪ) جي اڪيلي سياسي جماعت (پارٽي)، سوويت اتحاد جي ڪميونسٽ پارٽي وٽ هيو.

سال 1956 تائين سوويت سوشلسٽ رياستن جو تعداد چار کان وڌي پندرنهن ٿي ويو، سوويت يونين ۾ شامل ٿيندڙ اُهي سموريون رياستون هيٺئين ريت آهن.

  1. آرمينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  2. آذربائيجان سوويت اشتراڪي جمهوريا
  3. بيلاروسي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  4. استونيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  5. جارجيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  6. قازق سوويت اشتراڪي جمهوريا
  7. ڪرگيز سوويت اشتراڪي جمهوريا
  8. ليٽويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  9. ليٿوينيائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  10. مالدويائي سوويت اشتراڪي جمهوريا
  11. روسي سوويت وفاقي اشتراڪي جمهوريا
  12. تاجڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا
  13. ترڪمان سوويت اشتراڪي جمهوريا
  14. يوڪريني سوويت اشتراڪي جمهوريا
  15. ازبڪ سوويت اشتراڪي جمهوريا

سال 1991 ۾ سوويت يونين (سوويت اتحاد) جو اَنتُ (خاتمو) ٿي ويو ۽ انکانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل سموريون رياستون آزاد ٿي ويون. انهين منجهان يارنهن رياستن ملي ڪري هڪ ننڍڙو ڪنفيڊريشن وفاق (Confederation) ٺاهيو آهي جنهن کي "آزاد رياستن جي گڏيل دولت" (ڪامن ويلٿ) سڏيو وڃِي ٿو. ترڪمانستان جيڪو پهرئين ان گڏيل دولت (ڪامن ويلٿ) جو باقاعدي رڪن هُيو، اُهو هاڻي شريڪ رڪن (ميمبر) جو درجو رکھي ٿو. ٽن بالٽڪ رياستن يعني اسٽونيا، لٽويا ۽ لٿووينيا ان ڪامن ويلٿ بدران سال 2004 ۾ يورپي اتحاد ۽ نيٽو(ناٽو) ۾ شموليت اختيار ڪئي. روس ۽ بيلاروس هاڻي اتحاد روس ۽ بيلاروس سان تعلق رکن ٿا.

اتهاسسنواريو

سانچو:مارڪسيت ۽ ليننيت سوويت اتحاد کي روسي بادشاهت کانپوءِ جُڙندڙ شڪل چيو وڃي ٿو. آخري روسي زار بادشاهہ، نڪولس ٻيون مارچ 1917 تائين حڪومت ڪئي ۽ اڳئين سال سندس خاندان سميت کيس ماريو ويو.

سوويت اتحاد ڊسمبر 1922 ۾ جُڙيو. ان ۾ روس (بالشويڪ رشيا)، يوڪرائن، بيلارس، جارجيا، آرمينيا ۽ آذربائيجان (انهن ٽِن رياستن کي مٿانهين قفقاز (ڪوهہ ڪاف يا ڪاڪاشش) واريون رياستون پڻ سڏيو ويندو آهي) شامل هيون ۽ انهن تي بالشويڪ پارٽيءَ جي سرڪاري راڄُ (حڪومت) هيو.

روسي بادشاهت جي اندر جديد انقلابي تحريڪ سال 1825 جي ڊسمبر واري بغاوت سان شروع ٿي. سال1905 جي انقلاب کانپوءِ سال 1906 ۾ روسي پارليامينٽ ڊوما قائم ٿي، پَر مُلڪ جي اندر سياسي ۽ سماجي گهٽ جٽاداري (عدم استحڪام) موجود رهي ۽ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ڏيوالپڻو (ناڪامي، شڪست) ۽ کاڌخوراڪ اوڻائي (قلت) جي سبب هي وڌيڪ سگهارو ٿيو.

جاگرافيسنواريو

22٬402٬200 ڪلوميٽرزچورس (8٬649٬500 sq mi) پکيڙ جي علائقي سان، سوويت يونين دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ هيو، جيڪو درجو هاڻي روسي فيڊريشن برقرار رکيو آهي.[10]

سوويت اتحاد يورپ کنڊَ جي اُڀرندي ۽ ايشيا کنڊَ جي اُترئين حصي تي قبضو ڪيو هيو. ملڪ جو گهڻو ئي حصو پنجاه ڊگري اُترئين ملڪ جي ڊيگهه کان مَٿي آهي ۽ ان جي ڪُل پکيڙ (ايراضي) 22402200 چورس ڪلوميٽر يا 8649500 چورس ميل آهي. ايڏي وڏي ايراضي جي سبب ان جي موسم نيم خط استوائي (Semi Equatorial) کان وٺي سرد، نيم برفاني کان وٺي برفاني مُند (موسم) تائين پکڙيل آهي. 11 سيڪڙو زمين زراعت لائق هُئي، 16 سيڪڙو گاھ جو ميدان ۽ چراگاهون (گاهه جو ميدان) هيون، 41 سيڪڙو جهنگ ۽ ٻيلا هيا ۽ 32 سيڪڙو ڀاڱو (حصو) ٻئي قسمن جو هيو، جنهن ۾ ٽنڊرا جو حصو پڻ شامل آهي.

سوويت اتحاد جي ويڪراڻ (ويڪر) 10000 ڪلوميٽر يعني 6200 ميل هئي، جيڪا لينن گراڊ کان وٺي راتمانوا تائين پکڙيل هُئي. ان جي ڊيگهه تقريبن 5000 ڪلوميٽر يعني 3100 ميل هئي. ان جو گهڻوتڻو حصو کهرو(کڙٻڙ) ۽ ڏاڍو ڏکيو (مشڪل) هيو. پوري آمريڪا ان جي هڪ حصي جي اندر سمائجي سگهجي پئي.

ثقافتسنواريو

سوويت يونين جي ثقافت يو ايس ايس آر جي 70 سال دور ۾ ڪيترن ئي مرحلن منجهان گزري آهي. روسي انقلاب کانپوءِ پهرئين يارنهن سال تائين ماڻهن کي نسبتن آزادي حاصل رهي ۽ مصورن مصوري ۾ انيڪ نئين روسي نواڻِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت مختلف لاڙن (رجحان، ٽرينڊ) کي سلطنت جي لاءِ خطرو هيو، سي برداشت ڪيا. فن ۽ ادب ۾ ڪيترائي مختلف ذهنيت جا ماڻهو لنگهي آيا ۽ انهن نوان تجربا ڪيا. ڪميونسٽ ليکڪن جهڙوڪ ميڪسم گورڪي ۽ ولاديمير ماواڪوشوف ان دوران گهڻا نمايان رهيا. فلم، جيڪا معاشري تي وڏو ڇڏيندي آهي، تنهن کي حڪومت طرفان وڏي همٿائي (حوصلہ افزائي) ملي ۽ سرگئي آئنسٽائن جو ڪيترو ئي ڪم انهيءَ دوران تخليق ٿيو.

انکانپوءِ جوزف سٽالن جي دور ۾، سوويت ثقافت کي حڪومت جي بيان ڪيل حدن وسيلي نافذ ڪيو ويو. هر طرح جي اثرن کي سختي سان روڪيو ويو. ڪيترن ئي ليکڪن کي جيل وِڌو ويو يا ماريو ويو.

قائم ٿيڻ کان زواليتسنواريو

وڌيڪ ڏسوسنواريو

حوالاسنواريو

  1. "ARTICLE 124.". وقت 2 January 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Article 52.". وقت 16 February 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 February 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Historical Dictionary of Socialism. James C. Docherty, Peter Lamb. Page 85. "The Soviet Union was a one-party Marxist-Leninist state".
  4. Ideology, Interests, and Identity آرڪائيو ڪيا ويا 21 July 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Stephen H. Hanson. Page 14. "the USSR was officially a Marxist-Leninist state".
  5. The Fine Line between the Enforcement of Human Rights Agreements and the Violation of National Sovereignty: The Case of Soviet Dissidents آرڪائيو ڪيا ويا 8 August 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Jennifer Noe Pahre. p. 336. "[...] the Soviet Union, as a Marxist-Leninist state [...]". p. 348. "The Soviet Union is a Marxist–Leninist state".
  6. Leninist National Policy: Solution to the "National Question"? آرڪائيو ڪيا ويا 8 August 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Walker Connor. Page 31. "[...] four Marxist-Leninist states (the Soviet Union, China, Czechoslovakia and Yugoslavia)[...]".
  7. "Law of the USSR of March 14, 1990 N 1360-I 'On the establishment of the office of the President of the USSR and the making of changes and additions to the Constitution (Basic Law) of the USSR'". Garant.ru. وقت 13 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 July 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Television documentary from CC&C Ideacom Production,"Apocalypse Never-Ending War 1918–1926", part 2, aired at Danish DR K at 22.October 2018
  9. "Reassessing the Standard of Living in the Soviet Union: An Analysis Using Archival and Anthropometric Data". Williams College. July 2008. 
  10. Russia – Encyclopædia Britannica آرڪائيو ڪيا ويا 26 April 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Britannica.com (27 April 2010). Retrieved on 29 July 2013.

سانچو:سوويت يونين رياستون سانچو:سرد جنگ

سانچو:ضياءَ الحق حڪومت
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو، يا پوءِ بند </ref> کٽل آھي