سولومن آئلينڊز
سولومن آئلينڊز (انگريزي: Soloman Islands ) (سليمان ٻيٽ, جزيرا سليمان) ڇھن وڏن ۽ نو سؤ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل اوشنيا(بحرستان) کنڊ ۾ ھڪ خودمختيار مُلڪ آهي جيڪو پاپوا نيو گني جي اوڀر ۾ ۽ وينوآتو جي اتر اولھ ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 28400 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ھونيئارا آهي جيڪو گئاڊلڪنال ٻيٽ تي واقع آھي. ملڪ جو نالو سولومن ٻيٽ جي نالي تي رکيل آهي.1568 ۾ يورپين مان پھريون دفعو اسپين جو سيلاني الوارو ڊي مينڊانا ان ٻيٽ تي آيو ۽ ان ٻيٽ جو نالو بائيبل جي سولومن بادشاھ جي نالي تي رکيو جنھن کي مسلمان سليمان نبي چوندا آهن. ھن ملڪ 1978 ۾ برطانيا کان آزادي ورتي ان کان اڳ ھي ٻيٽن وارو علائقو برطانوي والاريل سولومن آئلينڊز سڏبو هو. ملڪ جو آئين 1970 ۾ ٺاھيو ويو. ملڪ ۾ آئيني بادشاهت وارو پارلياماني نظام آهي . برطانوي ملڪہ ايلزبيٿ ٻين ھن ملڪ جي شاھي سربراھ آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي . ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آهي جنھن جا ڪل 50 ميمبر آھن جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ملڪ م سڀني 21 سالن ء ان کان وڏي عمر وارا ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگھندا آھن.
سولومن آئلينڊز | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شعار: "وٺي ھلڻ خدمت ڪرڻ آھي" | |||||
شاھي ترانو: "خدا راڻي کي امان ۾ رکي " | |||||
![]() | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ |
Honiara 9°28′S 159°49′E / 9.467°S 159.817°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گاديءَ جو هنڌ | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
نسلي گروھ (1999) |
| ||||
مقامي آبادي | سولومن آئلينڊ | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
ايلزبيٿ ٻين | |||||
ڊيوڊ ووناگي | |||||
• وزيراعظم | مناسيح سوگاويئر | ||||
قانون ساز ادارو | نيشنل پارليامينٽ | ||||
آزادي | |||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
7 جولاءِ 1978 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي | 28٬400 km2 (11٬000 sq mi) (139th) | ||||
• آبي (%) | 3.2% | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 599,419[3] (162nd) | ||||
• گھاٽائي | 18.1 /km2 (46.9 /sq mi) ( 200th) | ||||
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) | 2019 اندازو | ||||
• ڪل | $1.479 billion[4]]]) | ||||
• في سيڪڙو | $2,307[4] | ||||
جي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 اندازو | ||||
• ڪل | $1.511 ارب يو ايس ڊالر | ||||
• في سيڪڙو | $2,357{{{GDP_nominal_per_capita_rank}}}]]) | ||||
ايڇ ڊي آء (2015) |
![]() ڪمتر · 156th | ||||
ڪرنسي | سولومن آئلينڊز جو ڊالر (SBD) | ||||
معياري وقت | (متناسق عالمی وقت+11) | ||||
ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
ڊائلنگ ڪوڊ | +677 | ||||
انٽرنيٽ ڊومين | .sb |
انتظامي ورھاستسنواريو
ملڪ ۾ ڏھ صوبا آھن ۽ سواء ھڪ جي ھر صوبي جي پنھنجي اسيمبلي آهي. باقي ھڪ ۾ اسيمبلي ڪانھي جيڪو ملڪ جو گادي وارو شھر ھونيئارا آھي جنھن م وري شھري ڪائونسل ھوندي آھي.
نمبر | صوبو | گادي | پرميئر | پکيڙ چورس ڪلوميٽر | 1999 آبادي | آبادي في ڪلوميٽر | 2009 آبادي |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | سينٽرل صوبو | تلاگي | پئٽرڪ واسوني | 615 | 21,577 | 42.4 | 26,051 |
2 | چوئائسيئول صوبو | ٽارو ٻيٽ | جيڪسن ڪلوئي | 3,837 | 20,008 | 6.9 | 26,371 |
3 | گئاڊلڪنال صوبو[1] | ھونيئارا | اينٿوني ويڪ | 5,336 | 60,275 | 17.5 | 93,613 |
4 | اسابيل صوبو | بئالا | جيمز ھابو | 4,136 | 20,421 | 6.3 | 26,158 |
5 | مڪيرا-الاوا صوبو | ڪيراڪيرا | اسٽينلي سياپو | 3,188 | 31,006 | 12.7 | 40,419 |
6 | ملائيٽا صوبو | اوڪي | پيٽر ريموھيا | 4,225 | 122,620 | 32.6 | 137,596 |
7 | رينيل ۽ بيلونا صوبو | ٽيگوئا | جارج ٽھائڪا | 671 | 2,377 | 4.5 | 3,041 |
8 | ٽيموٽو صوبو | لاٽا، سولومن آئلينڊز | چارلس برائون | 895 | 18,912 | 23.9 | 21,362 |
9 | ويسٽرن صوبو | گزو | ڊيوڊ گينا | 5,475 | 62,739 | 14.0 | 76,649 |
– | ھونيئارا واري ڪيپيٽل ٽيريٽري | ھونيئارا | موئا (ميئر) | 22 | 49,107 | 2,936.8 | 64,609 |
سولومن آئلينڊز | ھونيئارا | – | 28,400 | 409,042 | 14.7 | 515,870 |
[1] ھونيئارا واري گاديءَ واري خطي کانسواءِ
حوالاسنواريو
- ↑ "Solomon Islands National Anthem Lyrics". Lyrics On Demand. حاصل ڪيل 2019-01-03.
- ↑ "National Parliament of Solomon Islands Daily Hansard: First Meeting – Eighth Session Tuesday 9th May 2006" (PDF). www.parliament.gov.sb. صفحو. 12. حاصل ڪيل 2019-01-03.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017.
- ↑ 4.0 4.1 "Solomon Islands". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 12 April 2019.