انب جوڳي، (جنم 1974ع، وفات 14 جولاءِ 2022) ڍولڪ نواز ھيو. انب خان ولد بيکو خان -جوڳي- 1974ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ -جنم- ورتو. سندس ڏاڏو ڪانجي -جوڳي- پڻ ناليوارو ڍولڪ نواز ٿي گذريو آهي. -انب- -جوڳي- ننڍپڻ کان ئي ڍولڪ وڄائڻ جو شوق رکندو هو، جنهنڪري شروع ۾ اڪثر ڊالڊا جو خالي دٻو گڏ کڻندو هو. هن شروعاتي سکيا پنهنجي پڦاٽ راڳي سوڍي جوڳيءَ کان حاصل ڪئي. -ان- کانپوءِ -برادي- فقير کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌايائين ۽ پوءِ ڪلاسيڪل انگ ۾ ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا لاءِ -استاد- نذر خان جو شاگرد ٿيو. ڪلاسيڪل انگ واري سکيا ۾ کيس ست سال لڳي ويا. -انب- کي 1988ع ۾ريڊيو -پاڪستان- ۽ شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ -استاد- -امير- عليءَ متعارف ڪرايو. -ان- کانسواءِ پي ٽي وي تي پڻ انهيءَ دور ۾ پرفارم ڪيائين. انب خان سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ محفل ڪئي آهي، -جن- ۾ حميرا چنا، فوزيه سومرو، -الله- ڏنو جوڻيجو، ديبا سحر، شمن علي ميرالي، -احمد مغل-، رازده پروين شامل آهن. -انب- خان خانگي ٽي وي چينل تي پڻ پرفارم ڪيو آهي ۽ ڇهه دفعا دبئي پڻ ويو آهي. پهريون ڀيرو ڪي. ٽي .اين طـرفـان هڪ پروگرام ۾ دبئيءَ ويو، -جتي- هن صادق فقير، احمد مغل، سجاد يوسف، ديبا سحر ۽ طفيل سنجراڻيءَ سان سنگت ڪئي ۽ ٻئي دفعي -برڪت علي ڀٽ-، ثمينه، ڪنول، ضامن علي ۽ -انڊيا- جي مهيش چندر (ماسٽر چندر جي پٽ) سان سنگت ڪئي.[1]

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "انب جوڳي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-13.