واشنگٽن ڊي سي

گڏيل رياستن جي گادي

واشنگٽن ڊي سي: (انگريزي: Washington DC) , جنھن کي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا پڻ سڏيو ويندو آهي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ آهي. .[4]آمريڪا جي انقلاب کان پوءِ ھن شھر جو بنياد وجھي ان کي وفاقي گادي جي ھنڌ جو درجو ڏنو ويو. شھر جو نالو آمريڪا جي باني ۽ پھرين صدر جارج واشنگٽن جي نالي تي رکيو ويو. [5] ھي شھر دنيا جي کوڙ بين الاقوامي ادارن جو پڻ صدر مقام آهي جنھن ڪري ھن شھر کي دنيا جو سياسي گاديءَ جو هنڌ پڻ سڏيو ويندو آهي.[6] ھن شھر ۾ ھر سال ٻہ ڪروڙ سياح گھمڻ ايندا آهن تنھن ڪري سالياني سياحت ۾ ھي شھر دنيا ۾ پھريون نمبر آھي.[7][8] ھن شھر جو بنياد ريزيڊنس ايڪٽ جي 16 جولاءِ 1790 ۾ توثيق سان ٿيو. شھر جي مقام جي چونڊ پوٽوميڪ ندي جي ڪناري تي ڪئي وئي. ملڪ جي آئين تحت ھڪ وفاقي ضلعو ٺاھيو ويو جيڪو ملڪ جي ڪنھن بہ رياست جو حصو نہ ھيو جنھن جي اندرين حڪمراني پڻ الڳ ھئي ۽ اھو آمريڪي ڪانگريس جي خاص اختيار ۾ آندو ويو. ان نئين ضلعي جي لاء زمين آمريڪا جي ٻن رياستن ميري لينڊ ۽ ورجينيا ڏني جتي جارج ٽائون (ميري لينڊ واري ڏنل زمين تي) ۽ اليگزينڊريہ (ورجينيا جي ڏنل زمين تي) نالي وسنديون اڳواٽ موجود ھيون. ان نئين وفاقي ضلعي: ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ 1791 ۾ واشنگٽن شھر جو بطور ملڪي گادي جي ھنڌ جو بنياد وڌو ويو. 1846 ۾ ڪانگريس ورجينيا کي ان ضلعي ۾ ڏنل زمين موٽائي ڏني ۽ رڳو ميري لينڊ واري زمين برقرار رکي ان ضلعيکي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا نالو ڏنو ويو. واشنگٽن جي آبادي جو 2018 ۾ لڳايل تخمينو 702,455 آھي.[9] اھو آمريڪا جو آبادي ۾ ويھون وڏو شھر آھي[10] .[11] آمريڪا جي صدر، آمريڪي ڪانگريس ۽ آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽنھي جو صدر مقام ھي شھر آھي.

واشنگٽن ڊي سي
وفاقي گاديءَ جو هنڌ
وفاقي ضلعو
شھر
ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا
گھڙيال چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ؛ يادگار واشنگٽن؛ وائيٽ ھائوس ؛ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ؛ لنڪن وارو يادگار؛ واشنگٽن جي قومي ڪئٿيڊرل
گھڙيال چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ؛ يادگار واشنگٽن؛ وائيٽ ھائوس ؛ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ؛ لنڪن وارو يادگار؛ واشنگٽن جي قومي ڪئٿيڊرل
واشنگٽن ڊي سي
جھنڊو
واشنگٽن ڊي سي
مھر
نعرو: Justitia Omnibus
(انگريزي ٻولي: انصاف سڀني لاءِ)
Location in relation to Maryland and Virginia
Location in relation to Maryland and Virginia
واشنگٽن ڊي سي is located in آمريڪا جون گڏيل رياستون
واشنگٽن ڊي سي
واشنگٽن ڊي سي
واشنگٽن ڊي سي is located in North America
واشنگٽن ڊي سي
واشنگٽن ڊي سي
يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 38°54′17″N 77°00′59″W / 38.90472°N 77.01639°W / 38.90472; -77.01639مڪانيت: 38°54′17″N 77°00′59″W / 38.90472°N 77.01639°W / 38.90472; -77.01639
ملڪ يونائيٽيڊ اسٽيٽس
ريزيڊنس ايڪٽ 1790
ٺاھيو ويو 1801
گڏايو ويو 1871
ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا جو گھرو حڪمراني وارو قانون 1973
نالو پيو جارج واشنگٽن
حڪومت
 • ميئر Muriel Bowser (D)
 • ڪائونسل
 • يونائيٽيڊ اسٽيٽس ھائوس آف رپريزنٽيٽوز Eleanor Holmes Norton (D),
Delegate (At-large)
پکيڙ
 • وفاقي گاديءَ جو هنڌ
وفاقي ضلعو
شھر
177.0 ڪ.م2 (68.34 ميل2)
 • زميني 158.1 ڪ.م2 (61.05 ميل2)
 • آبي 18.9 ڪ.م2 (7.29 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 125 ميل (409 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 0 ميل (0 ft)
آبادي (2018 estimate)[3]
 • وفاقي گاديءَ جو هنڌ
وفاقي ضلعو
شھر
702,445
Map
Interactive map of Washington, D.C.

حوالا سنواريو

  1. "Demonyms for people from the USA". www.geography-site.co.uk. حاصل ڪيل April 12, 2017. 
  2. "Demonym". addis.com. وقت April 13, 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 12, 2017. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named quickfacts
  4. "Introduction: Where Oh Where Should the Capital Be?". WHHA. 
  5. "Washington, D.C. History F.A.Q.". The Historical Society of Washington, D.C. حاصل ڪيل 2018-03-07. 
  6. Broder, David S. "Nation's Capital in Eclipse as Pride and Power Slip Away". The Washington Post. حاصل ڪيل October 18, 2010. In the days of the Truman Doctrine, the Marshall Plan and the creation of NATO, [Clark Clifford] said, we saved the world, and Washington became the capital of the world. 
  7. "The 10 most-visited cities in the US this year". Insider. حاصل ڪيل March 6, 2018. 
  8. Cooper, Rebecca. "D.C. breaks another domestic tourism record". www.bizjournals.com. Washington Business Journal. 
  9. "Nevada and Idaho Are the Nation's Fastest-Growing States". US Census Bureau. 19 December 2018. https://www.census.gov/newsroom/press-releases/2018/estimates-national-state.html?CID=CBSM+POP18. Retrieved 22 January 2019. 
  10. "Washington-Arlington-Alexandria, DC-VA-MD-WV". U.S. Census Bureau. U.S. Department of Commerce. حاصل ڪيل April 12, 2017. 
  11. "Washington, D.C. metrostatistical2017". U.S. Census Bureau. U.S. Department of Commerce. حاصل ڪيل February 4, 2019.