روس (انگريزي: Russia ) روسي ٻولي ۾ Россия (روسيا)، سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (روس جو وفاق) جنھن کي روسي ٻولي ۾ روسياسڪايا فيڊريٽسيا سڏيندا آهن. يوريشيائي جي ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. اھو پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ 17,075,200 چورس ڪ م يا 6,592,772 چورس ميل آهي جيڪو انساني ابادي واري دنيا جو اٺون حصو آھي. ھن ملڪ جي ان وسيع پکيڙ ۾ 11 ٽائيم زون اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ روس جي سرحد سڀ کان وڌيڪَ ملڪن سان لڳي ٿي جن جو تعداد 14 آھي. ان جي اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر جي طرف روس جون زميني سرحدون ناروي، فنلينڊ، استونيا، لٽويا، لٿووينيا ۽ پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قازقستان، چين، منگوليا، ۽ اتر ڪوريا سان ملن ٿيون۔ جڏهن ته هن جون آبي سرحدون جاپان کان اخوتسڪ سمنڊ، گڏيل آمريڪي رياستن جي ریاست الاسڪا کان بيرنگ سمنڊ ۽ ڪئناڊا جي ڄميل سمنڊ طرف اتر جا ٻيٽ ملن ٿا. روس جي آبادي 14،62،00،000 آهي. آبادي ۾ اھو يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن ۾ ان جو نمبر نائون آھي ان جي گادي جو هنڌ ماسڪو شھر آھي جيڪو يورپ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. سينٽ پيٽرز برگ روس سميت يورپ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ روسي فيڊريشن ۾ تبديل ٿي ۽ 1993ع ۾ نئين آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو. سن 2000ع کان وٺي ھن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي.
انساني ترقيءَ جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا ۾ 52ھون نمبر آھي. ملڪ ۾ يونيورسٽي تائين تعليم مفت فراھم ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي معيشت دنيا جي طاقتور معيشتن ۾ شامل آھي ۽ ناليوار جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ يارھون نمبر آھي. مساوي قوت خريد مطابق جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جي معيشت دنيا اندر ڇھين نمبر تي آهي. ھي ملڪ دنيا جي ھڪ وڏي ايٽمي طاقت آھي ۽ گڏيل قومن جو باني ۽ سلامتي ڪائونسل جو ويٽو جو اختيار رکندڙ مستقل رڪن آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ ايٽمي ھٿيار پڻ ھن ملڪ وٽ آھن. دنيا جي ٻين وڏي فوج پڻ ھن ملڪ جي آھي ۽ دنيا ۾ فوج تي وڌيڪ خرچ ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي. دنيا جي معدني ۽ توانائي جي ذريعن جو وڏو حصو ھن ملڪ وٽ آهي. روس دنيا ۾ سڀ کان وڏن تيل ۽ قدرتي گيس پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ملڪ جي 20, شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن، ڪائونسل آف يورپ، ايشيا پيسفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، آرگنائيزيشن آف سڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، انٽرنيشنل انويسٽمينٽ بينڪ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس، ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن، يوريشين ايڪانامڪ يونين جو رڪن ملڪ آهي.

روس
رشين فيڊريشن

Росси́йская Федерация
(روسياسڪايہ فيدريتسيہ)
Flag of روس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
ترانو: 
"Gosudarstvenny gimn Rossiyskoy Federatsii"  (رومڻائيزيشن)
"روس جو رياستي قومي ترانو"
روس جو مقام.تيز سائو رنگ . ڪرائميا تڪراري علائقو آهي جيڪو روسي انتظام هيٺ آهي جنھن کي ھلڪي سائي رنگ سان ظاهر ڪيو ويوa
روس جو مقام.تيز سائو رنگ . ڪرائميا تڪراري علائقو آهي جيڪو روسي انتظام هيٺ آهي جنھن کي ھلڪي سائي رنگ سان ظاهر ڪيو ويوa
گادي جو هنڌ ماسڪو
55°45′N 37°37′E / 55.750°N 37.617°E / 55.750; 37.617
سڀ کان وڏو شهر گاديء جو ھنڌ
دفتري ٻوليون روسي يا رشين
نسلي گروھ
حڪومت
• صدر
ولاديمير پيوٽن
• وزيراعظم
دمتري ميديويدف
• فيڊريشن ڪائونسل جو چيئرمين
ويلنٽينا ميٽوي يينڪو
• رياستي ڊوما جو چيئرمين
ويچزلاف وولودن
مقننه فيڊرل اسيمبلي
فيڊريشن ڪائونسل
اسٽيٽ ڊوما
روس جي تشڪيل جي تاريخ
• رورڪ جي آمد [1]
862
882
1283
16 جنوري 1547
22 آڪٽوبر 1721
14 سيپٽيمبر 1917
23 سيپٽمبر 1918
25 آڪٽوبر 2017
• سويت يونين جو قيام
20 ڊسمبر 1922
12 جون 1990
8 ڊسمبر 1991b
• رشين ايس.ايف.ايس.آر. جو نالو بدلائي رشين فيڊريشن رکيو ويو
25 ڊسمبر 1991b
12 ڊسمبر 1993
پکيڙ
• جملي
17٬075٬200 km2 (6٬592٬800 sq mi) (1st)
• پاڻي (%)
13[2] (دلدلي حصن سميت)
آبادي
• 2018 اندازو
144,526,636 Increase2.svg[3] (ڪرائميا کان بغير)[4] (9th)
•  گھاٽائي
8.4 /km2 (21.8 /sq mi) (225th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.152 ٽرلين ڊالر[5] (6th)
• في سيڪڙو
$28,918[5] (49th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.522 ٽرلين ڊالر[5] (12th)

روس جي تاريخسنواريو

سوشلسٽ انقلاب کان اڳسنواريو

 
يارھين صدي عيسويءَ ۾خيويائي روس

ڏھين کان يارھين صدي عيسويءَ ۾ خيويائي روس يورپ جي سڀ کان خوشحال ۽ وڏين رياستن ۾ شمار ٿيندو هو[9] ان رياست جو ولاديمير اعظم (980–1015) ۽ ان جو ڏاھو جي لقب سان مشھور پٽ ياروسلاف وارا دؤر ان رياست جو سونھري دور شمار ڪيا ويندا آهن. ان ئي دؤر ۾ ۾ روس جي ماڻھن بازنطيني ايمپائر مان آيل آرٿوڊوڪس عيسائيت کي قبول ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ساڳي دؤر ۾ پھريون مشرقي قانوني مجموعي جو مسودو روسڪايا پراودا جوڙيو ويو. يارھين ۽ ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ خانه بدوش ترڪ قبيلن: قبچاقن ۽ پچنگن وغيره جي لاڳيتي حملن ڪري مشرقي سلواڪ وارين آبادين وڏي پيماني تي اترئين گھاٽن ٻيلن وارن محفوظ علاقي زيلسي ڏي ھجرت ڪئي[10].

 
خيويائي ماڻھن جو بپتسمو جي عنوان سان ڪلاوڊي ليبيديف پاران ٺاھيل تصوير

جاگيرداري جي مضبوط ٿيڻ سبب خيويائي رياست جي مرڪزيت ختم ٿيندي وئي جنھن سان رياست اندر گھرو ويڙھ ٿيندي رھي. 1837-40ع دوران منگولن جي حملي خيو کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ روس جي اڌ آبادي ان حملي ۾ ھلاڪ ٿي وئي[11]. حملي آورن، جن کي بعد ۾ تاتار سڏيو ويو، اتي اورد زرين (Golden Horde) نالي رياست قائم ڪئي. ان جو ترڪ ٻولي ۾ نالو آلتين اوردو ھيو. روس جو ڏاکڻو ۽ وچون حصو اٽڪل ٻہ صديون ان رياست ھيٺ رھيو[12]. پولينڊ جي بادشاھت (1025-1385) نيٺ گاليشيا والھينيا کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، جڏهن ته خيو جي پسگردائيءَ ۾ واقع ٻن علائقن: نووگورود ريپبلڪ ۽ منگولن جي زير اثر ولاديمير سوزدال ملي ڪري موجود روسي قوم جو بنياد وڌو. نووگورود ريپبلڪ منگولن جي تسلط مان جان ڇڏائي ۽ پسڪوف واري علائقي سميت انھن ڪنھن حد تائين منگولن جي خيويائي روس تي حملي واري وقت کان وٺي پنھنجي خودمختياري بحال رکي ھئي. نووگورود وارن 1240ع ۾ اليگزينڊر نيوسڪي جي قيادت ۾ نيوا واري جنگ ۾ سويڊن جي حملي آورن کي شڪست ڏئي[13]. 1242ع ۾ انھن برف واري جنگ ۾ جرمن صليبين کي شڪست ڏئي[14]. خيويائي روس جي خاتمي بعد روس جي ٻين قائم ٿيندڙ طاقتور رياست ماسڪو واري گرينڊ ڊچي ھئي جيڪو شروع ۾ ولاديمير سوزدال جو حصو ھئي[15][16] [17] ماسڪو پرنس دمتري دونسڪوئي جي اڳواڻي ۾ روسي آرٿوڊوڪس چرچ جي حمايت يافتہ روسي پرنسپلٽين جي متحده فوج سان ملي ڪري 1830ع ۾ ڪليڪوفو واري جنگ ۾ منگول تاتارين کي شڪست ڏئي[18] ماسڪو آھستي آھستي چوڌاري موجود پرنسيپلٽين کي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيو جن ۾ توير واري پرنسپلٽي ۽ نووگورود ريپبلڪ پن شامل ھيون[15]. عظيم ايوان ٽئين اورد زرين جي تسلط کي ختم ڪري وچ روس ۽ اتر روس کي ماسڪو جي راڄ ھيٺ ملائي روس جو پھريون حاڪم ٿيو جنھن سموري روس جي ڊيوڪ وارو لقب اختيار ڪيو[15]. 1453ع ۾ قسطنطنيہ جي شڪست پاڻ کي اوڀر رومن ايمپائر جي وارث ھجڻ جو دعويدار ٿيو[15] ايوان ٽئين بازنطيني شھنشاھ ڪنسٽنٽائين يارھين جي ڀائٽي صوفيه پلائيولاجينا سان شادي ڪئي ۽ بازنطيني ايمپائر جي ٻن منڍين واري باز جي نشان کي پنھنجي رياست جو نسبتي نشان بڻايو[19].

 
بيخوف لقب وارو ايوان چوٿون جي پينٽنگ

ماسڪو جي گرينڊ ڊيوڪ ايوان چوٿين بيخوف روسي زارشاھي نالي بادشاھت جو بنياد وجھي 1547ع ۾ پھريون روسي بادشاھ يا زار جي حيثيت سان تخت تي ويٺو ۽ ھن 1550ع ۾ قانونن جو نئون مجموعو سديبنڪ نافذ ڪيو جنھن ذريعي ھن جاگيردارنہ نمائندگي جو پھريون ادارو زيمسڪي سابور قائم ڪري مذھبي پيشوائن جي مقامي اثر رسوخ کي گھٽائي ختم ڪري ڇڏيو[20]. ان پھرين زار ٽي تاتار خانيٽن: ڏکڻ اولھ سائبيريا واري سائبيريائي خانيٽ، قازان خانيٽ ۽ آستراخان خانيٽ وولگا سميت کي شامل ڪري روس جي پکيڙ ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو[20] سورھين صدي عيسويءَ ۾ روس يورال جبلن جي اوڀر تائين وسعت ماڻي[21]. ان طاقتور زارشاھي کي پولينڊ، لٿوانيا، سويڊن، ڊينمارڪ ۽ ناروي جي اتحاد سان بالٽڪ سمنڊ ۽ سامونڊي واپار لاء پھچ حاصل ڪرڻ جي ھڪ ڊگھي ۽ غير فيصلاڪن ليوونيائي جنگ ڪمزور ڪري ڇڏيو[22] ساڳي وقت ڪرائميائي خانيٽ جي تاتارين پڻ ڏکڻ پاسي کان روس تي حملا جاري رکيا[23] وولگا واريون خانيٽون بحال ڪرائڻ خاطر ڪرائميائي خانيٽ ۽ ان جي اتحادي عثماني خلافت 1571ع ۾ وچ روس تي حملو ڪري ماسڪو جي ديوارن تائين پھچي چڪا ھيا[20] پر ايندڙ ٻئين سال حملي آور وڏي فوج کي مولودي واري جنگ ۾ شڪست ملي[24] [25].


 
روسي زار (1682-1721) ۽ پھريون روسي شھنشاھ (1721-1725) پيٽر اعظم

1682 ۾ پيٽر اعظم روس جو زار يا بادشاھ ٿيو ۽ 1721ع ۾ ھن پنھنجي شھنشاھ ھجڻ جو اعلان ڪيو. ھن روس کي يورپ جي ھڪ وڏي طاقتور رياست بڻايو. ھن 1700 کان 1721 تائين ھلندڙ اتر واري وڏي جنگ ذريعي سويڊن کي شڪست ڏئي. 1703ع ۾ ھن بالٽڪ سمنڊ تي سينٽ پيٽرزبرگ شھر جو بنياد وجھي روس جي گادي جو هنڌ اتي منتقل ڪيو. ھن روسي ڪلچر کي اولھ يورپ واري ڪلچر ۾ تبديل ڪرڻ لاء سڌارا آندا جن روسي ڪلچر کي ڪافي تبديل ڪيو[26]. سندس ڌي ايلزبيٿ (1741–1762) جي دؤر ۾ روس ستن سالن واري جنگ (1756–1763) جي ور چڙھيو. ان جنگ ذريعي روس اوڀر پروشيا کي پنھنجي حدن ۾ ملائي برلن جي دروازن تائين پھتو پر ملڪه جي وفات بعد اھي علائقا پروشيا کي واپس موٽائي ڏنا ويا. عظيم ڪيٿرائين ٻين روس تي 1762ع کان 1796ع تائين حاڪم رھي جنھن جي دور کي روسي جاڳرتا وارو دور سڏيو ويندو آهي. ھن روس جي سرحد پولينڊ جي علائقن ۽ ڏکڻ ۾ ڪرائميائي خانيٽ کي شڪست ڏئي ڪاري سمنڊ تائين وڌائي. ڪيٿرائين کان پوءِ سندس پٽ پال پھريون تخت تي ويٺو. ان بعد 1801 ۾ اليگزينڊر پھريون بادشاھ ٿيو جيڪو 1825ع تائين رھيو. ان جي دؤر ۾ روسي الاسڪا پھتا ۽ ان کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو[27]

 
چوڏھين کان ويھين صدي تائين روس جي پکيڙ ۾ توسيع[28]

نيپولين وارين جنگن دوران روس فرانس جي ايمپائر خلاف ٻين يورپي ايمپائرن جي اتحاد ۾ شامل ٿيو. 1812ع ۾ فرانس جي فوج ماسڪو تائين پھتي ھئي پر کيس سخت مزاحمت ۽ سردي جي موسم سبب ناڪامي ڏسڻي پئي[27]. اتحادي فوج نيٺ پيرس ۾ داخل ٿي. روسي فوجي آفيسر جڏھن فرانس کان واپس آيا تہ پاڻ سان گڏ لبرل ازم وارا خيال کڻي آيا ۽ 1825ع ۾ انھن زار جي اختيارن گھٽائڻ لاء انقلاب جي ناڪام ڪوشش ڪئي. نڪولس پھرين جو جو قدامت پسند دؤر 1825ع کان 1855ع تائين ھليو جنھن بعد ڪرائميا واري جنگ ۾ شڪست روس جو يورپ ۾ غلبو ۽ اثر رسوخ گھٽائي ڇڏيو. 1847 کان 1851 دوران روس ۾ ڪالرا جي وبا ۾ ڏھ لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. نڪولس کان پوء اليگزينڊر ٻيون ()|اليگزينڊر ٻئين جو دور 1855 کان 1881 تائين ھليو جنھن دوران صنعتڪاري کي فروغ مليو ۽ روسي شاھي فوج کي جديد بڻايو ويو جنھن 1877 1878 جي روس ترڪ جنگ ذريعي عثماني خلافت کان بلقان جا گھڻا حصا آزاد ڪرايا. عثماني خلافت، قجر گھراڻي جي ايراني ۽ چين جي چنگ گھراڻي جي اثر رسوخ گھٽجڻ سان پيدا ٿيل خال کي برطانيه ۽ روسي ايمپائر ڀرڻ شروع ڪيو ۽ انھن ٻنھي ايمپائرن جي ڇڪتاڻ وڏي راند (The Great Game) جو نالي سان مشهور ٿي[29]. اڻويھين صدي دوران روس ۾ سوشلسٽ تحريڪن جي شروعات ٿي. 1881ع ۾ انقلابين جي حملي ۾ اليگزينڊر ٻيون مارجي ويو ۽ سندس جاءِ تي ان جو پٽ اليگزينڊر ٽئين جي تاج پوشي ٿي جنھن جو راڄ 1894 تائين پرامن طريقي سان ھليو جنھن بعد ان ساڳي سال روس جو آخري زار نڪولس ٻيون تخت تي ويٺو. ان جي دور ۾ 1905 ۾ خوني انقلاب آيو جنھن کي خوني آچر 2005 سڏيو ويندو آهي. ان انقلاب ۾ بغاوت کي تي چيڀاٽيو ويو پر حڪومت ملڪ ۾ 1906 واري آئين جي صورت ۾ تمام وڏا سڌارا آڻڻ تي مجبور ٿي. ماڻھن کي اظھار جي آزادي ۽ جلوس ڪڍڻ، سياسي جماعتن جي قانوني حيثيت ۽ ڊوما جي نالي سان چونڊ واري مقننه جي قيام وارا حق ڏنا ويا[29].

روسي سوشلسٽ ريپبلڪسنواريو

 
روسي شھنشاھ نڪولس ٻيون پنھنجي خاندان سان گڏ. 1918 ۾ بالشويڪن ان سموري خاندان کي قتل ڪيو

1914ع ۾ آسٽريا ھنگري ايمپائر طرفان روس جي اتحادي سربيا جي بادشاھت سان جنگ جي اعلان بعد روس بہ ٻين جنگ عظيم ۾ شامل ٿي ويو[30][31] 1916 ۾ پبرسلوف واري حملي دوران روسي شاھي فوج آسٽروھنگري ايمپائر جي فوج کي لڳ ڀڳ ناس ڪري چڏيو[32] جنگي خرچ ۾ اضافي، جنگ ۾ ٿيل جاني نقصان، بدعنواني ۽ بغاوت جي افواھن روس ۾ اڳواٽ موجود عوامي بي اعتمادي ۾ ويتر گھڻو اضافو ڪيو جنھن 2017ع واري آڪٽوبر انقلاب لاء راھ ھموار ڪئي[33]. فيبروري 2017 جي انقلاب نڪولس ٻئين کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ھن ۽ سندس خاندان کي قيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ روسي گھرو ويڙھ دوران يڪاتيرنبرگ ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو. شاھي نظام کي ختم ڪري پھرين سيپٽمبر 1917ع تي روسي سياسي جماعتن جي اتحاد جي عارضي حڪومت ٺاهي وئي ۽ روسي ريپبلڪ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو[34][35] 6 جنوري 2018 تي روسي آئين ساز اسيمبلي روسي جنھوري وفاقي ريپبلڪ جو اعلان ڪيو[33] ٻئي ڏينهن تي آل رشين سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي ان آئين ساز اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو[33]

 
سفيد ڌر جو ھڪ پروپيگنڊا وارو پوسٽر 1932ع

پيٽروگراڊ سوويت پڻ ھڪ متبادل سوشلسٽ اداري جي حيثيت ۾ موجود ھئي جيڪا مزدورن ۽ ھارين جي چونڊيل سوويت جي نالي سان مشهور ڪائونسلن ذريعي طاقت کي برقرار رکيو. آڪٽوبر 1917ع ۾ بالشويڪن ولاديمير لينن جي سربراهي ۾ انقلاب آڻي عارضي حڪومت کي ختم ڪري سوويت جي ذريعي ملڪ ھلائڻ شروع ڪيو ۽ اھڙي طرح دنيا جي پھرين سوشلسٽ رياست وجود ۾ آئي[33] جنھن سان گڏوگڏ ڪميونسٽ مخالف سفيد تحريڪ جي ويڙهاڪن ۽ سويت ڪائونسلن جي سرخ فوج وچ ۾ گھرو ويڙھ جي شروعات ٿي وئي. بالشويڪ روس کي بريسٽ لتووسڪ معاھدي ذريعي سموري يوڪرين سان گڏوگڏ پولينڊ، فنلئنڊ ۽ بالٽڪ علائقن تان ھٿ کڻڻو پيو[33]. پھرين جنگ عظيم جي اتحادي طاقتن روسي گھرو ويڙھ ۾ ڪميونسٽ مخالف فوجين جي مدد ۾ ناڪام مداخلت ڪئي[36][37] گھرو ويڙھ روس جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي ڳرو نقصان رسايو. لڳ ڀڳ 70 کان 120 لکن تائين ماڻھن جو جاني نقصان ٿيو جن اڪثريت عام شھرين جي ھئي[38] [39] 1921 ۽ 1922 واري ڏڪار جا اڌ ڪروڙ ماڻھو شڪار ٿيا[40]

 
ولاديمير لينن ۽ ٻيا بالشويڪ اڳواڻ 1919ع ۾ ريڊ اسڪوائر تي لازمي فوجي سکيا وارن جٿن جو معائنو ڪندي

30 ڊسمبر 1922 تي لينن پنھنجي ساٿين سان گڏجي ھڪ معاھدي ذريعي سوويت يونين قائم ڪيو جنھن م روس، يوڪرين، بيلاروس ۽ ٽرانس ڪوھ ڪاف واريون سويت سوشلسٽ ريپبلڪون شامل ھيون جيڪا پوء وڌي 15 ريپبلڪن تائين وسيع ٿي وئي جن ۾ سڀ کان وڌيڪَ آبادي واري ريپبلڪ رشين سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ھئي جنھن ڪري ان جو ٻين تي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي غلبو رھيو[41]. 1924ع ۾ لينن جي وفات بعد سويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري جوزف اسٽالن ملڪ جو سربراھ ٿيو. ھن پنھنجي سڀ کان وڏي مخالف ليون ٽراٽسڪي کي 1929ع ۾ جلاوطن ڪيو. ھن ملڪ ۾ ڪمانڊ ايڪانامي جو آغاز ڪيو. ملڪ جي ٻھراڙيءَ جي زراعت ۽ صنعت کي اجتماعي صورت ڏني. ھن سوويت يونين جي وڏي زرعي معيشت کي ٿوري وقت ۾ ھڪ وڏي صنعتي پاور هائوس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اسٽالن ملڪي پاليسين جي مخالفن سان ڏاڍي سختي سان پيش آيو.

 
The اسٽالن گراڊ واري جنگ, جنگن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ۽ خوني لڙائي ھئي جيڪا 1943ع ۾ سويت يونين جي جرمن فوج تي فتح سان ختم ٿي
 
ٻين جنگ عظيم ۾ يورپ ۾ ساليانو جاني نقصان. سوويت يونين محوري طاقتن کي شڪست ڏيڻ ۾ ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو

22 جون 1941ع ۾ نازي جرمني مولوٽوف ربنٽراپ پيڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي آپريشن باربروسا ذريعي سوويت يونين تي انساني تاريخ جو سڀ کان زبردست حملو ڪيو[42] جنھن سان ٻين جنگ عظيم جو اوڀر پاسي وارو سڀ کان وڏو جنگي محاذ شروع ٿيو[43] 1941 ۽ 1942 دوران رڳو 8 مھينن ۾ جرمن قيد ۾ 30 لک سويت يونين جي جنگي قيدين کي جرمن فوج قيد دوران ھلاڪ ڪيو[44]. جرمن ۽ فنلئنڊ جي فوجن ليننگراڊ شھر جو 1941 کان 1944 تائين زميني محاصرو ڪيو پر شھر ويڙھ جاري رکي. ان محاصري ڪري فاڪاڪشي م لکين ماڻھو مري ويا پر روسي پيش نہ پيا. اسٽالن جي حڪومت ۾ فوجي ڪمان جارجي ژوڪوف ۽ ڪونسٽانٽن روڪوسووسڪي سنڀالي ۽ مئي 1945ع ۾ سوويت فوج برلن جي جنگ دوران برلن تي قبضو ڪيو[45]. آگسٽ 1945ع ۾ سوويت فوج چين جي علائقي مينچوڪئو (منچوريا) ۽ اتر ڪوريا مان جپاني فوج کي ٻاھر ڪڍيو[46]. اوڀر يورپ ۽ وچ يورپ وارن ملڪن مشرقي جرمني سميت سوشلسٽ نظام واريون رياستون ٺھي ويون جن سان سوشلسٽ بلاڪ وجود ۾ آيو. سوويت يونين دنيا جي ٻين ايٽمي طاقت بڻجي ويو جنھن بعد ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وئي[47] [48] [49] سوويت يونين وارسا پيڪٽ ذريعي اتحاد قائم ڪيو[50] آمريڪا ٻين يورپي ملڪن سان گڏجي نيٽو وارو اتحاد ٺاھيو جنھن سان دنيا ۾ سرد جنگ جو آغاز ٿيو[51] 1953ع ۾ اسٽالن جي موت بعد نڪيتا خروشچيف سوويت يونين جو نئون سربراھ ٿيو جنھن اسٽالن جي ڪيل ڏوھن ۽ ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ ڊي اسٽالنائيزيشن جي پاليسي شروع ڪئي. ھن لينن جي دور کان قائم ٿيل ليبر ڪيمپن مان لکين سياسي قيدين کي آزاد ڪيو [52] ھن عالمي پرامن بقاء باھمي جي پاليسي پڻ اختيار ڪئي. ھن طرفان ظالماڻي پاليسين ۾ نرمي کي خروشچيف جي برف پگھرجڻ واري پاليسي سڏيو ويو[53] ان دور ۾ سرد جنگ ۾ پڻ اضافو ٿيو آمريڪا پي جي ايم جوپيٽر ميزائيل ترڪي ۾ نصب ڪيا ۽ سوويت يونين ڪيوبا ۾ ميزائل نصب ڪيا[54]

 
دنيا جو پھريون مصنوعي سيٽلائيٽ اسپٽنڪ 1

1957ع ۾ سوويت يونين پھريون مصنوعي سيٽلائيٽ اسپٽنڪ 1 خلا ۾ موڪليو جنھن سان خلائي دؤر جو آغاز ٿيو[55] روسي خلاباز يوري گئگرين پھريون انسان ھيو جنھن 12اپريل 1961ع تي ووستوڪ 1 خلائي جھاز ۾ سوار ٿي خلا ۾ داخل ٿي ڌرتي جي چوڌاري چڪر لڳايو[56]. خروشچيف کان پوءِ 1964ع ۾ ليوند برژنيف سوويت يونين جو سربراھ ٿيو جيڪو 1982ع تائين ان منصب تي رھيو جيڪو سوويت يونين جي معاشي جمود جو دور سڏيو ويندو آهي. ملڪ جي معاشي ترقي ڏاڍي سست ٿي وئي. 1979ع ۾ افغان انقلاب بعد سوويت يونين جي فوج جي اتي داخل ٿيڻ سان سوويت افغان جنگ جي شروعات ٿي. 12 نومبر 1982تي يوري آندروپوف ملڪ جو سربراھ ٿيو جيڪو 9 فيبروري 1984 ۾ وفات ڪري ويو ۽ ڪانسٽينٽن چرنينڪو سربراھ ٿيو جيڪو 10 مارچ 1985 تي فوت ٿيڻ تائين عھدي تي رھيو ۽ پوء ميخائيل گورباچوف ملڪ جو آخري سربراھ ٿيو.

 
ميخائيل گورباچوف ۽ رونالڊ ريگن 1986ع ۾ ريڪجاويڪ سمٽ ۾[57]

گورباچوف معاشي جمود کي ختم ڪرڻ ۽ حڪومت کي جمھوري بنائڻ خاطر سوويت نظام ۾ لبرل سڌارا پرسٽروئڪا (نئين تشڪيل) ۽ گلاسنوسٽ (اظھار جي آزادي) وارين پاليسين جي صورت ۾ نافذ ڪيا[58] پر انھن پاليسين ملڪ ۾ قومپرستي ۽ علحدگي پسنديءَ کي ھٿي ڏني [59]. دنيا جي ٻين وڏي معاشي طاقت پوئين دور ۾ ھڪ وڏي معاشي گھوٽالي جو شڪار ٿيندي وئي [60] [61] 1991 ۾ بالٽڪ رياستون سوويت يونين کان ڌار ٿيڻ جي شروعات ڪئي[62] 1991ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ذريعي سوويت شھرين جي اڪثريت سوويت يونين کي خودمختيار رياستن جي يونين ۾ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو[63] 1991ع ۾ بورس يلٽسن روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو پھريون ڀيرو سڌي چونڊ وسيلي صدر چونڊجي آيو[64] آگسٽ 1991 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي حق ۾ سوويت يونين کي قائم رکڻ خاطر گورباچوف جي خلاف فوجي بغاوت ٿي[65] 25 ڊسمبر 1991ع تي سوويت يونين جي خاتمي جو اعلان ٿيو جنھن سان موجوده روس سميت چوڏھن ٻيون نيون رياستون وجود ۾ آيون[66].

روسي فيڊريشنسنواريو

 
سن 2000 ۾ ولاديمير پيوٽن جي روسي صدر جي عھدي لاءِ حلف برداري جي تقريب ۾ بورس يلٽسن پڻ بيٺل

سوويت يونين جي معاشي ۽ سياسي زوال روس جي معيشت کي ھڪ ڊگھي وقت لاء ڊپريشن ۾ رکيو[67] ان ڪري روس ۾ نجڪاري، آزاد تجارت ۽ لبرلائيزيشن وارا سڌارا آڻدا ويا[68]. ان کان سواءِ آمريڪا ۽ آء ايم ايف جون تجويزيل معيشت ۾ بنيادي تبديليون پڻ آنديون ويون[69] پر ملڪ ۾ پيدا ٿيل نئين ارب پتين ناڻو ۽ اثاثا وڏي پيماني تي ملڪ کان ٻاھر منتقل ڪرڻ شروع ڪيا[70] معاشي ڊپريشن سماجي خدمتن جو زوال آڻي ڇڏيو. غربت ۾ تيزي سان اضافو ٿيو ۽ ڄمڻ جي شرح کان موت جي شرح وڌي وئي[71] 1990واري ڏھاڪي ۾ بدعنواني، ڏوھ ۽ لاقانونيت انتھا تي پهچي چڪا ھئا[72]. 1993ع ۾ بورس يلٽسن۽ پارليامينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري آئيني گھوٽالو پيدا ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ فوج کي مداخلت ڪرڻي پئي. مغربي طاقتن يلٽسن جي حمايت ڪئي. ان بحران دوران 100 کان وڌيڪَ ماڻھو مارجي ويا نيٺ معاملو آئيني ريفرنڊم ذريعي حل ٿيو ۽ نئون آئين جوڙي نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ صدر کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا[73] 31 ڊسمبر 1999ع تي صدر بورس يلٽسن ملڪ ۾ معاشي بھتري آڻڻ ۾ ناڪامي سبب غير مقبول ٿي چڪو ھو جنھن ڪري ان استعيفا ڏني ۽ پنھنجي جانشين طور روسي وزيراعظم ولاديمير پيوٽن کي چونڊيو[74][75] پيوٽن 2000 ۾ روسي صدرات جي چونڊ کٽي ملڪ جو صدر منتخب ٿيو [76] ھن چيچنيائي بغاوت کي ڪچليو[77]. تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان ھتي پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي ۽ پيوٽن جي ڏاھپ وارين معاشي ۽ مالياتي پاليسين سبب روسي معيشت اٿڻ شروع ڪيو جنھن سان ماڻھن جي معيار زندگي ۾ اضافو ٿيو ۽ روس جو عالمي سياست ۾ غلبو پڻ وڌيو[78] 2004 واري صدارتي چونڊ ۾ ھي ڀيھر صدر چونڊجي ويو [79]

 
ولاديمير پيوٽن (کاٻي طرف کان ٽيون), سرگي آڪسونوف (کاٻي پاسي پھريون), ولاديمير ڪانسٽنٽينوف (کاٻي پاسي ٻيون) ۽ ايڪسئي چلياء (ساڄي پاسي) 2014ع ۾ ڪرائميائي ريپبلڪ جي روس سان الحاق جي معاھدي تي صحيحون ڪندي

2 مارچ 2008 تي دميتري مدوديف صدارتي چونڊ کٽي ملڪ جو صدر ٿيو ۽ پيوٽن وري ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. پيوٽن آئيني رڪاوٽ سبب ٽيون ڀيرو لاڳيتو صدر ٿي نہ پئي سگھيو[80]. 2012 جي صدراتي چونڊن ۾ پيوٽن وري صدر چونڊجي آيو[81] ۽ مدوديف ملڪ جو وزيراعظم مقرر ٿيو [82][83]. 2014ع ۾ يوڪرين ۾ انقلاب اچڻ سبب اتان جو صدر وڪٽر يانوڪوويچ ملڪ ڇڏي ٻڄي ويو جنھن بعد پيوٽن پارليامينٽ کان يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ جي منظوري ورتي جنھن ذريعي ھن ڪرائميا جو ڪنٽرول حاصل ڪيو[84]. 2014 ۾ ڪرائميا ۾ ريفرنڊم ڪرايو ويو جنھن ۾ ووٽرن جي اڪثريت علحدگي جي حق ۾ ووٽ ڏنو[85] روس ڪرائميا کي پنھنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن قدم کي عالمي برادري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو[86] سيپٽمبر 2015ع ۾ روس شام جي گھرو ويڙھ دوران شامي حڪومت جي مدد ۾ فوج موڪلي ۽ جنگجو گروھ آء ايس آء ايل جي اسلامڪ اسٽيٽ، النصرہ فرنٽ (ليونت جي القاعده)، آرمي اف ڪانڪئيسٽ ۽ ٻين گروهن تي ھوائي حملا ڪيا[87]. 2018 جي ئ صدارتي چونڊ ۾ پيوٽن چوٿون ڀيرو روس جو صدر چونڊجي آيو جيڪو سندس آخري آئيني مدو ھيو[88]. جنوري 2020 ۾ روس جي آئين ۾ اھم آئيني ترميمون ڪيون ويون جنھن ذريعي پيوٽن کي ايندڙ وڌيڪ ٻن مدن تائين صدارتي چونڊ ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ملي وئي[89]. اپريل 2021 ۾ پيوٽن آئين ترميمن جي توثيق ڪئي [90]

جاگرافيسنواريو

 
روس جو ٽوپوگرافي وارو نقشو

روس ڪثيرالبراعظمي ملڪ آھي جيڪو ايشيا ۽ يورپ جي وسيع علائقن تي مشتمل آهي[91] روس جون سرحدون فنلئنڊ، ناروي، اسٽونيا، ليٽويا، لٿوانيا، پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قزاقستان، چين، منگوليا ۽ اتر ڪوريا ملن ٿيون. روس جي ساحلي ڪنارن جي ڊيگھ 37٬653 km (23٬396 mi) جيڪا دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آهي[92]}}[93]. روس جو جاگرافيائي محل وقوع متوازي ليٽيٽوڊ اتر ۾ °41 ۽ °82 ۽ متوازي لانگيٽيوڊ اوڀر ۾ °19 ۽ اولھ ۾ °169 آھي. روس جي پکيڙ دنيا جي ٽن کنڊن: اوشنيا، ايٽارڪٽيڪا ۽ يورپ کان بہ وڏي آھي[94] ان جو زميني مٿاڇرو پلوٽو جي سطحي مٿاڇري جي برابر آهي[95] روس جي ي اولھ واري آخري ترين بالٽڪ سمنڊ وارو ڪنارو آھي جيڪو ان جي حد ڪاليننگراڊ اوبلاسٽ ۾ واقع آھي ۽ اوڀر ۾ آخري ترين حد بيرنگ آبي لنگھ جو بگ دائيوميد ٻيٽ آھي. انھن ٻنھي آخري سرحدي ڇيڙن وچ ۾ فاصلو 9000 ڪ م آهي[96]. ھن ملڪ ۾ 9 وڏن جبلن جون قطارون آھن جيڪي ان جي ڏاکڻي حصن ۾ واقع آھن جن مان سڀ مشھور ڪوھ قاف جبلن جي قطار آهي جنھن جي سڀ کان وڏي چوٽي مائونٽ ايلبروس آھي جنھن جي اوچائي 5٬642 m (18٬510 ft) آهي. اھا روس جي ۽ يورپ کنڊ جي پڻ سڀ کان اوچي چوٽي آهي.
روس جون سرحدون ٻن وڏن سمنڊن ھرھڪ پيسيفڪ سمنڊ ۽ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ 13 ننڍن سمنڊن ھرھڪ اولھ ۾ بالٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولھ ۾ ڪارو سمنڊ ۽ ازوف وارو سمنڊ، اتر ۾ بارينٽس سمنڊ، ڪارا سمنڊ، ليپٽيف سمنڊ ، پچورا سمنڊ، اڇو سمنڊ ۽ اوڀر سائبيريائي سمنڊ، اتر اوڀر ۾ چڪچي سمنڊ ۽ بيرنگ سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ اوخاتسڪ سمنڊ ۽ جپاني سمنڊ سان ملن ٿيون[91][96] روس جي وڏن ٻيٽن يا ٻيٽن جي جھرمٽن ۾ نووايا زيمليا، فرانز جوزف لينڊ، سيورنايا زيمليا، نيو سائبيرين آئلينڊز، ورينگل ٻيٽ ڪرل آئلينڊز ۽ سيخلن ٻيٽ شامل آهن[97][98] دائيوميد آئلينڊز روسي سرزمين کان 3.8 km (2.4 mi) جي فاصلي تي واقع آهن[99]
روس ۾ ھڪ لک کان بہ وڌيڪ وڏيون ۽ ننڍڙيون نديون وڻن ٿيون[91] ۽ دنيا ۾ زميني سطح تي موجود پاڻي جي ذخيرن ۾ سڀ وڌيڪ روس ۾ آھن دنيا ۾ تازي پاڻي جي ڍنڍن ۾ چوٿون حصو پاڻي جو ذخيرو روس ۾ آھي. بيڪال ڍنڍ روس جي سڀ کان وڏي تازي پاڻي واري ڍنڍ آهي جيڪا دنيا جي سڀ کان اونھي، سڀ کان صاف، سڀ کان پراڻي ۽ سڀ کان وڌيڪَ ڪشادي تازي پاڻي واري ڍنڍ آهي جيڪا دنيا جي زميني سطح واري تازي پاڻي جي ذخيرن جو پنجون حصو آهي[100]. ان کان سواء لادوگا ڍنڍ ۽ اونيگا ڍنڍ روس جي اتر اولھ ۾ يورپ ۾ واقع آھن جن جو شمار يورپ جي سڀ کان وڏين ڍنڍن ۾ ڻئي ٿو[91] متبادل پاڻي وارن ذخيرن ۾ روس برازيل کان پوءِ دنيا ۾ ٻئين نمبر تي آهي[101]. روس جي قومي ۽ تاريخي اھميت واري ندي وولگا آھي جيڪا يورپ جي سٻ کان ڊگھي ندي آھي[102] سائبيريائي ندين ھرھڪ اوبي ندي، يينيسي ندي، لينا ندي ۽ آمور ندي جو شمار دنيا جي ڊگھين ندين ۾ ٿئي ٿو[102].

 
روس جي ڪوپن واري موسمي درجابندي[103]

سياسي نظامسنواريو

   
ولاديمير پيوٽن
روسي فيڊريشن جو صدر
مخائيل مسھاستن
روسي فيڊريشن جو وزير اعظم

روسي آئين مطابق ھي ملڪ غيرمتناسبي وفاق ۽ نيم صدارتي ريپببلڪ آھي جنھن ۾ صدر رياست جو سربراھ آھي[104] ۽ وزيراعظم حڪومت جو سربراھ آھي. ھتان جو سياسي نظام ڪثيرالجماعتي نمائندگي واري جمھوريت آھي جنھن ۾ وفاقي حڪومت ٽن شاخن تي مشتمل آهي جن ۾ مقننه، انتظاميه ۽ عدليه شامل آهن[105] مقننه ٻہ ايواني ادارو آهي جنھن کي روس جي فيڊرل اسيمبلي سڏين ٿا. ان جي ھيٺين ايوان جو نالو اسٽيٽ ڊوما آھي جنھن جا 450 رڪن آھن ۽ مٿئين ايوان جو نالو فيڊريشن ڪائونسل جنھن جا 170 رڪن آھن. روس جي اھا مقننه وفاقي قانون منظور ڪندي آھي، ان کان سواءِ جنگ جو اعلان، معاھدن جي منظوري ۽ صدر جو مواخذو ڪرڻ جا اختيار پڻ رکي ٿي. انتظاميه يا ايگزيڪٽو واري شاخ ۾ صدر روسي فوج جو سپريم ڪمانڊر ان چيف آهي ۽ کيس ڪنھن بہ منظور ڪيل قانوني بل جي توثيق جي بجاء ويٽو ڪرڻ جا اختيار پڻ آهن. حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ افيسرن جي مقرري پڻ ڪندو آهي. عدليه واري شاخ ۾ آئيني عدالت، سپريم ڪورٽ ۽ ننڍيون وفاقي ڪورٽون شامل آهن. انھن سموري ڪورٽن جي منظوري مقننه جو مٿيون ايوان: فيڊريشن ڪائونسل صدر جي سفارش تي ڪندو آهي. آھي عدالتون قانون جي تشريح ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪنھن بہ قانون کي غير آئيني قرار ڏئي سگھن ٿيون. صدر جو مدو 6 سال آھي جيڪو عام ووٽ ذريعي چونڊيو ويندو آهي. ساڳيو ماڻھو لاڳيتو رڳو ٻہ دفعا عھدي تي رھي سگھي ٿو[106] حڪومتي وزارت ۾ وزيراعظم کي پريميئر سڏين ٿا ۽ ڪابينه ۾ ڊپٽي پريميئر ۽ وزير ۽ ٻيا چونڊيل شامل ھوندا آھن جن جي مقرري صدر وزيراعظم جي سفارش سان ڪندو آهي. وزيراعظم جي مقرري اسٽيٽ ڊوما جي منظوري سان ٿيندي آهي


روس جي سياسي ورھاستسنواريو


روس جي وفاق جي سياسي ورھاست منفرد آھي ان ۾ 85 علائقا شامل آھن جن ۾ ان جون اوبلاسٽون (صوبا)، وفاقي انتظام وارا شھر، ريپبلڪون، خودمختيار آبلاسٽون (صوبا)، ڪِرَائَي ۽ خودمختيار آڪرگ شامل آهن. انھن سڀني کي آئين ۾ ھڪ نالو فيڊرل سبجيڪٽ ڏنو ويو آهي.


فيڊرل سبجيڪٽ حڪومت
  46 آبلاسٽ
فيڊرل سبجيڪٽ ۾ سڀ کان عام ڊويزن آبلاسٽ يا صوبو
ھر ريپبلڪ نالي ۾ خودمختيار ھوندي آھي;[107]
ڪرائيون بہ لڳ ڀڳ اوبلاسٽ جي مثل ھونديون آھن. ڪرائي جي لفظي معني سرحد يا علائقو آهي. اھو سرحد واري جاگرافيائي بيھڪ سبب انھن تي تاريخي نالو پيل آهي. ھاڻي موجود ڪرائيون سرحدن تي واقع ناھن
ڪڏھن ڪڏھن انھن کي خودمختيار ضلعا يا خودمختيار علائقا يا خودمختيار خطا پڻ سڏيو ويندو آهي. اتي ڪانہ ڪا مخصوص نسلي اقليت جي غلبو ھوندو آھي
روس جا اھي وڏا شھر جيڪي ھڪ الڳ علائقي انتظام ھلائن ٿا (جن ۾ ماسڪو، سينٽ پيٽرزبرگ ۽ سيواستوپول شامل آهن)
  1  خودمختيار اوبلاسٽ
يھودين واري خودمختيار اوبلاسٽ روس جي واحد خودمختيار اوبلاسٽ آهي[108]

روس جون اوبلاسٽسنواريو

فيڊرل سبجيڪٽ ۾ سڀ کان عام ڊويزن اوبلاسٽ يا صوبي واري آھي جن ۾ سربراھ گورنر ۽ اوبلاسٽ جي پنھنجي مقننه پڻ ھوندي آھي. گھڻي ڀاڱي انھن جا نالا انھن جي صدر مقامن جي نالن تان رکيل آھن

روس جون ريپبلڪونسنواريو

روس جي وفاق ۾ ۾ 22 خودمختيار ريپبلڪون شامل آهن. اھي رڳو نالي ۾ خودمختيار ھونديون آھن. اھي ڪنھن نہ ڪنھن اقليتي نسلي گروھ جو وطن ھونديون آھن ۽ انھن جو پنھنجو الڳ آئين پڻ ھوندو آھي پر انھن جي بين الاقوامي نمائندگي روسي وفاقي حڪومت ذريعي ٿيندي آهي[109].

ريپبلڪون
 

1. آديجيئا
2. التائي
3. باشڪورٽاسٽن
4. بوريئيشيا
5. چيچنيا
6. چواشيا
7. ڪرائميا[110]
8. داغستان
9. انگشيشيا
10. ڪيبارڊنو بالڪيريا
11. ڪالميڪيا

12. ڪَيرَچَي چَرڪَيسِيا
13. ڪريليا
14. خاڪيشيا
15. ڪامي
16. ماري ايل
17. ماردووائيا
18. نارٿ اوسيشيا الانيا
19. سيکا
20. تاتارستان
21. تووا
22. ادمرشيا

قسم وفاق ۾ شامل رياستون
علائقو روسي فيڊريشن
انگ 22
آبادي سڀ کان ننڍي: التائي, 206,195
سڀ کان وڏي: باشڪورٽاسٽن, 4,072,102
ايراضي سڀ کان ننڍي: انگشيشيا, 3٬123 km2 (1٬206 sq mi)
سڀ کان وڏي: سيکا,3٬083٬523 km2 (1٬190٬555 sq mi)
حڪومت ريپببلڪ جي حڪومت
ذيلي تقسيم ضلعا, وفاقي انتظام وارا شھر

پرڏيهي ناتاسنواريو

 
پيوٽن 1919ع ۾ پنھنجي ھم منصبن سان جي 20 جي اوساڪا واري اجلاس ۾

روس سفارتي تعلقاتن ۾ دنيا ۾ پنجين نمبر تي وڏو نيٽورڪ رکندڙ ملڪ آهي. ان جا 190 گڏيل قومن جي رڪن ملڪن، 2 گڏيل قومن جي جزوي تسليم ڪيل ملڪن، 3 گڏيل قومن جي مبصر ملڪن سان سفارتي تعلقات آهن. 140 ملڪن ۾ ان جا سفارتخانا کليل آھن[111]. اھو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل رڪن آھي. جي 20، ، ڪائونسل آف يورپ، آرگنائيزيشن فار سيڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، ايشيا پيسفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس، يوريشين ايڪانامڪ يونين، ڪليڪٽو سڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن، شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۽ برڪس جو رڪن آهي[112] [113] [114]. سربيا سان ثقافتي، نسلي ۽ مذھبي قربت ھجڻ ڪري روس جا تاريخي ناتا آھن[115]. ايڪويهين صديءَ ۾ روس ۽ چين جا باھمي ۽ معاشي تعلقات تمام مضبوط ٿيا آهن. 2001 ۾ ٻنھي وچ ۾ دوستي وارو معاھدو ٿيو جنھن تحت چين تائين ايسٽرن سائبيريا پيسيفڪ اوشن تيل پائيپ لائين ۽ پاور آف سائبيريا تيل جي پائيپ لائين وڇايون ويون.[116]

معيشتسنواريو

 
ماسڪو يورپ ۾ ھڪ وڏو مالياتي مرڪز آھي. اھو دنيا جي سڀ کان وڏين شھري معيشتن ۾ شامل آھي
 
1991 کان 2019 تائين بين الاقوامي ڊالرن ۾ مساوي قوت خريد مطابق روس جي جي ڊي پي جي واڌ

روس قدرتي وسيلن خصوصن تيل ۽ قدرتي گيس جي ذخيرن سان سرشار مڪسڊ ايڪانامي وارو ملڪ آهي[117] [118]. ناليوارو جي ڊي پي جي لحاظ کان روسي معيشت دنيا ۾ يارھين نمبر تي ۽ مساوي قوت خريد ۾ ان جي جي ڊي پي دنيا ۾ ڇھين نمبر تي آهي. 2017 ۾ خدمتن واري شعبي جو جي ڊي پي ۾ حصو %62 ھيو ۽ صنعتي شعبي جو حصو %32 ھيو، جڏهن تہ زراعت جي شعبي جو جي ڊي پي ۾ حصو %5 ھيو.\[119].روس ۾ بيروزگاري گھٽ آھي ان جي شرح ڪل %4.5 آھي[120] ۽ اتي غربت جي شرح ڪل آبادي جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھي جيڪا %12.6 آھي[121] سرڪاري انگ اکرن مطابق ملڪ جي %70 آبادي جو شمار وچولي طبقي ۾ ٿئي ٿو [122] پر ڪجھ معاشي ماھر ان انگ اکرن تي اختلاف رکن ٿا.[123][124] روس جي زر مبادلہ جا ذخيرا $604 ارب ڊالر آھن جنھن ھن ملڪ جو زر مبادلہ جي سڀ کان وڏن ذخيرن ۾ دنيا جي ملڪن ۾ پنجون نمبر آھي[125]. ملڪ ۾ مزدورن جو تعداد 7 ڪروڙ آھي. مزدورن جي تعداد ۾ ھي ملڪ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آهي[126] اھو موٽر گاڏين جي پيداوار ۾ دنيا جو ڏھون نمبر وڏو ملڪ آهي.[127]. برآمدن ۾ روس دنيا جي ملڪن ۾ چوڏھون نمبر وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي[128] In 2016, the oil-and-gas روسي وفاقي بجيٽ ۾ آمدني ۾ برآمدن جو حصو %36 آهي[129]. ھن ملڪ ۾ ھموار ٽيڪس جي شرح %13 آھي ان ڪري متحده عرب امارات کان پوء روسي ٽيڪس نظام دنيا جو ٻيون نمبر پرڪشش ٽيڪس نظام آهي[130]

حوالاسنواريو

  1. www.1150russia.ru (ٻولي ۾ Russian language). Комитет культуры Новгородской области (Novgorod Region Culture Committee) https://web.archive.org/web/20140714233159/http://www.1150russia.ru/ukaz-prezidenta-rf-o-prazdnovanii-1150-letiya-zarozhdeniya-rossiyskoy-gosudarstvennosti.html. وقت July 14, 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 20, 2016.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. "The Russian federation: general characteristics". Federal State Statistics Service. وقت July 28, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 5, 2008. 
  3. 3.0 3.1 "ПРЕДВАРИТЕЛЬНАЯ ОЦЕНКА ЧИСЛЕННОСТИ ПОСТОЯННОГО НАСЕЛЕНИЯ на 1 января 2018 г. и в среднем за 2017 г.". www.gks.ru. حاصل ڪيل February 23, 2018. 
  4. When including the Republic of Crimea and Sevastopol, the total population of Russia rises to 146,877,088.[3]
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  6. "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل November 2, 2017. 
  7. "Human Development Report 2016 – "Human Development for everyone"" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل March 21, 2017. 
  8. Taylor, Adam (March 22, 2014). "Crimea has joined the ranks of the world's 'gray areas.' Here are the others on that list.". The Washington Post. https://www.washingtonpost.com/blogs/worldviews/wp/2014/03/22/crimea-has-joined-the-ranks-of-the-worlds-gray-areas-here-are-the-others-on-that-list/. Retrieved March 27, 2014. 
  9. Vernadsky, George (1973). Kievan Russia. Yale University Press. pp. 430. ISBN 978-0-300-01647-5. 
  10. Klyuchevsky, V. (1987). The course of the Russian history. 1. Myslʹ. ISBN 978-5-244-00072-6. http://www.kulichki.com/inkwell/text/special/history/kluch/kluch16.htm. 
  11. Hamm, Michael F. (1993). Kiev: A Portrait, 1800-1917. Princeton University Press. pp. 328. ISBN 978-0-691-02585-8. 
  12. Halperin, Charles J. (1987). Russia and the Golden Horde: The Mongol Impact on Medieval Russian History. Indiana University Press. pp. 192. ISBN 978-0-253-20445-5. 
  13. "Battle of the Neva". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 22 June 2021. 
  14. Ostrowski, Donald (2006). "Alexander Nevskii's "Battle on the Ice": The Creation of a Legend". Russian History 33 (2/4): 289–312. doi:10.1163/187633106X00186. 
  15. 15.0 15.1 15.2 15.3 Curtis, Glenn E. "Russia - Muscovy". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 25 June 2021. 
  16. Davies, Brian L. (2014). Warfare, State and Society on the Black Sea Steppe, 1500–1700. Routledge. p. 4. http://www.reenactor.ru/ARH/PDF/Davies.pdf#page=20. 
  17. Jotischky, Andrew; Hull, Caroline (2005). The Penguin Historical Atlas of the Medieval World. Penguin Books. pp. 122–123. ISBN 978-0-14-101449-4. 
  18. Galeotti, Mark (2019). Kulikovo 1380: The battle that made Russia. pp. 96. ISBN 978-1-4728-3121-7. 
  19. Hamlin, Cyrus. "The Dream of Russia". The Atlantic. حاصل ڪيل 2 June 2021. 
  20. 20.0 20.1 20.2 Payne, Robert; Romanoff, Nikita (2002). Ivan the Terrible. pp. 520. ISBN 978-0-8154-1229-8. 
  21. Wood, Alan (2011). Russia's Frozen Frontier: A History of Siberia and the Russian Far East 1581 - 1991. pp. 320. ISBN 978-0-340-97124-6. 
  22. Riasanovsky, Nicholas V.; Lawrence, John (1960). A history of Russia. pp. 654. ISBN 978-0-19-534197-3. https://books.google.com/books?id=bHdPAgAAQBAJ. 
  23. Matsuki, Eizo. "The Crimean Tatars and their Russian-Captive Slaves" (PDF). Mediterranean Studies Group at Hitotsubashi University. وقت 1 May 2011 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 May 2013. 
  24. Tucker, Spencer C. (2009). A Global Chronology of Conflict: From the Ancient World to the Modern Middle East. ISBN 978-1-85109-672-5. 
  25. Williams, Brian Glyn. "The Sultan's Raiders: The Military Role of the Crimean Tatars in the Ottoman Empire" (PDF). The Jamestown Foundation. صفحو. 27. وقت 21 October 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  26. Curtis, Glenn E. "Russia - Early Imperial Russia". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 25 June 2021. 
  27. 27.0 27.1 Glenn E. Curtis (وڪي نويس.). "Russia - Ruling the Empire". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 25 June 2021. 
  28. Chew, Allen F. (2009). An Atlas of Russian History: Eleven Centuries of Changing Borders. Yale University Press. ISBN 978-0-300-01445-7. 
  29. 29.0 29.1 Curtis, Glenn E. "Russia - Transformation of Russia in the Nineteenth Century". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 25 June 2021. 
  30. "How The World Went To War In 1914". Imperial War Museum. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  31. Tomaszewski, Fiona K. (2002). A Great Russia: Russia and the Triple Entente, 1905-1914. Greenwood Publishing Group. pp. 19–. ISBN 978-0-275-97366-7. 
  32. Schindler, John (2003). "Steamrollered in Galicia: The Austro-Hungarian Army and the Brusilov Offensive, 1916.". War in History 10 (1): 27–59. doi:10.1191/0968344503wh260oa. 
  33. 33.0 33.1 33.2 33.3 33.4 Curtis, Glenn E. "Russia - Revolutions and Civil War". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 26 June 2021. 
  34. Swain, Geoffrey (2014). Trotsky and the Russian Revolution. Routledge. p. 15. ISBN 978-1-317-81278-4. ""The first government to be formed after the February Revolution of 1917 had, with one exception, been composed of liberals."" 
  35. https://www.prlib.ru/history/619540.  Unknown parameter |script-website= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  36. Carley, M. (1989). Allied Intervention and the Russian Civil War, 1917-1922. The International History Review, 11(4), 689-700. Retrieved June 26, 2021.
  37. Blakemore, Erin. "How the Red Terror set a macabre course for the Soviet Union". National Geographic. حاصل ڪيل 26 June 2021. 
  38. Mawdsley, Evan (2007). The Russian Civil War. New York City. p. 287. ISBN 978-1-68177-009-3. 
  39. Hassell, James E. (1992). Russian Refugees in France and the United States Between the World Wars (Transactions of the American Philosophical Society). pp. 96. ISBN 978-0-87169-817-9. 
  40. Haller, Francis. "Famine in Russia: the hidden horrors of 1921". Le Temps. International Committee of the Red Cross. حاصل ڪيل 26 July 2021. 
  41. "USSR Established". History. حاصل ڪيل 26 June 2021. 
  42. Chapple, Amos. "Operation Barbarossa: The Nazi Invasion Of The U.S.S.R. 80 Years Ago". Radio Free Europe/Radio Liberty. حاصل ڪيل 2 July 2021. Nazi Germany led the largest-ever ground invasion force in an attack on the Soviet Union in 1941 that unleashed a brutal conflict that cost the lives of millions of people. 
  43. Taylor, Alan. "World War II: The Eastern Front". The Atlantic. حاصل ڪيل 2 July 2021. 
  44. Jones, Adam (2010). Genocide: A Comprehensive Introduction (2nd ed.). Routledge. p. 271. ISBN 978-0-415-48619-4. ""The large majority of POWs, some 2.8 million, were killed in just eight months of 1941–42, a rate of slaughter matched (to my knowledge) only by the 1994 Rwanda genocide."" 
  45. Kagan, Neil; Hyslop, Stephen. "The Soviet victory in the Battle of Berlin finished Nazi Germany". National Geographic. حاصل ڪيل 29 May 2021. 
  46. Goldman, Stuart D. "The Forgotten Soviet-Japanese War of 1939". The Diplomat. حاصل ڪيل 29 May 2021. 
  47. Neiberg, Michael (2015). Potsdam: The End of World War II and the Remaking of Europe. Basic Books. pp. 368. ISBN 978-0-465-04062-9. 
  48. Frucht, Richard C. (2003). Encyclopedia of Eastern Europe: From the Congress of Vienna to the Fall of Communism. Taylor & Francis Group. ISBN 978-0-203-80109-3. 
  49. Holloway, David (1994). Stalin and the Bomb: The Soviet Union and Atomic Energy 1939–1956. Yale University Press. pp. 505. ISBN 978-0-300-06056-0. 
  50. Mastny, Vojtech; Malcolm, Byrne (2005). A Cardboard Castle?: An Inside History of the Warsaw Pact, 1955–1991. Budapest: Central European University Press. ISBN 978-963-7326-07-3. 
  51. Wagg, Stephen; Andrews, David (2012). East Plays West: Sport and the Cold War. Routledge. p. 11. ISBN 978-1-134-24167-5. 
  52. Jones, Polly (7 April 2006). The Dilemmas of De-Stalinization: Negotiating Cultural and Social Change in the Khrushchev Era. Routledge. pp. 2–4. ISBN 978-1-134-28347-7. 
  53. Taubman, William (1990). Khrushchev: The Man and His Era. W. W. Norton & Company and Simon & Schuster. pp. 871. ISBN 978-0-393-32484-6. 
  54. Fuelling, Cody. "To the Brink: Turkish and Cuban Missiles during the Height of the Cold War". International Social Science Review (University of North Georgia) 93 (3). https://digitalcommons.northgeorgia.edu/cgi/viewcontent.cgi?article=1218&context=issr. Retrieved 28 May 2021. 
  55. Brzezinski, Matthew B. (2007). Red Moon Rising: Sputnik and the Hidden Rivalries That Ignited the Space Age. New York City: Henry Holt and Company. ISBN 978-0-8050-8147-3. 
  56. Jenks, Andrew L. (2012). The Cosmonaut Who Couldn't Stop Smiling: The Life and Legend of Yuri Gagarin. Northern Illinois University Press. ISBN 978-0-87580-447-7. 
  57. Brownell, Richard. "Reagan and Gorbachev's First Brush with Peace". Medium. حاصل ڪيل 17 July 2021. 
  58. Taubman, William (2017). Gorbachev: His Life and Times. New York City: Simon & Schuster. ISBN 978-1-4711-4796-8. 
  59. Beissinger, Mark R. "Nationalism and the Collapse of Soviet Communism" (PDF). Princeton University. حاصل ڪيل 25 June 2021. 
  60. Hanson, Philip (2003). The Rise and Fall of the Soviet Economy. Routledge. pp. 292. ISBN 978-0-582-29958-0. 
  61. "Russia Unforeseen Results of Reform". The Library of Congress Country Studies; CIA World Factbook. حاصل ڪيل 10 March 2008. 
  62. Dahlburg, John-Thor; Marshall, Tyler (September 7, 1991). "Independence for Baltic States: Freedom: Moscow formally recognizes Lithuania, Latvia and Estonia, ending half a century of control. Soviets to begin talks soon on new relationships with the three nations". Los Angeles Times. https://www.latimes.com/archives/la-xpm-1991-09-07-mn-1530-story.html. 
  63. Parks, Michael. "Vote Backs Gorbachev but Not Convincingly : Soviet Union: His plan to preserve federal unity is supported--but so is Yeltsin's for a Russian presidency.". Los Angeles Times. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  64. Remnick, David. "YELTSIN ELECTED PRESIDENT OF RUSSIA". The Washington Post. حاصل ڪيل 6 June 2021. 
  65. Bonnell, Victoria E.; Cooper, Ann; Freidin, Gregory (1994). Russia at the Barricades: Eyewitness Accounts of the August 1991 Coup. New York Times: Routledge. pp. 384. ISBN 978-1-315-70099-1. 
  66. Plokhy, Serhii (2014). The Last Empire: The Final Days of the Soviet Union. pp. 520. ISBN 978-1-78074-646-3. 
  67. Glenn E. Curtis (وڪي نويس.). "Russia - Economic Conditions in Mid-1996". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 1 August 2021. 
  68. "Russian Federation" (PDF). Organisation for Economic Co-operation and Development (OECD). حاصل ڪيل 24 February 2008. 
  69. Sciolino, E. (21 December 1993). "U.S. is abandoning 'shock therapy' for the Russians". The New York Times. https://www.nytimes.com/1993/12/21/world/us-is-abandoning-shock-therapy-for-therussians.html. 
  70. Johnson, Scott (12 March 2019). "Capital Flight From Russia Carries $750 Billion Price Tag". Bloomberg L.P.. https://www.bloomberg.com/news/articles/2019-03-12/capital-flight-from-russia-carries-750-billion-price-tag-chart. 
  71. Milanovic, Branko (1998). Income, Inequality, and Poverty During the Transformation from Planned to Market Economy. The World Bank. ISBN 978-0-8213-3994-7. 
  72. Satter, David (2003). Darkness at Dawn. Yale University Press. ISBN 978-0-300-10591-9. 
  73. "Who Was Who? The Key Players In Russia's Dramatic October 1993 Showdown". Radio Free Europe. حاصل ڪيل 28 May 2021. 
  74. Bohlen, Celestine. "YELTSIN RESIGNS: THE OVERVIEW; Yeltsin Resigns, Naming Putin as Acting President To Run in March Election". The New York Times. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  75. Tran, Mark. "A bold buffoon". The Guardian. حاصل ڪيل 5 July 2021. 
  76. Wines, Mark. "ELECTION IN RUSSIA: THE OVERVIEW; Putin Wins Russia Vote in First Round, But His Majority Is Less Than Expected". The New York Times. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  77. Crossette, Barbara. "Russia Using Brutality to Suppress Chechens, Rights Group Says". The New York Times. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  78. Guriev, Sergei; Tsyvinski, Aleh (2010). "Challenges Facing the Russian Economy after the Crisis". in Åslund, Anders. Russia After the Global Economic Crisis. Peterson Institute for International Economics; Centre for Strategic and International Studies; New Economic School. pp. 12–13. ISBN 978-0-88132-497-6. 
  79. Mydans, Seth. "As Expected, Putin Easily Wins a Second Term in Russia". The New York Times. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  80. Harding, Luke. "Putin ever present as Medvedev becomes president". The Guardian. حاصل ڪيل 6 June 2021. 
  81. Lally, Kathy; Englund, Will. "Putin wins election as Russian president; opponents claim widespread fraud". The Washington Post. حاصل ڪيل 6 June 2021. 
  82. "Putin and Medvedev in role swap". DW News. حاصل ڪيل 6 June 2021. 
  83. Harding, Luke. "Dmitry Medvedev: the rise and fall of the Robin to Putin's Batman". The Guardian. حاصل ڪيل 16 July 2021. 
  84. "Ousted Ukrainian President Asked For Russian Troops, Envoy Says". NBC News. 3 March 2014. http://www.nbcnews.com/storyline/ukraine-crisis/ousted-ukrainian-president-asked-russian-troops-envoy-says-n43506. 
  85. "Ukraine crisis: Crimea parliament asks to join Russia". BBC. حاصل ڪيل 27 April 2015. 
  86. "General Assembly Adopts Resolution Calling upon States Not to Recognize Changes in Status of Crimea Region". United Nations. حاصل ڪيل 5 July 2021. 
  87. Petkova, Mariya. "What has Russia gained from five years of fighting in Syria?". Al Jazeera. حاصل ڪيل 30 May 2021. 
  88. Hodge, Nathan; Fox, Kara; Dewan, Angela. "Putin tightens grip on power with overwhelming Russian election win". CNN. حاصل ڪيل 6 June 2021. 
  89. "Putin strongly backed in controversial Russian reform vote". BBC. حاصل ڪيل 18 July 2021. 
  90. Roth, Andrew. "Vladimir Putin passes law that may keep him in office until 2036". The Guardian. حاصل ڪيل 7 May 2021. 
  91. 91.0 91.1 91.2 91.3 "Russia". National Geographic Kids. National Geographic. حاصل ڪيل 26 May 2021. 
  92. "Is the Caspian a sea or a lake?". The Economist. 16 August 2018. https://www.economist.com/the-economist-explains/2018/08/16/is-the-caspian-a-sea-or-a-lake. ""Like many lakes, it does not feed into an ocean, but it is sea-like in its size and depth."" 
  93. "Coastline - The World Factbook". Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 27 June 2021. 
  94. Taylor, Callum. "Russia is huge, and that's about the size of it.". Medium. حاصل ڪيل 6 July 2021. Russia takes up 17,098,250 square kilometres, roughly one-eighth of the world's total land mass. That's larger than the entire continent of Antarctica... 
  95. Clark, Stuart. "Pluto: ten things we now know about the dwarf planet". The Guardian. حاصل ڪيل 20 June 2021. Pluto's diameter is larger than expected at 2,370 kilometres across. This is about two-thirds the size of Earth's moon, giving Pluto a surface area comparable to Russia. 
  96. 96.0 96.1 Glenn E. Curtis (وڪي نويس.). "Global Position and Boundaries". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 8 July 2021. 
  97. "Russia". The Arctic Institute – Center for Circumpolar Security Studies. حاصل ڪيل 27 June 2021. 
  98. Aziz, Ziryan. "Island hopping in Russia: Sakhalin, Kuril Islands and Kamchatka Peninsula". Euronews. حاصل ڪيل 27 June 2021. 
  99. "Diomede Islands – Russia". Atlas Obscura. حاصل ڪيل 27 June 2021. 
  100. "Lake Baikal—A Touchstone for Global Change and Rift Studies". United States Geological Survey. حاصل ڪيل 26 December 2007. 
  101. "Total renewable water resources". The World Factbook. Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 9 July 2021. 
  102. 102.0 102.1 "Russia's Largest Rivers From the Amur to the Volga". The Moscow Times. حاصل ڪيل 26 May 2021. 
  103. Beck, Hylke E.; Zimmermann, Niklaus E.; McVicar, Tim R.; Vergopolan, Noemi; Berg, Alexis; Wood, Eric F. (30 October 2018). "Present and future Köppen-Geiger climate classification maps at 1-km resolution". Scientific Data 5: 180214. doi:10.1038/sdata.2018.214. ISSN 2052-4463. PMID 30375988. Bibcode2018NatSD...580214B. 
  104. "The Constitution of the Russian Federation". (Article 80, § 1). حاصل ڪيل 27 December 2007. 
  105. DeRouen, Karl R.; Heo, Uk (2005). Defense and Security: A Compendium of National Armed Forces and Security Policies. ABC-CLIO. p. 666. ISBN 978-1-85109-781-4. https://books.google.com/books?id=wdeBgfmZI0cC&pg=PA666. 
  106. "The Constitution of the Russian Federation". (Article 81, § 3). حاصل ڪيل 27 December 2007. 
  107. Saunders, R.A. (2019). Historical Dictionary of the Russian Federation. Historical Dictionaries of Europe. Rowman & Littlefield. p. 232. ISBN 978-1-5381-2048-4. https://books.google.com/books?id=21ynDwAAQBAJ&pg=PA232. Retrieved 7 July 2021. 
  108. Gessen, Masha (2016). Where the Jews Aren't: The Sad and Absurd Story of Birobidzhan, Russia's Jewish Autonomous Region. Schocken. ISBN 978-0-8052-4246-1. 
  109. Orttung, Robert; Lussier, Danielle; Paetskaya, Anna (2000). The Republics and Regions of the Russian Federation: A Guide to Politics, Policies, and Leaders. New York City: EastWest Institute. pp. 523–524. ISBN 978-0-7656-0559-7. 
  110. "Republic of Crimea". The Territories of the Russian Federation 2018. Europa Territories of the World series. London: Routledge. 2018. pp. 180. ISBN 9781351103916. OCLC 1027753558. https://books.google.com/books?id=1z1MDwAAQBAJ&pg=PT180. "Note: The territories of the Crimean peninsula, comprising Sevastopol City and the Republic of Crimea, remained internationally recognized as constituting part of Ukraine, following their annexation by Russia in March 2014." 
  111. "Global Diplomacy Index – Country Rank". Lowy Institute. حاصل ڪيل 27 January 2021. 
  112. "Russia's 'Pivot to Asia' and the SCO". The Diplomat. حاصل ڪيل 2 January 2020. 
  113. Avedissian, Karena. "Fact Sheet: What is the Eurasian Economic Union?". EVN Report. حاصل ڪيل 15 May 2021. 
  114. Kulik, Sergey. "Russia and the BRICS: Priorities of the Presidency". Council of Councils. حاصل ڪيل 2 January 2020. 
  115. Vuksanovic, Vuk. "Why Serbia Won't Stop Playing the Russia Card Any Time Soon". The Moscow Times. حاصل ڪيل 15 May 2021. 
  116. Šćepanović, Janko (14 June 2021). "Good China-Russia Relations Are Here to Stay". The Diplomat. https://thediplomat.com/2021/06/good-china-russia-relations-are-here-to-stay/. 
  117. "Mixed economy". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 4 June 2021. Mixed economies also arose in many countries that formerly had centrally planned and socialist economies. The mixed economies in modern China and Russia, for example, evolved from communist systems that were too inefficient to compete in the modern global economy. 
  118. Excerpted from Glenn E. Curtis (وڪي نويس.). "Russia - Natural Resources". Washington, D.C.: Federal Research Division of the Library of Congress. حاصل ڪيل 25 June 2021. Russia is one of the world's richest countries in raw materials, many of which are significant inputs for an industrial economy. Russia accounts for around 20 percent of the world's production of oil and natural gas and possesses large reserves of both fuels. This abundance has made Russia virtually self-sufficient in energy and a large-scale exporter of fuels. 
  119. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cia
  120. "Unemployment, total (% of total labor force) (national estimate) – Russian Federation | Data". World Bank. حاصل ڪيل 5 November 2020. 
  121. "Poverty headcount ratio at national poverty lines (% of population) – Russian Federation | Data". The World Bank. حاصل ڪيل 5 November 2020. 
  122. "Putin highlights Russia's middle class as comprising more than 70% of population". TASS. 18 March 2020. https://tass.com/economy/1131615. 
  123. Braun, Bernhard. "In search of Russia's middle class". Centre for East European and International Studies. حاصل ڪيل 6 November 2020. 
  124. Alexandrov, Ivan. (ٻولي ۾ Russian). Eurasianet https://russian.eurasianet.org/сколько-в-россии-среднего-класса. حاصل ڪيل 6 November 2020.  Missing or empty |title= (مدد)
  125. "International Reserves of the Russian Federation (End of period)". Central Bank of Russia. حاصل ڪيل 21 June 2021. 
  126. "Labor force - The World Factbook". Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 16 June 2021. 
  127. "2020 PRODUCTION STATISTICS". OICA. حاصل ڪيل 16 June 2021. 
  128. "Exports - The World Factbook". Central Intelligence Agency. حاصل ڪيل 16 June 2021. 
  129. "Russia – Analysis". EIA. حاصل ڪيل 17 February 2021. 
  130. "Global personal taxation comparison survey–market rankings". Mercer (consulting firms). حاصل ڪيل 27 December 2007.