آيت الله خامنائي
آيت الله سيد علي حسيني خامنائي ايران جو ٻيو ۽ موجوده سپريم ليڊر (رهبر معظم 237) آهي. پاڻ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر به رهي چڪو آهي. اسلامي انقلاب کان اڳ ۽ شروع وارا ڪجهه سال ”وزيراعظم“ جو به عهدو هو جيڪو نئين آئين مطابق ختم ڪري وزيراعظم جون ڪيتريون ئي جوابداريون ملڪ جي صدر حوالي ڪيون ويون آهن ۽ صدر جيڪو پهرين فقط نالي ماتر رهيو ٿي يعني علامتي سربراھ طور ۽ سندس ڪي خاص اختيار نه هئا هاڻ انتظاميه ۽ ریاست جو سربراہ آهي. هو ملڪ جو سڀ ۾ وڏو چونڊيل نمائندو آهي.[حوالو گهربل]
Sayyed Ali Khamenei سید علی خامنائي | |
---|---|
2nd رهبر معظم | |
دفتر سنڀاليو 4 جون 1989 | |
صدر | |
پيشرو | روح الله خميني |
3rd ايراني صدر | |
عهدو سنڀاليو 13 آڪٽوبر 1981 – 3 آگسٽ 1989 | |
وزير اعظم | مير حسن موسوي |
عظيم اڳواڻ | روح الله خميني |
پيشرو | محمد علي رجائي |
جانشين | اڪبر هاشمي رفسنجاني |
اسلامي ريپبلڪن پارٽي جو سربراهه | |
عهدو سنڀاليو 15 جولاءِ 1981 – 15 مئي 1987 | |
ڊپٽي | مير حسين موسوي |
پيشرو | محمد جواد باھنر |
جانشين | پارٽي ٽٽي وئي |
ايراني پارليامينٽ جو رڪن | |
عهدو سنڀاليو 28 مئي 1980 – 13 آڪٽوبر 1981 | |
حلقو | تھران صوبو |
اڪثريت | 1,405,976 (65.8%)[1] |
تھران جي جمعي نماز جو امام | |
دفتر سنڀاليو 14 جنوري 1980 | |
مقرر بطرف | روح الله خميني |
عارضي امام | |
پيشرو | حسين علي منتظري |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | سيد علي حسيني خامنائي اپريل 1939 (عمر 85 سال) مشھد , ايران |
سياسي جماعت |
|
جيون ساٿي | خجسته باقرزادي (m. 1964) |
ٻار ٻچا |
|
مذهب | شیعہ (ٻارھن امامن وارو ) |
دستخط | |
ويب سائٽ | english |
صدر کانسواءِ ملڪ جو ٻيو سربراه ”رهبر معظم “ يعني سپريم ليڊر سڏجي ٿو. هو ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اٿارٽي مڃيو وڃي ٿو. امام خميني اسلامي جمهوريہ ايران جو پهريون سپريم ليڊر هو ۽ 1989 ۾ سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين سيد علي حسيني خامنہ اي ايران جو ٻيو سپريم ليڊر آهي. سندس تصويرون اڪيلي سر يا امام خميني سان گڏ جتي ڪٿي نظر اينديون. سپريم ليڊر گهڻو ڪري اهو ٿئي ٿو جيڪو عالم دين هجي.
سيد علي حسيني خامنہ اي سپريم ليڊر ٿيڻ کان اڳ، امام خميني جي ڏينهن ۾ 1981 کان 1989 تائين ايران جو صدر ٿي رهيو.[حوالو گهربل] اسلامي انقلاب بعد ايران جا هيستائين ست صدر ٿي چڪا آهن.
پرورش ء تعليم
سنواريوپاڻ 1939 ۾ مشهد ۾ رهندڙ هڪ آذري ڪُٽنب ۾ ڄائو. علي خامنہ اي اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٻيو نمبر وڏو ٻار آهي. هن جا ٻه ٻيا ڀائر بہ هن وانگر ايران جا وڏا مذهبي عالم آهن. سندس ننڍو ڀاءُ هادي خامنہ اي هتي جي هڪ اخبار جو قابل ايڊيٽر ۽ مولوي آهي.
علي خامنہ ايءَ پرائمري تعليم دوران مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ پڙھڻ ويو. مشهد جي هن مدرسي ۾ ايران جون مشهور شخصيتون حاجي شيخ هاشم قاضيويني ۽ آيت الله ميلاني هن جا معلم رهيا. 1957 ۾ هو نجف هليو ويو جتي هڪ سال جو مختصر عرصو گذارڻ بعد قم ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن آيت الله حسين بورجردي ۽ آيت الله روح الله خميني جهڙن شخصيتين جي ڪلاس مان علم پرايو. انکانپوءِ 1963 کان هن اسلامي تحريڪن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شهنشاھ پهلوي جو زمانو هو، جنهن کي اهي ڳالهيون پسند نه هيون ۽ علي خامنہ اي کي ڪيترا دفعا جيل به وڃڻو پيو.[حوالو گهربل]
اسلامي انقلاب ۾ ڪردار
سنواريوعلي خامنائي ايران جي اسلامي انقلاب جو اهم ڪردار رهيو ۽ امام خميني جي ويجهن ساٿين مان هو. تهران ۾ جمعي نماز جي امام آيت الله حسين علي منتظري جي 1979 ۾ استيفا ڏيڻ بعد امام خمينيءَ علي خامنائي کي ليڊر بنايو.[حوالو گهربل] عراق ايران جنگ ۾ علي خامنائي جنگ جي ميدان ۾ به رهيو ۽ هڪ بم ڦاٽڻ تي هو شديد زخمي ٿي پيو. هن کي اڄ به ”زندھ شهيد“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو.[حوالو گهربل]
تعليم جو واڌارو
سنواريوعلي خامنائيءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايران جي نوجوانن کي گھڻو اڳيان آندو آهي.[حوالو گهربل] هن جو اهو چوڻ آهي ته ”زمين هيٺ دٻيل تيل ۽ گئس جو ذخيرو آخر ته هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. ان ڪري هينئر کان ئي اسان کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جو علم حاصل ڪرڻ کپي ۽ ان مان فائدا حاصل ڪرڻ کپن.“
لکيل ڪتاب
سنواريوعلي خامنائي جا ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن جن مان ڪجهه انگريزي ۾ به ترجمو ٿيل آهن.[حوالو گهربل] سندس تقريرن ۽ پيغامن جا نو واليوم تعليمي ادارن ۾ پڙهايا به وڃن ٿا. عرب ليکڪن سيد قطب، رضي الياسين ۽ عبدالمنيم ناصري جا ڪجهه ڪتاب علي خامنائي عربي مان فارسي ۾ پڻ ترجمو ڪيا آهن.[حوالو گهربل]
حوالا
سنواريو- ↑ "Parliament members" (ٻولي ۾ Persian). Iranian Majlis. حاصل ڪيل 28 October 2014.