1947ع
ھي مقالو سال 1947ع جي باري ۾ آھي.
ھزارو: | |
---|---|
صديون: |
|
ڏھاڪا: |
|
سال: |
|
واقعاسنواريو
- 3 جون – برطانيا برصغير جي تقسيم جو اعلان ڪيو.
- 16 جُولاءِ – هائوس آف لارڊس هندوستان جي آزادي واري بل جي منظوري ڏني.
- 18 جُولاءِ – پهرين خاص ريل هندوستان مان مهاجر کڻي ڪراچي پهتي.
- 20 جُولاءِ – سرحد صوبي جي ماڻهن ريفرينڊم جي ذريعي پاڪستان سان الحاق جي حمايت ڪئي.
- 26 جُولاءِ – پاڪستان جي قانون ساز اسمبلي قيام ۾ آئي.
- 30 جُولاءِ – ميرپورخاص جي ڪانگريس پارٽي فيصلو ڪيو ته نهرو ۽ گانڌي سان رابطو ڪري اهو چيو ويندو ته ٿرپارڪر کي سنڌ کان ڌار ڪري هندوستان ۾ شامل ڪيو وڃي.
- 4 آگسٽ – جاپان ۾ اعلى عدالت (سپريم ڪورٽ) جو قيام ٿيو.
- 9 آگسٽ – برطانوي وزيراعظم قائداعظم کي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.
- 14 آگسٽ – تقسيم هند جي فيصلي جي تحت پاڪستان قائم ٿيو۔
- 15 آگسٽ – تقسيم هند جي فيصلي جي تحت ڀارت قائم ٿيو۔
- 15 آگسٽ – ٻين مهاڀاري جنگ، جاپان آمريڪا سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا.
- 15 آگسٽ – قائد اعظم گورنر جنرل پاڪستان جي عهدي جو قسم کنيو.
- 15 آگسٽ – لياقت علي خان پاڪستان جي پهرين وزير اعظم جو قسم کنيو.
- 16 آگسٽ – ايوب کهڙي سنڌ جي وڏي وزير طور ڪابينا سان حلف کنيو.
- 19 آگسٽ – پاڪستان جي آزادي کان پوءِ باضابطه ڪم جي ڏينهن جو آغاز ٿيو.
- 21 آگسٽ – حيدرآباد دکن پنهنجي آزادي واري اعزاز کي سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو.
- 15 سيپٽمبر – پاڪستان جو پهريون پاسپورٽ نمبر 000001 اسد سليم نالي شخص کي جاري ڪيو ويو.
- 23 سيپٽمبر – آمريڪا پاڪستان پهريون سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
- 25 سيپٽمبر – ڪشميري اڳواڻ پنڊت پريم ناٿ بزاز پاران شيخ محمد عبدالله کان مطالبو ڪيو ويو ته اهو ڪشميرن جو پاڪستان سان الحاق ۾ روڪاٽ نه بڻجي.
- 30 سيپٽمبر – پاڪستان گڏيل قومن جو رڪن ٿيو.
- 11 آڪٽوبر – خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو.
- 20 آڪٽوبر – پاڪستان ۽ آمريڪا پهرين دفعي سفارتي لاڳاپن جي شروعات ڪئي.
- 21 آڪٽوبر – حڪومت اعلان ڪيو ته 69 هزار مهاجر پاڪستان اچي چڪا آهن.
پيدائشسنواريو
فوتگيونسنواريو
1940ع جو ڏھاڪو |
---|
1940ع · 1941ع · 1942ع · 1943ع · 1944ع · 1945ع · 1946ع · 1947ع · 1948ع · 1949ع |