محمد نواز محزون
محزون صاحب جو جنم 10 جولاءِ 1933 ع تي ميهڙ ۾ رئيس شفيع محمد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ٿيو، سندس اصل نالو محمد نواز هو.[1]
تعليم
سنواريوپاڻ سنڌي چار درجا ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ چوٿين اسٽينڊرڊ تائين ميهڙ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو بي اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان پاس ڪيائين، ۽ ايم اي بي ٽي ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، بعد ۾ هوميوپيٿڪ آڪسفورڊ ميڊيڪل ڪاليج لاهور ما پاس ڪيائين..[1]
ڪيريئر
سنواريوسرڪاري نوڪري جي شروعات آرمي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي سان ڪيائين، پر ٽريننگ دوران پير مُڙي پوڻ ڪري ان فٽ قرار ڏنو ويو، ان کان پوءِ ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر بڻيو،جتان پاڻ استعيفا ڏنائين، ۽ ڪجهه وقت ٻين سرڪاري کاتن ۾نوڪري ڪيائين، 1958ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ ۾سينيئر ٽيچر ٿيو خيرپور ناٿن شاهه هاءِ اسڪول ۾ پڻ سينيئر ٽيچر رهيو، اهڙي طرح خانپور، نصير آباد، راڌڻ ۽ ٻين هاءِ اسڪولن ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو، 1986ع کا 1988ع تائين تعليم کاتي ميهڙ ۾ ايس ڊي اي او جي عهدي تي ۽ 8 جولاءِ 1993ع تي بحيثيت هيڊ ماستر جي هاءِ اسڪول سنڌي ٻٽڙا مان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس ڀٽائي هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه (پرائيويٽ) ۾ بحيثيت هيڊ ماستر جي ذميواريون سونپيون ويون، پاڻ آخر تائين ان اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو..[1]
خدمتون
سنواريومحزون صاحب کي پنهنجي والد پاران فوجي اسپرٽ ۽ والده پاران ادبي روح ورثي ۾ مليو، محزون صاحب جي والده سنڌ جي مشهور عالم، سياستدان، شاعر شمس الدين ”بلبل “ جي پٽ، وقت جي مشهور شاعر عبدالفتاح ”بلبل “ جي نياڻي آهي ، محزون صاحب جي شادي 1964ع ۾ سعودي عرب ۾ مقيم سندس والد جي ماروٽ جي ڌيَءُ سان ٿي، کيس چار پٽ ۽ ٽي نياڻيونآهن. محزون صاحب کي لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، هن لکڻ جي شروعات مئٽرڪ دوران ”نور جهان “ عنوان سان هڪ انگريزي نظم کي سنڌي ويس ڍڪائڻ سان ڪئي، پاڻ ورهاڱي کان اڳ واري دور ۾ پهريون درجو انگريزي پڙهڻ وقت ميهڙ جي هڪ سنڌي سک ڊيلاسنگ جي لئبريري جو هڪ روپيو ڏئي ميمبر ٿيو ۽ هر روز هڪ جاسوسي ناول پڙهي ٻئي ڏينهن ٻيو ڪتاب کڻندو هو، جڏهنمنشي عبدالشڪور حيدرآباد مان هلال پاڪستان اخبار ڪڍي ته نون ليکڪن جي همت افزائي خاطر ڪنهن به ليکڪ جي ڪهاڻيءَ کي پهريون نمبر ملڻ تي ٻن مهينن تائين اخبار مفت ۾موڪلڻ جو اعلان ڪيائين، اتفاق سان جنهن ڪهاڻي کي پهريون نمبرمليو، اها محزون صاحب جي ڪهاڻي ”ڀنگ “ هئي، اهڙي طرح هن وري ٻيهر ادبي دنيا ۾ پير پاتو، کيس اخبار ڪجهه وقت ته ملندو رهيو پر پوءِ بند ٿي وئي، پر اهڙي همت افزائي سندس ادب جي اجهاڻل جوت کي جرڪايو، ان کانپوءِ هو لڳاتار لکندو رهيو، محزون صاحب پنهنجي لکڻين جي حوالي سان هڪ انسان دوست اديب هو، اها انسان دوستي ئي هئي، جنهن محزون صاحب کي عام ماڻهن جي مسئلي ڏانهن متوجهه ڪيو، هن سنڌي ادب ۾ پراڻي پيڙهيءَ هوندي به ترقي پسند نظرين ۽ خيالن کي اپنايو، سندس لکڻين مختلف دورن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾پٿر اڇلي تحرڪ پيدا ڪيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان عشق هو، سنڌ جي مسئلي تي هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ئي، پاڻ سڄي عمر ادب جي آڙ ۾ ڪنهن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪيائين.محزون صاحب هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به هو، سندس 60 کان مٿي ڪهاڻيون ڇپيل آهن، سندس ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي دلڪش ٻولي آهي، انهن ڪهاڻين ۾ هن جا ڪردار نه فقط پنهنجي جذبن ۽ حالتن پٽاندڙ ڳالهائين ٿا، پر سندس بياني انداز به خوبصورت آهي، سندس ڪهاڻين جا موضوع ڪردار ۽ ٻولي سنڌي آهي، پنهنجين ڪهاڻين ۾ معاشري کي نوان رخ ڏيڻ ۽ اصلاح ڪرڻ جو سبق به ڏيندي نظر اچي ٿو. هڪ مترجم جي حيثيت ۾ محزون صاحب سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جنهن خليل جبران کي سنڌي ۾متعارف ڪرايو، هن ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب ۽ اديبن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب، ناول، ڪهاڻيون ، مضمون ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، سندس ترجمو ڪيل تحريرفن جو اهووڏو ڪمال آهي، جو پڙهڻ وقت محسوس ٿيندو ته پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تحرير پڙهي رهيو آهي. مصور هئڻ جي ناتي سندس مشاهدو عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گهرو هو، 1965ع ۾ جڏهن آمريڪن سينٽر لئبرري حيدرآباد ۾ پينٽنگس جي جيڪا نمائش ٿي هئي تنهن ۾ سائين ظفر ڪاظميءَ، محزون صاحب کي حصي وٺڻ لاءِ زور ڀريو، سندس ٽي تصويرون نمائش ۾رکيون ويون، سندس ٺاهيل تصويرن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، اهڙي ريت مختلف رسالن، رهبر ڊائجسٽ، ملير ڊائجسٽ ۽ مختلف اديبن جي ڪتابن جا ٺاهيل ٽائيٽل سندس بهترين مصور هئڻ جا شاهد آهن..[1]
محزون صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ 1.ڪنوار جي سيج (جبران-ترجمون ) (2) ڀڳل نڀڙاٽيون (جبران –ترجمون) (3) مجنون (جبران –ترجمون) (4) پيغامبر ( جبران –ترجمون )(5) پيغامبر جو باغ (جبران –ترجمو) (6) مرشد جو نينهن ۽ نياپو(جبران –ترجمو) (7) انسان ۽ شيطان (جبران –ترجمو) (8) لڙڪ ۽ مرڪ (جبران –ترجمو) (9) خالد بن وليد (ريسرچ ورڪ تاريخ ) (10)سلطان صلاح الدين ايوبي (ريسرچ ورڪ تاريخ) (11) درس محبت (ابو الڪلام آزاد، ترجمو) (12)هڪ دور جو ماتم (اليگذنڊر سولزي نٽسن (ترجمون ۽ تلخيص ) (13) پرنس (ميڪاولي-ترجمو) (14) بائيبل قرآن ۽سائنس(15) سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئا سهڻو (سررائيڊ هئگرڊ جي ڪتاب ”ماريا “ جو ترجمو) (16)هڪ مجرم جو اعتراف (ڪرنل ميڊوز شيلر –ترجمو ) ۾۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ خليل جبران جا ترجمو ڪيل ڪتاب (1) سمنڊ ۽ جهڳ، (2) محبوبا ڏانهن خط، (3) ديوتا (4) خدا ۽ ناخدا (5) آسماني آواز (6) عصمت چغتائي جا ڪتاب (7) امرتا پريتمجا ڪتاب هڪ هئي سارا ۽ رسيدي ٽڪيٽ (8) سيرت النبي (ريسرچ ورڪ تاريخ) (9) سيرت سيد المرسلين ص، (ريسرچ ورڪ) (10) الله ۽ الله جي رسول فرمايو(ريسرچ ورڪ) (11) سيرت النبي صه (ترجمو) (12) دهشتگرد (ايڇ ٽي سورلي)(13) ڏوهيءَ قبوليو ڏوهه (ناول-ترجمو) (14) ماءُ جو انتقام (ترجمو) (15) چي گويرا جي بولوين ڊائري (16) سنڌ جي تاريخ ( ريسرچ ورڪ) (17) مٽيءَ جا خواب (فلسطيني ناول ترجمو) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس ڪيترائي ڪتاب مختلف پبلشرن کي ڏنل هئا، ان کانسواءِ سندس ڪيترائي اصولوڪا توڙي ترجمو ڪيل مضمون، ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن..[1]
وفات
سنواريوسنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب، دانشور، مصور، مترجم، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ تعليمي ماهر سائين .م.ن. ”محزون “ (محمد نواز محزون “ ڀٽي ) 8 نومبر 1995) بمطابق 13 جمادي الثاني 1416ھ اربع ڏينهن خميس رات سوا ڏهين وڳي گذاري ويو..[1]