بابا صلاح الدين (انگريزي: Baba Salah-u-Den)، 1902ع/1320ھ ڌاري چترال ۾ ڄائو. سندس والد پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو، بابا صلاح الدين اسلاميه اسڪول پشاور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙھ روانو ٿيو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ديوبند جي دارالعلوم مان ديني تعليم حاصل ڪيائين، هڪ مرحلي تي تارڪ ٿي، جهنگ وسايائين، جتي قدرتي نظارن جي مشاهدي ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت ڪلير ۾، بارگاهه مخدوم علاؤالدين صابري ڪليري رحه ۾ قيام ڪيائين، پوءِ اجمير شريف ۾ خواجه معين الدين چشتي غريب نواز جي آستاني تي رهيو. اجمير کان پوءِ دهلي، لاهور، ملتان ۽ سرهند جي اوليائن جي مزارن تي حاضري ڏنائين. بعد ۾ 1951ع ۾ پاڻ مستقل طور حيدرآبادسنڌ۾ اچي رهيو، جتي ڏينهن جو مولا علي جي قدمن ڀرسان بٺارن ڀوڳڙين وٽ رهندو هو ۽ رات سخي عبدالوهاب شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي گذاريندو هو.[1]

سندن وفات

سنواريو

11 جولاءِ کان 13 جولاءِ 1963ع تائين سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار تي قيام ڪيائين. ائين سفر ۽ حضر ۾ زندگيءَ جا ڏهاڙا گذاريندي 20 صفر 1383ھ/ مطابق 13 جولاءِ 1963ع تي قلندر شهباز جي مزار تي وفات ڪيائين. سندس مزار ڪوٽڙي ۾ ريلوي ورڪشاپ ويجهو قومي شاهراهه جي ڀر ۾ موجود آهي، جتي عقيدتمند هر سال سندس عرس ملهائيندا آهن