هجري ڪئلينڊر يا اسلامي ڪئلينڊر(انگريزي: Islamic Calendar ) اسلامي سال ٻارھن مھينن تي مشتمل ھوندو آھي. اھو سج جي بدران چنڊ جي ڦيري جي گردش تي مشتمل ھوندو آھي[1]. ھن ڪيلينڊر جي ھر مھيني جي ابتدا حلالي چنڊ جي پھرين جھلڪ ڏسڻ سان ٿيندي آهي[1]. ھن ڪيلينڊر جو ھڪ سال 354.367056 ڏينھن تي مشتمل ھوندو آھي تنھنڪري ھر سال عيسوي ڪيلينڊر جي ڀيٽ ۾ 10 يا 11 ڏينھن اڳ ۾ شروع ٿيندو آهي[1]. دنيا جي مختلف محل وقوعن جي ڪري مختلف ھنڌن تي چنڊ جي پھرين جھلڪ ساڳي ڏينھن نظر نہ ايندي آهي جنھن ڪري اسلامي سال دنيا جي اندر ھرھنڌ ساڳي ڏينھن شروع نہ ٿيندو آهي[1].

ترڪي جي شھر ڪونيا ۾ لکيل ھجري واري تاريخ
چنڊ جي گردش جنھن تحت ھجري ڪئلينڊر جڙيل آھي

ھن ڪيلينڊر جي ابتدا مسلمانن جي مڪي کان مديني طرف 622ع ۾ ٿيل ھجرت کان ٿي. ھن سال ۾ ٻہ مھينا رمضان ۽ ذوالحج وڏي اھميت وارا مھينا آھن. رمضان م روزا رکيا وڃن ٿا ۽ مھيني جي خاتمي سان عيدالفطر ملھائي ويندي آهي ۽ ذوالحج ۾ حج ٿيندو ۽ عیدالاضحی ملھائي ويندي آهي[1]. مسلمانن ۾ سني ۽ شيعا پيغمبر صه ، ان جي خاندان جي فردن، امامن ۽ اھم مذھبي شخصيتن جون پيدائش ۽ ورسي واريون تقريبون اسلامي سال جي تاريخن سان ملھائيندا آھن. شيعن ۾ يوم عاشور 10 محرم تي ملھايو ويندو آهي. پيغمبر صہ جي پيدائش 12 ربيع الاول تي ملھائي ويندي آهي. سعودي عرب ۽ مراڪش ۾ اسلامي ڪيلينڊر اتان جو سرڪاري ڪيلينڊر قرار ڏنل آھي. موجوده 2020 ۾ ھلندڙ ھجري سال 1441ھ آھی۔

هن ڪئلينڊر ۾ ٻارنهن مهينا ٿيندا آهن.

  1. محرم
  2. صفر
  3. ربيع الاول
  4. ربيع الثاني
  5. جمادي الاول
  6. جمادي الثاني
  7. رجب
  8. شعبان
  9. رمضان
  10. شوال
  11. ذوالقعده
  12. ذوالحج

تاريخ سنواريو

ھن ڪيلينڊر جو آغاز ٻئين خليفي حضرت عمر رضه ڪيو ھو. هجري ڪئلينڊر جي شروعات اسلام جي پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ صلّ الله عليه وسلم جي مڪي شريف مان مديني شريف ڏانهن هجرت جي واقعي واري سال کان ڪيو ويو جيڪا 12 ربيع الاول تي عيسوي سال مطابق 21 سيپٽمبر 622ع ۾ ٿي. مطلب هيءُ ته هجرت وارو سال سن 1 هجري آهي. اسلام م چار مهينا حرمت وارا مھينا آھن جن ۾ محرم، رجب، ذوالقعد ۽ ذوالحج شامل آهن[2]. جيتوڻيڪ ھجري ڪئلينڊر خلافت راشدہ ۾ شروع ڪيو ويو پر ان جا ٻارھن مھينا اسلام کان اڳ ساڳين نالن سان مقرر ھيا. نئين ڪيلينڊر ۾ صرف سالن جي شروعات ھجرت کان قرار ڏني وئي. وڪيپيڊيا فارسي مطابق ھجري سال اڳ ايراني ساساني بادشاھ جي تاج پوشي کان سال شروع ڪيو ويندو ھيو جيڪو مسلمانن لاء ھڪ تڪراري معاملو ھيو ۽ پوء حضرت عمر رضه ان کي تبديل ڪيو. اسلام کان اڳ ۽ پوء سن 2 ھجري تائين ان ڪيلينڊر ۾ ھر ٽئين سال ھڪ مھيني نسي کي شامل ڪري شمسي ڪيلينڊر جي برابر ڪيو ويندو ھو ڇو تہ قمري ۽ شمسي ڪيلينڊر ۾ ھر سال 10 ڏينھن جو فرق ايندو ھو. سن 2 ھجري ۾ سورة التوبہ ۾ فرمايو ويو تہ : سال ۾ ٻارھن مھينا ھوندا آھن. جنھن بعد تيرھين مھيني نسي کي ختم ڪري صرف ٻارھن مھينن کي مستقل برقرار رکيو ويو. سورة التوبہ جي اھي آيتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

إِنَّ عِدَّةَ الشُّهُورِ عِنْدَ اللَّهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِي كِتَابِ اللَّهِ يَوْمَ خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ مِنْهَا أَرْبَعَةٌ حُرُمٌ ذَلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ فَلَا تَظْلِمُوا فِيهِنَّ أَنْفُسَكُمْ وَقَاتِلُوا الْمُشْرِكِينَ كَافَّةً كَمَا يُقَاتِلُونَكُمْ كَافَّةً وَاعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ مَعَ الْمُتَّقِينَ

— التوبة 9:36

حضرت عمر رضه ھجرت کان اسلامي سال شروع ڪرڻ جو فيصلو حضرت علي رضه جي جي رٿ تي صحابين سان مشاورت سان ڪيو هو [3]. حضرت محمد ﷺ ھجرت ڪري 8 ربيع الاول تي مديني پھتو ھيو، پر سال جي ابتدا ان ڏينھن کان ٿيڻ جي ڪري ان کي پھرين محرم 1ھ قرار ڏنو ويو[4] [5].

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سنواريو

پاڪستان ۾ اسلامي سال جي مهينن جي تعين لاء چنڊ جي پھرين جھلڪ ڏسڻ لاء ھڪ آئيني ڪميٽي ڪم ڪندي آهي جنھن جا رڪن ديني عالم ھوندا آھن جيڪي موسمياتي کاتي جي ماھرن جي مدد سان چنڊ جي جھلڪ ڏسندا آھن ۽ ملڪ جي مختلف حصن مان اسلامي طريقي سان شاھديون گڏ ڪري مھيني جي شروعات جو تعين ڪندا آهن. ان ڪميٽيءَ کي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي يا رؤيت ھلال ڪاميٽي سڏيندا آهن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 124,
  2. التقويم الهجري، موقع الراشدون. آرڪائيو ڪيا ويا 17 October 2016[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. Book: "The Day of the History of Islam (Muharram)", By: Sayyid Taghi Wardi, Publication: Dar al-Talqin,
  4. سانچو:Mentioned
  5. Calendar Date in Iran and Islamic Countries, University of Tehran Calendar Center, Occasional Section in Arab Countries, وقت 2014-09-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-12