وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر
چونڊ ڏينهن – سڀ ڏينهن ڏسو
جنوري – فيبروري – مارچ – اپريل – مئي – جُونِ – جُولاءِ – آگسٽ – سيپٽمبر – آڪٽوبر – نومبر – ڊسمبر
چونڊ ڏينهن ۾ ڪيل تازيون تبديلون – چونڊ ڏينهن ۾ ترميم ڪرڻ
هيئنر ٿيا آهن 02:02 ڏينهن آهي ڇنڇر، نومبر 9، 2024 (يو ٽي سي )وقت مطابق – هن صفحي جو ڪيشي صاف (پرج) ڪيو
- 1969ع – ڪرنل معمر قذافي (تصوير) پاران شاهه ادريس جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
- 1977ع – لائلپور جو نالو تبديل ڪري فيصل آباد رکيو ويو.
- 1979ع – پاڪستان کي غير وابسته ملڪن جي تنظيم جي رڪنيت ڏني وئي.
- 1991ع – ازبڪستان سوويت يونين کان آزادي جو اعلان ڪيو.
2 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 2 ڏسو - بحث - ترميم
3 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 3 ڏسو - بحث - ترميم
- 1944ع – ٻين مھاڀاري جنگ، فن لينڊ سوويت يونين سان جنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
- 1948ع – ڀارتي حڪومت پاڪستان جي مشهور اخبار ڊان جي پنهنجي ملڪ ۾ مارڪيٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
- 1950ع – گڏيل قومن جي ڪشمير بابت جوڙيل ڪميشن آزاد ڪشمير حڪومت کي تسليم ڪري ورتو.
- 1975ع – عرب اسرائيل تنازعو، سنائي عبوري امن مهادو طئي ٿيو.
- 1998ع – ليري پيج ۽ سرجي برن ڳولا انجڻ گوگل (تصوير، گوگل جو تجارتي نشان) جا بنياد وڌا.
- 1991ع – نيلسن منڊيلا کي ڏکڻ آفريڪي قومي ڪانگريس جو صدر منتخب ڪيو ويو.
- 1997ع – مڌر ٽريسا (تصوير) ڪلڪتا ۾ 87 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي.
- 2006ع – وزيرستان ۾ ويڙهاڪ ۽ پاڪستان سڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ امن مهادو ٿيو.
- اڄ پاڪستان ۾ دفاع جو ڏينهن آهي.
- 1851ع – انگريزن اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ نوڪري صرف ان کي ڏني ويندي جنهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ اچي.
- 1939ع – ٻين مھاڀاري جنگ، جرمني پهرين دفعا برطانيا مٿان هوائي حملو ڪيو.
- 1965ع – هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ جي شروعات ٿي.
- 1991ع – روس اسٽونيا جي آزادي کي تسليم ڪيو.
- 2008ع – پاڪستان ۾ صدارتي چونڊون ٿيون، آصف علي زرداري 481 ووٽ کڻي پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو.
- 2018ع – هندوستان جي سپريم ڪورٽ تاريخ ساز فيصلي ۾ انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 377 کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن تحت هم جنس پرستي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو هو.
- اڄ برازيل ۾ آزادي جو ڏينهن آهي.
- 1954ع – پاڪستان سميت اٺ ملڪن سيٽو مهادي تي صحيحون ڪيون.
- 1958ع – سلطنتِ عمان جي سلطان گوادر جو علائقو (نقشو، ڳاڙهي رنگ ۾ گوادر ضلعو ڏيکاريل) چار لک پائونڊ جي عيوض پاڪستان کي وڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
- 1964ع – فاطمه جناح (تصوير) ايوب خان سامهون صدارتي چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪيو.
- 1967ع – يوگينڊا ۾ قديم قبيلائي نظام جو خاتمو آيو ۽ ريپبلڪن حڪومت قائم ٿي.
- 1978ع – ايراني انقلاب، مظاهرن جي جواب ۾ شاهه ايران جي حڪومت مارشل لا جو اعلان ڪيو ته ايراني فوج تهران ۾ 88 مظاهرين کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
- 1949ع – پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ايڊمرل چسٽر نمز (تصوير) جي ثالثي قبول ڪئي.
- 1991ع – تاجڪستان سويت يونين کان آزادي ورتي.
- 2001ع – افغانستان جي اترين اتحاد جي اڳواڻ احمد شاهه مسعود کي افغانستان ۾ القائده قتل ڪري ڇڏيو.
- 2008ع – آصف علي زرداري پاڪستان جي يارهين صدر جو قسم کنيو.
- 2018ع – عارف علوي پاڪستان جي تيرهين صدر جو قسم کنيو.
10 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 10 ڏسو - بحث - ترميم
11 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 11 ڏسو - بحث - ترميم
- 1848ع – سوئيزرلينڊ وفاقي رياست بڻجي وئي.
- 1960ع – شيخ مجيب الرحمن کي 4 سال قيد جي سزا ڏني وئي.
- 1956ع – حسين شهيد سهروردي (تصوير) پاڪستان جي وزير اعظم جو قسم کنيون.
13 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 13 ڏسو - بحث - ترميم
- 796ع – پنهنجي ڀاءُ الهادي جي وفات کان پوءِ هارون رشيد عباسي خلافت جي تخت تي ويٺو.
- 1948ع – خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو.
- 1914ع – آسٽريلوي روئل نيوي جو پهريون آبدوز هماس اي اِي 1 (تصوير) سمنڊ ۾ تباهه ٿي ويو، تباهه ٿيل آبدوز جا باقيات 2017ع تي لڌا ويا.
- 1960ع – تيل برآمد ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ قائم ٿي.
- 668ع – اوڀر رومي حڪمران قسطن ثاني کي، سرقوسه، صقليه ۾ وهنجڻ وقت قتل ڪيو ويو.
- 1935ع – نازي جرمني پاران نرمبرگ قانون ختم ڪيو ويو، جنهن تحت يهودين کي جرمني جو شهري قرار ڏنو ويو هو.
- 1947ع – پاڪستان جو پهريون پاسپورٽ نمبر 000001 اسد سليم نالي شخص کي جاري ڪيو ويو.
- 1948ع – نورالامين (تصوير) جي ڪابينا اوڀر پاڪستان ۾ قسم کنيو.
- 1969ع – پاڪستان حڪومت ججن تي ڪابه نوڪري حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابندي هٽائي ڇڏي.
- 1759ع – برطانيا ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون تي قبضو ڪري ورتو.
- 1920ع – وال اسٽريٽ جي هارس ويگن ۾ بم ڌماڪو (ڌماڪي کان پوءِ جي تصوير) ٿيو، جنهن سبب 38 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 1975ع – پاپوا نيوگني آسٽريليا کان آزادي ورتي.
- 1992ع – ملتان ۾ ٻوڏ سبب 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
- 1955ع – خان عبدالغفار خان بلوچستان ۾ داخلا تي لڳل پابندي باوجود بلوچستان پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.
- 1978ع – اسرائيل ۽ مصر ڪيمپ ڊيوڊ معاهدي تي صحيحون ڪيون. (تصوير: مهادي وقت مناخم بيگن،جمي ڪارٽر ۽ انوار سادات بيٺل)
- 1991ع – گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران انڊس واٽر سسٽم اٿارٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
- 1810ع – چلي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي.
- 1812ع – ماسڪو ۾ باهه لڳڻ سبب 90 سيڪڙو گھر ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ گرجا گھر سڙي رک ٿي ويا.
- 1961ع – گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڊيگ هميرس شولڊ (تصوير) جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
- 1983ع – لبنان ۽ شام جي فوجين جي وچ ۾ جنگ جي شروعات ٿي.
- 1893ع – نيوزيلينڊ ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو ۽ اهو دنيا جو پهريون ملڪ هو جتي عورتن کي اهڙي اجازت ڏني وئي.
- 1950ع – گڏيل قومن جي اداري چين جي رڪنيت مسترد ڪري ڇڏي.
- 1960ع – ايوب خان ۽ جواهر لال نهرو جي وچ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي ڪراچي ۾ دستخط ٿيا.
- 1982ع – اسڪاٽ فالمن (تصوير) نشانين
:-)
۽:-(
کي پهريون دفعو مزاج جي اظهار لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو.
- 1996ع – مرتضي ڀٽو کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
- 2001ع – آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش (تصوير)، آمريڪي ڪانگريس ۽ عوام سان خطاب دوران ”دهشتگردي خلاف جنگ“ جو اعلان ڪيو.
- 2008ع – باورد سان ڀريل ٽرڪ کي اسلام آباد جي ميريٽ هوٽل سان ٽڪرايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 266 زخمي ٿيا.
- 2011ع – آمريڪي فوج ”نه پڇو، نه ٻڌايو“ پاليسي جو خاتمو آڻيندي هم جنس پرست مرد ۽ عورتن کي فوج ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
- 2017ع – هريڪن ماريا پورٽو ريڪو سان ٽڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ 2975 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 90 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو.
اڄ عاشوري جو ڏينهن آهي.
- 1971ع – بحرين، ڀوٽان ۽ قطر گڏيل قومن جا رڪن ٿيا.
- 1981ع – سندرا دي اوڪنر (تصوير) کي آمريڪي سينٽ پهرين عورت سپريم ڪورٽ جي جسٽس طور منتخب ڪيو.
- 1999ع – مرڪزي تائيوان ۾ جيجي زلزلي سبب 2400 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
- 1908ع – بلغاريه سلطنت عثمانيه (ترڪي) کان آزادي جو اعلان ڪيو.
- 1965ع – پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي عمل ۾ آئي.
- 1965ع – پاڪستان روس پاران تاشقند ۾ سڏايل ايوب، شاستري ڳالهين جي دعوت قبول ڪئي. (تصوير ۾ پاڪستاني، روسي ۽ ڀارتي اڳواڻ ملاقات دوران)
- 1947ع – آمريڪا پاڪستان پهريون سفير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
- 1983ع – ڪراچي کان ابوظهبي ويندڙ گلف ايئر جو جهاز 771 (تصوير) بم ڌماڪي سبب تباهه ٿي ويو.
- 2002ع – موزيلا فائر فاڪس کي پهريون دفعو عوام لاءِ جاري ڪيو ويو.
- 2004ع – هيريڪن جيني سبب هيٽي ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
- 1969ع – رباط اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڀارتي نمائندي جي شرڪت تي صدر يحيي خان پاران بائيڪاٽ ڪيو.
- 1993ع – ڪمبوڊيا ۾ بادشاهت کي ٻيهر بحال ڪيو ويو، نورودم سيهانو (تصوير) بادشاهه مقرر ٿيو.
- 2013ع – بلوچستان ۾ 7.7 جي شدت سان آيل زلزلي سبب 327 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.
- 1911ع – اٽلي ترڪي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
- 1947ع – ڪشميري اڳواڻ پنڊت پريم ناٿ بزاز (تصوير) پاران شيخ محمد عبدالله کان مطالبو ڪيو ويو ته اهو ڪشميرن جو پاڪستان سان الحاق ۾ روڪاٽ نه بڻجي.
- 1964ع – پرتگال خلاف موزمبيق جي آزادي جي جنگ شروع ٿي.
- 1905ع – البرٽ آئنسٽائن (تصوير) انس ميرابلس پيپر شايع ڪيو، جنهن ۾ هن ٿيوري آف رليٽوٽي پيش ڪيو.
- 1960ع – پهريون دفعو جان ايف ڪينيڊي ۽ رچرڊ نڪسن جو صدارتي بحث ٽي وي تي ڏيکاريو ويو.
- 1984ع – چين ۽ برطانيا راضي ٿيا ته هانگ ڪانگ جي خودمختياري 1997ع تي چين جي حوالي ڪئي ويندي.
- 1970ع – پاڪستان ۾ ڏهين جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ هر شاگرد لاءِ ساڪ فوجي تربيت لازمي قرار ڏني وئي.
- 1992ع – جان شير خان جوهانسبرگ ۾ منعقد ٿيل اسڪوائش عالمي چيمپئن شپ کٽي ورتي.
- 1996ع – ڪابل جي لڙائي (تصوير: ڪابل 1993ع ۾) ۾ طالبان جي سوڀ کان پوءِ اسلامي امارات افغانستان جو بنياد پيو.
- 1961ع – شام ۾ فوجي بغاوت کان پوءِ، گڏيل عرب جمهوريه جو خاتمو آيو، ان اتحاد ۾ مصر ۽ شام شامل هئا.
- 1970ع – مصري صدر جمال عبدالناصر (تصوير) دل جي دوري سبب قاهره ۾ لااڏڻو ڪري ويو.
- 1992ع – پي آئي اي جو جهاز نيپال جي جبلن ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ عملي سيمت 167 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
وڌيڪ چونڊ ڏينهن:
29 سيپٽمبر وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/سيپٽمبر 29 ڏسو - بحث - ترميم
30 سيپٽمبر اڄ گستاخي جو عالمي ڏينهن آهي.
- 1947ع – پاڪستان گڏيل قومن جو رڪن ٿيو.
- 1939ع – ٻين مھاڀاري جنگ: جنرل واديسو شيڪورسڪي (تصوير) پولينڊ جي جلاوطن حڪومت جو وزير اعظم مقرر ٿيو.
- 1966ع – بچوانا لينڊ پنهنجي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ عوامي جمهوريه بوٽسوانا بڻجي ويو.
- 2005ع – محمد جا متنازه ڪارٽون ڊينمارڪ جي اخبار ۾ ڇاپيا ويا.
وڌيڪ چونڊ ڏينهن: