جهان خان کوسو
مسڪين جهان خان ولد بجار خان کوسو، مشهور سماجي اڳواڻ 9 جولاءِ 1909ع تي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ ڄائو. سنڌ جو مشهور سماجي ڪارڪن، خدائي خدمتگار ۽ ٿر جي عوام جو هڏ ڏوکي انسان هو.
پاڻ ارپڻ
سنواريوهن کي پوليس ۾ ملازمت هئي، جنهن کي 1937ع ۾ ترڪ ڪــري، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقـف ڪـري ڇڏيائين، هو ٿرپارڪر جي گشتي تاريخ هـو، جـنهـن پـيــٽ تــي پـٿر ٻـڌي، سڄي حياتي ٿر جي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري. هو اخبارن جي دفترن ۾ ذاتي طور وڃي صحافين کي ٿر جي مسئلن کان آگاهه ڪندو هو. جڏهن ٿر ۾ ڏڪر پوندو هو ته مسڪين جهان خان ٿرين کي وٺي اچي آفيسرن سان ملائيندو هو ۽ انهن جي امداد ۾ واهر ڪندو هو. دوائون، ڪپڙو ۽ اناج هٿ ڪري حقدارن تائين پهچائيندو هو. هو ٿر جي مسـڪـيـن ۽ اڻـپـڙهيـل اٻـوجهـن- مسلمانن توڙي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ هر هنڌ حاضر رهندو هو. ڪورٽ هجي يا ٿاڻو، آفيس هجي يا زمينداري اوطاق، هو هر جاءِ تي غريب ٿرين جي حقن لاءِ ويندو هو ۽ ڪم ڪرائڻ کان سواءِ اُٿندو ئي نه هو. مسڪين جهان خان کوسي جي شخصيت تي روينيو کاتي جي مختيارڪار محمد بخش مجنون مرحوم هڪ ڪتاب ’مسڪين جهان خان کوسو‘ لکي، سندس سوانح حيات کي اجاگر ڪيو آهي. هي ڪتاب مسڪين جي حياتيءَ ۾ ئي ڇپيو هو، جيڪو سنڌي ادب ۾ سوانح عمريءَ جي صنف ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
شڪل شبيه
سنواريوڪتاب ’مسڪين جهان خان کوسو‘ جو ليکڪ مجنون مرحوم مسڪين جي شخصيت جو نقشو چٽيندي لکي ٿو ته: ”ڪروڙڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سهڻي ڇاپونئي سونهاري اڇي جهڙي ٻُوهه، مٿو اڪثر اگهاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ مُلن واري برقي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشيا جا ڪپڙا، سي به ميل ۾ ڪِچ، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻيهي ڳري سڙي پنهنجي جان ڇڏائن ته واهه، نه ته ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪلهي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻيءَ ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو، هٿ ۾ مس ڪپڙيءَ کڙين ۾ ڀڄي سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کرٿ کرٿ ڪندو، مٽيءَ جي اڻ مئي کِههَ اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو، ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندي ڪو ماڻهو ڏسو ته پڪ سمجهو اهو مسڪين جهان خان کوسو آهي“.
مٺالي ڪردار
سنواريومسڪين جهان خان مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهندو هو، پوءِ ڀلي ته ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن، سندس گهر موٽڻ جو سبب مٽ مائٽ جو موت يا زوريءَ غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو، ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. سندس سماجڪ سڌار جذبو پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو،
مڃتا
سنواريومسڪين جهان خان کوسي جي شاندار سماجي خدمتن جو پنهنجن ته قدر نه ڪيو، آمريڪن بائيو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1996ع ۾ عالمي اوارڊ ’گولڊ رڪارڊ آف اچيومينٽ‘ لاءِ کيس حقدار قرار ڏنو ويو.
وفات
سنواريوپڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهنڪري 23 جولاءِ 1980ع تي ڄامشوري اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس زندگيءَ ۾ ته سک نصيب ڪو نه ٿيو، پر مرڻ وقت به سندس ڪو اوهي واهي نه ٿيو، اها ڪيڏي نه قومي بي حسي آهي، جو پورا ٻه ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سردخاني ۾ پيو رهيو، آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي ڪوششن سان سندس لاش ٿرپارڪر جي انتظاميا تائين پهچايو ويو ۽ 25 جولاءِ 1980ع تي ننگرپارڪر جي ڀرسان ديسين جي قبرستان ۾ گوڙدرو نئن جي کاٻي ڪناري ۽ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو.[1]
حوالو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011