سنڌي ٻولي بل 1972 (انگريزي: Sindhi Language Bill, 1972)، سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ 3 جُولاءِ 1972ع تي پيش ڪيو ويو.[1] 7 جُولاءِ 1972ع تي صوبي ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿيا، جڏهن هي بل منظور ڪيو ويو. هن بل جو مقصد سنڌ ۾ سنڌي کي واحد سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو، پر فسادن کان پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ان بل ۾ ترميم ڪندي اردو ۽ سنڌي ٻنهي کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو. [2]

شق سنواريو

هن بل ۾ هيٺيان شق شامل آهن:[3]

شق 4 سنواريو

  • (1) سنڌي ۽ اردو سمورن تعليمي ادارن جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن ۾ پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.
  • (2) سنڌي بطور لازمي سبجيڪٽ پرائمري جي چوٿين درجي کان ۽ مرحليوار مٿين درجن ۾ تجويز ڪيل طريقي سان ٻارھين درجي تائين شروع ڪئي ويندي.

شق 6 سنواريو

آئيني فقرن جي شرطن جي پابندي سان حڪومت سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ ڪورٽن ۽ اسيمبليءَ سميت لاڳيتو سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو بندوبست ڪندي.[4]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو