سوڍل فقير
سوڍل فقير لغاري (انگريزي: Sodhal Faqeer Leghari)، جنھن کي عام طور تي سوڍل فقير جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو، سنڌ جو ھڪ صوفي راڳي ھو.[1] سوڍل فقير 1959ع تي تعلقي موري جي ديهه خيري ديري جي ھڪ ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ ۾ ڄائو.[2] جيري ۽ شگر جي بيماري سبب 17 جولاءِ 2024ع تي وفات ڪري ويو.[1]
فقير سوڍل لغاري | |
---|---|
پس منظري معلومات | |
پيدائش | 1959ع ڳوٺ لغاري بجراڻي، مورو، نوشھروفيروز |
وفات | جُولاءِ 17, 2024 (عمر 65 سال) نوابشاھ، سنڌ |
صنف | صوفي راڳي |
پيشا | راڳ |
سرگرم سال | 1979ع کان 2023ع |
ننڍپڻ
سنواريوسوڍل فقير جو خاندان جو تعلق ڳوٺ چاڪر ڪوٽ، تعلقي جوهي، ضلعي دادو سان آھي. جتان لڏي سندس خاندان تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ جي ديهه خيري ديري، موري تعلقي ۾ ويٺا ۽اتي سوڍل فقير جي پيدائش 1959ع ڌاري ٿي.[2] تنھن کان پوءِ 1990ع ڌاري اڇي موري شھر ۾ ويٺو، ھن جو ڏاڏو محمد حسن لغاري ۽ والد علي بخش لغاري پڻ صوفي راڳ ڳائيندا ھئا.[2]
پيشوار زندگي
سنواريوھن راڳ جي تربيت سندس والد کان حاصل ڪئي، ۽ 20 سالن جي ڄمار ۾ ھن صوفي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. ھن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، جانڻ چن ۽ راشد مورائي سميت ڪيترن شاعرن جا ڪلام ڳايا. ماڪا اسٽوڊيو پاران ھن جون 12/13 رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون رليز ڪيون ويون. ڪورونا وبا جي دؤران راڳ ويراڳ تي بندش سبب ھن جي مالي ۽ معاشي حالت تنگ ٿي پئي ۽ فاقاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي ڪا سار نه لڌي.[3]
وفات
سنواريوڪافي وقت کان جيري ۽ شگر جي بيماري ۾ مبتلا هو، ۽ 17 جُولاءِ نوابشاھ جي ھڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، ھن کي ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ دفن ڪيو ويو.[4]
ردعمل
سنواريوسندس وفات تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهہ، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، سيد زين شاھہ، ۽ غلام مرتضيٰ جتوئي ڏک جو اظهار ڪيو.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "سنڌ ڌرتيء جو نالي وارو صوفي راڳي سوڍل فقير هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو". web.archive.org. حاصل ڪيل 19 July 2024.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 "سوڍل فقير لغاري". www.encyclopediasindhiana.org. حاصل ڪيل 19 July 2024.
- ↑ نور خان, بکراڻي (19 جولاءِ 2024). "صوفي راڳي سوڍل فقير جو لاڏاڻو" (سنڌي ۾). عوامي آواز (روزاني عوامي آواز). https://awamiawaz.pk/1215713. Retrieved 19 جولاءِ 2024.
- ↑ 4.0 4.1 وحيد, مستوئي (19 جولاءِ 2024). "ناليوارو صوفي راڳي سوڍل فقير لغاري هميشه لاءِ وڇڙي ويو". روزاني عوامي آواز. https://thetimenews.tv/%D9%86%D8%A7%D9%84%D9%8A%D9%88%D8%A7%D8%B1%D9%88-%D8%B5%D9%88%D9%81%D9%8A-%D8%B1%D8%A7%DA%B3%D9%8A-%D8%B3%D9%88%DA%8D%D9%84-%D9%81%D9%82%D9%8A%D8%B1-%D9%84%D8%BA%D8%A7%D8%B1%D9%8A-%D9%87%D9%85%D9%8A/. Retrieved 19 جولاءِ 2024.