شيلا راماڻي

سنڌ ڄائي ھندوستاني اداڪاره

شيلا ڪيولراماڻي
معلومات شخصيت
ڄم 2 مارچ 1932[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
سنڌ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 15 جُولاءِ 2015 (83 سال)[3][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو اداڪار  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

شيلا راماڻي (انگريزي: Sheila Ramani)، (پيدائش: 2 مارچ 1932 — وفات 15 جُولاءِ، 2015)[4] جنهن کي شيلا ڪيولراماڻي جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هندوستان جي اداڪاره هئي. هن کي بالي ووڊ ۾ چيتن آنند متعارف ڪرايو. هن جي سڃاڻپ ٽيڪسي ڊرائيور فلم ۾ اداڪاري ۽ پهرين سنڌي فلم اباڻا ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. هي نوابشاھ، سنڌ[5] ۾ ڄائي ۽ هي چند اداڪارئن مان هڪ هئي جن سنڌي هوندي هندوستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو. شِيلا جي نشيلن نيڻن ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڪشش ھئي ۽ ھوءَ ھندستان ۾ وڏگھراڻي جي فيشني نخريلي ڇوڪريءَ طور مشھور ھئي. فلمن ۾ ھيروئن توڙي سائيڊ ھيروئن طور به اڪثر کيس ماڊ گرل وارا ڪردار ملندا ھئا.

ذاتي زندگي سنواريو

راماڻي کي مس شيملا جو تاج 1950ع ڌاري پارايو ويو. هن اڪثر فلمن ۾ امير ڇوڪري جو رول ادا ڪيو،[6] هن پاڪستاني فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هندوستان وئي ۽ اتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي.[7]

شادي کان پوءِ هي آمريڪا رهڻ لڳي. هن زندگي جا آخر ڏينهن مڌيا پرديش ۾ گذاريا. هي 15 جُولاءِ 2015ع ۾ وفات ڪري وئي.[8] هن جو مڙس جال ڪواسجي هن جي وفات کان 3 ڏهاڪا اڳ فوت ٿي چڪو هو، ان کان پوءِ پنهنجي ٻن پٽن راهول ۽ ظال سان گڏ رهندي هئي.[9]

فلمي زندگي سنواريو

  • آناند ماٿ (1952)
  • سُرنگ (1953)
  • تين بتي چار رستا (1953)
  • ٽيڪسي ڊرائيور (1954)
  • نوڪري (1954)
  • مانگو (1954)
  • مينار (1954)
  • ريلوي پليٽفار (1955)
  • فونتوش (1956)
  • انوکي (1956)
  • اباڻا (1958) — سنڌي
  • جنگل ڪنگ (1959)
  • آواره لڙڪي (1967)

شيلا راماڻيءَ جا وڌيڪ تفصيل سنواريو

فلمي صنعت تي 1950 ۽ 1960 واري ڏھاڪي ۾ شيلا راماڻيءَ نالي ھڪ اداڪارا راڄ ڪندڙ اداڪارا اصل سنڌياڻي هئي. سندس جنم 1932ع ۾ سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جي ننڍڙي شھر ڀريا ۾ ٿيو ھو. سندس جنم جي تاريخ ڪِن ھنڌن تي 2 مارچ ته ڪن ھنڌن تي 2 اپريل لکيل آھي پر جنم جو سال 1932ع ئي آھي. شِيلا جي ڄمار اڃان پندرھن ورھيه ھئي جو ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو. ان دوراننوابشاھ ۾ هڪ خوني واقعو ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسعود (کدرپوش) ڪرايو ھو، جنھن ۾ ھندستان لڏي ويندڙ سنڌي سِکن سان ڀريل ريل گاڏيءَ تي حملو ڪري سندن قتلام ڪرايو ويو. انھيءَ واقعي جي دھشت ڀريا جي ڪيولراماڻي گھراڻي کي به سنڌ ڇڏي ھندستان لڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. شيلا جو والد ايف ايم ڪيولراماڻي پنھنجي ٻارن ٻچن کي ته وٺي ھندستان ھليو ويو، پر سندن ڪي مائٽ ڪراچيءَ ۾ ئي اسلام قبول ڪري رھي پيا جن ۾ شِيلا جو ھڪ چاچو شيخ لطيف عرف لَڇُو به شامل ھو جيڪو اڳتي ھلي پاڪستاني فلمي صنعت جو مشھور پروڊيوسر ٿيو.

ھندستان جي ٻين علائقن مان ٿيندا نيٺ آخر ۾ شِيلا جي خاندان دھليءَ جي اُتر ۾ 290 ڪلوميٽر پري ھماليائي جبلن واري علائقي مسُوريءَ ۾ رھڻ لڳو، جتي ھنن مسواڙ تي ھڪ ڪاٽيج ورتو ھو. مسُوريءَ جي پُر فضا ماحول ۾ شِيلا پنھنجي سونھن ۽ صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1948 ۾ حُسن جي مقابلي ۾ حصو وٺي ”مِس مَسُوري“ جو اعزاز ماڻي ورتائين ۽ وري جلد ئي مَسُوريءَ جي حدن مان نڪري پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ۾ 1950 ڌاري ”مِس شِملا“ واري حُسن جي مقابلي ۾ شريڪ ٿي، اھو اعزاز به کٽي ورتائين. ايئن ڀريا ڄائي شِيلا ڪيولراماڻيءَ پنھنجي ڌرتيءَ کان ڌڪجي ڌار ٿيڻ باوجود ھمت نه ھاري ۽ ھندستان جي ان ڏورانھين علائقي ۾ ھڪ حيثيت ماڻي ورتي.

انھن ئي ڏينھن ۾ ڪيولراماڻي خاندان جي ھڪ ويجھي دوست شِري ناٿ جِي شِيلا جي سونھن ۽ صلاحيتن کي پرکي ورتو ۽ کيس ھندستان جي فلمي صنعت ۾ اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيولراماڻي خاندان جو شِري ناٿ جِيءَ تي وڏو ڀَروِسو ھو. مَسُوريءَ ۾ رھندڙ سندن انھيءَ دوست جي ڪوششن سان چَيتن آنند شِيلا کي فلمن ۾ آندو.

شِيلا جي پھرين فلم ”بدنام“ ھئي، جيڪا 1952 ۾ رليز ٿي. ھن فلم ۾ سندس نالو ھو ”چمپا“. انھيءَ کانپوءِ ھن لاءِ فلمي دنيا جا در کُلي ويا ۽ ھُوءَ ڏاڍي سهڻي ۽ پُرڪشش اداڪارا ھجڻ جي ڪري ھندستان جي فلمي صنعت تي ڇانئجي وئي. ساڳئي ورهيه ئي سندس ھڪ ٻي فلم ”آنند مٿ“ به رليز ٿي ۽ 1953 ۾ به ٻه فلون ”سُرنگ“ ۽ ”تين بتي چار راستي“ رليز ٿيس. ھدايتڪار شانتارام جي فلم ”تين بتي، چار راستي“ ۾ شِيلا ھڪ سنڌي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو، جنھن تي سنڌي ڪلام ”سِڪ ۾، او سِڪ ۾“ پڪچرائيز ڪيو ويو ھو. اھو گيت رام پنجواڻيءَ جو لکيل ھو ۽ باليووڊ جي مشھور موسيقار گلشن صوفيءَ ڌُن ڪمپوز ڪئي ھئي. گلشن صوفي پاڻ به سنڌي ھو. پر شِيلا کي سڀ کان وڌيڪ مڃتا ۽ مشھوري 1954ع ۾ رليز ٿيل اداڪار ديوآنند جي فلم ”ٽيڪسي ڊرائيور“ سان ملي، جنھن ۾ ديوآنند سان ھيروئن طور ته ڪلپنا ڪارتڪ ڪم ڪيو ھو، پر شِيلا کي ھيروئن کان به تمام گھڻو پسند ڪيو ويو، جنھن ان فلم ۾ ھڪ اينگلو انڊين ڪلب ڊانسر جو ڪردار ادا ڪيو ھو. انھيءَ فلم ۾ سندس نالو ھو سِلوِي. ساڳئي ورهيه ئي سندس ٽي ٻيون فلمون ”نوڪري“، ”منگو“ ۽ ”مينار“ مارڪيٽ ۾ اچي ويون. 1955ع ۾ سندس فلم ”ريلوي پليٽفارم“ ۽ 1956 ۾ ”فنٽوش“ رليز ٿي ۽ انھيءَ ورهيه ئي شِيلا جي پاڪستاني فلم ”انوکي“ به رليز ٿي، جنھن لاءِ ھوءَ پنھنجي چاچي شيخ لطيف جي چوڻ تي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ آئي ھئي. شِيلا انھن ڪجهه فلمي اداڪارائن مان ھڪ ھئي، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ وري پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آيون ھيون ـ فلم ”انوکي“ ھاليووڊ جي فلم ”فيبيولس سينوريٽا“ جي ڪھاڻيءَ کان متاثر ٿي ٺاھي وئي ھئي، پر پاڪستان ۾ ان وڏو بزنيس ڪيو. فلم ۾ زبيده خانم جو ڳايل گانو ”گاڙي ڪو چلانا بابُو ذرا ھلڪي ھلڪي ھلڪي، ڪھين دل ڪا جام نه ڇلڪي“ تمام گھڻو مشھور ٿيو ھو ـ فلم جي موسيقي حسن لطيف ۽ ھڪ بنگالي موسيقار تِمر بارن ڪمپوز ڪئي ھئي. شِيلا جو چاچو شيخ لطيف مشھور پروڊيوسر ھو، جنھن جون فلمون رتن، خزان ڪي بعد ۽ دربارِ حبيب مشھور ھيون.

شِيلا ڪيولراماڻيءَ کي اھو به اعزاز حاصل ٿيو ته ھن ھندستان ۾ ٺھيل پھرين سنڌي فلم ”اباڻا“ (Abanna) ۾ ھيروئن جو ڪردار ادا ڪيو. ”اباڻا“ فلم ورھاڱي سبب سنڌ مان سنڌي ھندن جي لڏپلاڻ واري موضوع تي ٺھيل ھئي. ھيءَ فلم 1958ع ۾ رليز ٿي، جنھن ۾ شِيلا ھڪ وچولي طبقي جي ڪُٽنب ۽ ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ پيءُ جي ڌيءَ ۽ ھڪ معصوم پريميڪا جو ڪردار ادا ڪيو ھو، جيڪا شڪ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ نيٺ ورھاڱي کانپوءِ ان شڪ جو نبيرو ٿئي ٿو. ساڌنا شِوداساڻي (Sadhina Shivdasaanni)، ھڪ ٻي سنڌياڻي، جيڪا پاڻ به اڳتي ھلي باليووڊ جي مشھور اداڪارا ٿي، ھن فلم ۾ شِيلا جي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو ھو. ان حوالي سان به ھڪ دلچسپ ڳالI مشھور آھي ته ساڌنا فلم جي شُوٽنگ وقت شِيلا کان جڏھن آٽوگراف گھريو ته ھن اھو چئي انڪار ڪيس ته ”ھڪ وقت ايندو جڏھن مان توکان آٽوگراف وٺنديس“، ۽ سندس چوڻ صحيح ثابت ٿيو جو ساڌنا باليووڊ جي وڏي اداڪارا بڻجي وئي.

شِيلا جي ٻين فلمن ۾ جنگل ڪِنگ (1959)، دي رٽرن آف مسٽر سُپرمئن (1960) ۽ آوارا لڙڪِي شامل آھن جڏھن ته 1962u ۾ رليز ٿيل فلم ”مان بيٽا“ سندس آخري فلم ھئي جنھن کانپوءِ 1963 ۾ شادي ڪري شِيلا فلمي دنيا کان سدائين لاءِ الڳ ٿي وئي. ايئن ھوءَ ھڪ طوفان جيان ھندستاني فلمي صنعت تي ڇانئجي سورھن (ڪجھه اخباري رپورٽن موجب 18 فلمون) فلمن ۾ ڪم ڪري 1950ع ۽ 1960ع واري ڏھاڪي کي يادگار بنائي گُم ٿي وئي ۽ وڏي عرصي تائين ڪنھن کي به خبر ڪانه ھئي ته شِيلا ڪٿي آھي،

شِيلا ڪيولراماڻيءَ ھڪ پارسي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجي Jall Edi Cowasji سان شادي ڪئي ھئي، جنھن کانپوءِ هنن ڪجهه وقت ممبئيءَ ۾ گذاريو ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ به رھيا. شِيلا شاديءَ کانپوءِ فلمي صنعت کان انھيءَ ڪري پري ھلي وئي جو ھن پنھنجي ڪُٽنب کي ئي فلمي دنيا کان پري رکڻ ٿي گھريو. کيس ٻه پُٽ ڄاوا جن مان ھڪ راھُل (Rahul) وڏو ٿي پائلٽ ٿيو.

راھُل جي چوڻ موجب شِيلا 31 مارچ 1963ع تي صنعتڪار جال ايڊي ڪائوسجيءَ سان پرڻو ڪيو، جيڪو رنگساز ڪمپني بمبئي ڊائنگ جو مالڪ ھو. شاديءَ کانپوءِ ھُو ممبئي ۾ رھيا، جنھن کانپوءِ ٽي ورهيه خرطوم ۽ ٽي ورهيه سريلنڪا ۾ رھيا. 1984ع ۾ مُڙس جي وفات کانپوءِ شِيلا پنھنجي ٻارن کي وٺي آسٽريليا ھلي وئي، جتي ھُوءَ سڊني ۽ سرفرس پئراڊائيز ۾ رھي. نئين صديءَ جي ابتدا ۾ سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي ته ھوءَ ڀارت جي مڌيه پرديش رياست جي شھر اندور ۾ مَھو Mhow واري علائقي (ھڪ اڳوڻي ڇانوڻي، جنھن کي 2003 ۾ ڊاڪٽر امبدڪر نگر جو نالو ڏنو ويو) ۾ پنھنجي مڙس جي گھر ۾ اچي رھڻ لڳي ۽ اُتي ئي 15 جولاءِ 2015 تي لاڏاڻو ڪري وئي.

شِيلا جو فرزند راھل ٻڌائي ٿو ته سندس امڙ راندين جي شوقين ھئي ۽ فٽبال ۽ سُئمنگ گھڻو پسند ھيس. ”بال روم ڊانسنگ جي ته وڏي ھَير ھيس ۽ اڪثر ڊانس لاءِ ھلي ويندي ھئي،“ ھن ھڪ ھندستاني اخبار کي انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو ته پنج فُٽ چار انچ قد واري ھيءَ سندس سنڌياڻي ماءُ ڪپڙن لٽن جي به ڏاڍي شوقين ھئي ۽ وٽس ايترا ته وڳا ھوندا ھئا جو ھڪ وڳي جو ٻيھر پائڻ جو وارو ڇھن مھينن کان اڳ ڪونه ايندو ھو.

نوشھري فيروز ضلعي جي شھر ڀريا جا ڪي جھونا اڄ به ٻڌائن ٿا ته جڏھن فلم ٽيڪسي ڊرائيور رليز ٿي ھئي، تڏھن سندس گھراڻي کي سڃاڻيندڙ ھندو سنڌين ٻڌايو ھو ته شِيلا ڀريا جي آھي. [10][11][12][13][14][15][16]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. http://naidunia.jagran.com/madhya-pradesh/indore-the-famous-actress-sheila-ramani-died-424224
  2. 2.0 2.1 IMDb ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=345&url_prefix=https://www.imdb.com/&id=nm0708012 — اخذ شدہ بتاریخ: 13 جُولاءِ 2016
  3. http://www.thesindhtimes.com/entertainment/heroine-of-famous-sindhi-film-abbana-sheila-ramani-dies/
  4. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Sheila Ramani»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  5. "راماڻي شيلا". Encyclopedia Sindhiana. حاصل ڪيل 20 July 2018. 
  6. Gupta, Ranjan. "A brother remembers". The Hindu. حاصل ڪيل 3 January 2013. 
  7. "Sheila Ramani - Profile". Cine Plot. حاصل ڪيل 28 December 2012. 
  8. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-11-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-20 
  9. http://timesofindia.indiatimes.com/entertainment/hindi/bollywood/news/Sheila-Ramani-1950s-star-no-more/articleshow/48093194.cms
  10. ساهتي شهر ڀريا ڄائي؛ باليووڊ تي راڄ ڪندڙ اداڪارا شيلا راماڻي، نصير اعجاز جو لکيل مضمون، 16 ڊسمبر 2018 تي ڪاوش اخبار جي ھفتيوار مئگزين ۾ ڇپيل
  11. http://naidunia.jagran.com/…/indore-the-famous-actress-shei[مئل ڳنڍڻو]
  12. http://hhshribholanathjimemories.blogspot.de/2012/07
  13. اخبار ”دي ھندو“ ۾ گُپتا رنجن جو ڇپيل مضمون "A brother remembers"
  14. ويب سائيٽ "Sheila Ramani - Profile". Cine Plot
  15. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2021-01-20 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-20 
  16. ويب سائيٽ wikipedia